ڇا الو، ولو ۽ گُلو هڪڀيرو ٻيهر هڪجهڙا ٿي ويندا

الو، ولو ۽ گلو ٽيئي هڪ ئي ڳوٺ ۾، هڪ جهڙي ئي حالت ۾ ۽ هڪجهڙن ئي جذبن ۽ احساسن سان پيدا ٿيا. توڙي جو الو، هاري جي گهر ۾، ولو ڪمدار جي گهر ۾ ۽ گُلو وڏيري جي گهر ۾ اک کولي هئي پر هن دنيا ۾ پهريون ڀيرو اک کولڻ وقت انهن ۾ ڪو به فرق نه هو. پر پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تئين تيئن اهي هڪٻئي کان هيٺ مٿي ٿيندا ويا. هلندي هلندي هيل تائين نالن کان ويندي سندن حالن تائين ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي. ننڍي هوندي ڳوٺ جي گهِٽين ۾ مٽي جي ڍير تي جڏهن اهي گڏجي کيڏندا هئا تڏهن ويجهي کان به ڪنهن کي ڪا خبر نه پوندي هئي ته انهن مان الو ڪهڙو آهي ته ولو ڪهڙو يا  وري ولو ڪهڙو ته گلو ڪهڙو، پر هاڻي پري کان ئي کين هرڪو ئي سڃاڻي پيو سگهي.

الو هاري جي گهر ۾ پئدا ٿيو هو سو هاري ئي رهيو، ولو ڪمدار جي گهر ۾ ڄائو سو هُو ٻيو نه ته به پرائمري ماستر ٿي ويو ۽ گلو، جيئن ته ڳوٺ جي وڏيري جي گهر ۾ اک کولي هئي ۽ اهو پڙهي لکي آفيسر به ٿي ويو هو سو اهو هاڻي وڏيرو گل محمد خان صاحب ٿي ويو هو. انهن ۾ اهڙا ويڇا وڌائڻ ۾ نه رڳو رعايا پر رياست جو به وڏو ڪردار آهي. رعايا ته وتائي کان وٺي  اڇن ڪپڙن کي ئي عزت ڏيندي رهي آهي پر اها رياست ئي آهي جيڪا اڇي ڪاري جي مالڪ هجڻ جو ناجائز فائدو وٺندي هڪڙن کي ڇنڊ ڦوڪ جي لاءِ اڇا ڪپڙا ٿي پارائي ته ٻين کي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ گندي ۽ گوڏ به نٿي ڏئي. ٻين معاملن ۾ ته قانون جو منهن اڇو آهي پر ڪي انياءَ اهڙا به آهن جن ۾ خود قانون جا هٿ به ڪارا آهن. جيئن مثال جي طور تي سرڪاري ملازمن جي سيلري سلپ ئي کڻي ڏسجي ته اکين آڏو اوندهه اچي ٿي وڃي. الو وٽ ته نه نوڪري آهي نه ئي سيلري سلپ، پر ولي محمد جي سيلري سلپ ۾ ميڊيڪل الائونس، ڪنوينس الائونس توڙي هائوس رينٽ سوَن ۾ لکيا پيا آهن ته ٻئي پاسي وڏيري گل محمد خان صاحب جي سيلري سلپ ۾ اهي ساڳيون ئي سهولتون هزارن ۾ لکيون پيون آهن.

اها ڳالهه ته هرڪوئي سمجهي ٿو ته ڪو هاري مزدور هجي يا ڪو کڻي ماستر يا آفيسر، پر الله سائين ساهه ته سڀني کي ساڳيو ئي ڏنو آهي سو انساني بنيادي ضرورتون ته ساڳيون ئي هونديون آهن پر انڌير نگري اها آهي جو هي سيلري سلپ ظاهر ڪري ٿي ته گهٽ اسڪيل وارو ملازم جهوپي ۾ رهي، کٽارا گاڏين ۾ سفر ڪري ۽ بيمار ٿئي ته عطائي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ وڏي اسڪيل وارو ملازم هڪ شاندار گهر ۾ رهي، وڏين گاڏين ۾ گهمي ڦري ۽ بيمار ٿئي ته ڪنهن هوائي توائي بدران اسپيشلسٽ کان علاج ڪرائي! اصولي طور تي هجڻ ته هينئن گهرجي ته اسڪيل جي بنياد تي بنيادي