وڌندڙ صنفي اڻبرابري

اسان جي معاشري ۾ عورتن کي انهن جا جائز حق نٿا ڏنا وڃن. اسان جي ملڪ ۾ عورتن جو تعداد مردن جي برابر آهي. پر مرد حاوي معاشري ۾ عورت مظلوم آهي. هتي صنفي اڻبرابري عروج تي پهتل آهي. هتي بنت حوا سان ابن آدم جو سلوڪ جانورن کان به بدتر رهيو آهي ۽ رهندو پيو اچي. عورتن کي نه صرف تعليم پر انهن کي فيصلي ڪرڻ جا حق به ڪونهي. انهن جي زندگي سڳو ڏينهن گهر جو ڪم ۽ ٻارن جي پرورش ڪندي گذرندو آهي پر ان جي اهڙي عظيم ڪم جو ڪڏهن به ڪٿي به مڃتا ملي سگهي آهي. عورت صرف گهر ۾ ڪم ڪو نه ڪندي آهي عورت فيڪٽرين ۾ مزدوري پڻ ڪندي آهي، عورت زراعت جو ڪم پڻ ڪندي آهي عورت روڊ ۽ رستن ٺاهڻ ۾ نمايان ڪردار ادار ڪندي آهي. اڄ جي عورت ڪمزرو نه پر هڪ طاقتور عورت آهي. جنهن کي جيڪڏهن معاشي ترقي لاءِ موزون رستا فراهم ڪيا وڃن ته اسانجو ملڪ معاشي طرح سان سگهارو ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه  تاريخ گواه آهي ته اسان جي ملڪ جي آزادي ۾ عورتن وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي پر اڻبرابري جي تصور جي ڪري انهن کي اڄ ڏينهن تائين اهو حق ناهي ملي سگهيو ته ڪو هڪ ڏينهن انهن جي  لازوال قرباننين کي ياد ڪيو وڃي. پاڪستان جي تحريڪ ۾ صرف مردن کي هيرو جي ڪردار سان نوازيو ويو آهي. عورتن جو ته ڪٿي ذڪر ئي نٿو ملي . سواء ٻن عورتن جي هڪ فاطمه جناح ۽ ٻي بيگم رانا لياقت علي. انهن جو ذڪر به انهي ڪري آهي ته انهن جو پس منظر قائد اعظم ۽ لياقت علي سان گنڍجي ٿو. باقي ٻين عورتن جي ڪردار جو ڪٿي به ذڪر نظر نٿو اچي. جنهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون هن قوم جي آزادي لاءِ.

مفاهدن جي جنگ ۾ عورت کي صرف پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. پر جڏهن انهن جي جائز حقن جي ڳالهه ايندي آهي انهن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. عورت نه صرف ٻارن جو پر پوري گهر جو خيال رکندي آهي. ڪيڏي نه عظيم آهي عورت پر افسوس جو اسان جو معاشرو ان کي جئين آهي تئين تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. اسان جي معاشر ۾ صورتحال اها آهي ته جيڪڏهن ڇوڪري پيدا ٿي ٿئي ته عورت لاءِ عذاب شروع ٿي ويندو آهي. چوڻ جو مطلب ته ڄمڻ سان ئي عورت کي انهن زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو آهي انهن جي اڻبرابري وارو تصور ته ڄمڻ مهل ئي شروع ٿي ويندو آهي.اسان جي معاشري ۾ عورت کي مرد جي سوچ کان اڳتي سوچڻ جو ڪو به حق ناهي عورت صرف اهو ڪري سگهي ٿي جيڪو هڪ مرد سوچي. هو پنهنجين خواهشن جو اظهار نٿي ڪري سگهي هو ڪنهن سان کلي ڳالهائي نٿي سگهي . هوءِ ڪنهن سان پنهنجي پسند سان شادي نٿي ڪري سگهي . هو ڪنهن سان آزادي سان گهمي نٿي سگهي. پر مرد سڀ ڪم انتهائي آساني سان ڪري سگهي ٿو. اڻبرابري وارو سلوڪ اسان جي معاشري ۾ عورت سان هر جگهه ٿئي پيو. عورت ۽ مرد جي وچ ۾ سماجي ۽ معاشرتي تفاوتن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. عورت کي اُهي سڀ جائز حق ڏانا وڃن جنهن جو اهي حقدار آهن مثال طور تعليم، صحت، فيصلاسازي، ۽ وغيره. انهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر کي ختم ڪري انهن کي معاشي ميدان ۾ موقعا فراهم ڪيا وڃن. اسان جيڪڏهن هڪ بهتر معاشرو تعمير ڪرڻو آهي ته ان ۾ صرف عورت ئي پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري انهن سان ٿيندڙ سڀني ناانصافين ۽ اڻبرابرين کي ختم ڪيو وڃي.

امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق

 

دنيا جي وجود ۾ اچڻ کان ئي مخالفت جو رجحان پيدا ٿي ويو هو. ڇاڪاڻ ته ساڳي سوچ ۽ لوچ رکندڙ انسان ۽ انهن جو هڪٻئي سان گڏ رهڻ فطرت ۾ شامل ناهي رهيو . خدا جي اڳيان آدم جي پيدائش جي مخالفت ڪندڙ ملائڪن جي ذهن ۾ اڻبرابري جي سوچ سمايل هئي . پر خدا ضد ڪري آدم جو بت ٺاهي ان کي انسان بڻائي پيدا ڪري ملائڪن سان اڻبرابري جو سلوڪ ڪيو، پر انسانذات کي رستو ڀٽڪائڻ لاء شيطان جي صورت ۾ عزازيل جن کي جُستجو تي لڳائي اهو ڪري ڏسيو ته . مخالفت هر جگه هر هنڌ هر وقت ٿيندي رهندي .اُن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين دنيا جي هر کنڊ ڪڙچ ۾ مخالفت ۽ اڻبرابري جو رجحان رهندو پيو اچي . هتي هر ڪو پاڻ کي وڌيڪ لاڀائتو سمجهي ٿو انهن سبب جي ڪري اڄ ڏينهن تائين دنيا جي ڳولي تي امن قائم ناهي رهي سگهيو .دنيا کي ڇڏي ڪري، جيڪڏهن اسان پاڪستان جي ڳالهه ڪيون ته هتي اڻبرابري جو رحجان هر پاسي هر جگهه واضع نظر ايندو .

اميرن ۽ غريبن جي زندگي هڪٻئي جي بلڪل ابتڙ نظر ايندي . اميرن لاء هر قسم جون سهولتون موجود هونديون آهن پر غريبن کي انهن جا بنيادي حق حاصل ڪرڻ لاء  احتجاج ڪرڻ جي به اجازت ناهي . اميرن جا ڪُتا اي سي وارين  گاڏين ۾ گهمن ٿا ،گوشت کائين ٿا ۽ غريب ماڻهو سڄي ڏينهن جي محنت کان پوءِ به پنهنجي ٻچن جي ماني لاءِ پريشان هوندو آهي . ڇاڪاڻ ته اسان جي هن بي رحم معاسري ۾ زندگي گذارڻ جا سڀ اصول اميرن جا اڏيل آهن . غريبن جي حقن تي امير ڌاڙا هڻي منهنجون سلطنتون ٺاهن ٿا ۽ غريبن جا تقريبن سڀ حق اميرن جي لاڪر ۾ محفوظ ٿيل آهن ۽ اهو جئين چاهين تئين غريب ماڻهن کي استعمال ڪري سگهن ٿا .اسان جو سماج گھڻ رخو سماج آهي . هتي ڀوتارڪو نظام پنهنجي مضبوط بنياد سان اڄ به قائم و دائم آهي . جاگيرداراڻي نظام هجڻ ڪري اسان جي معاشري ۾ مزدور طبقي کي انتهائي گهٽ قيمت تي سڄي زندگي پيڙهيو ويندو آهي .اسان جي ملڪ ۾ هر لحاظ سان اڻبرابري جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي . هتي قانون ۽ انصاف جي ڳالهه ڪرڻ اجائي آهي . هتي وڏيرو، اثررسوخ رکندڙ، جاگيردار، سرمائيدار قانون کي پئسن عيوض انتهائي آساني سان خريد ڪري غريب عوام جو رت چوسين ٿا. اسان جي معاشري ۾ ڪجهه ماڻهن دولت جا انبار گڏ آهن ته ڪجهه وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. معاشري ۾ معاشي ۽ سماجي ناهمواري گهٽ ٿئيڻ جي بدران وڌي پئي. اسن جي معاشري ۾ ماڻهو کي گهٽ پر پئسي کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. اسان جي حڪومي جي ادارن کي اها درخواست آهي ته وڌندڙ سماجي ۽ معاشري ناهموارين کي ختم ڪري ۽ بربراي وارو معاشرو اڏيو وڃي ته جئين غريب به پنهنجي زندگي سٺي نموني سان گذاري سگهن. عدل تي منبي نظام ٺاهڻ لاءِ اسان سڀني کي جدوجهد ڪرڻي پوندي. خاص طور تي نوجوانن کي جيڪي هن معاشري جي اڌ کان وڌيڪ آبادي آهي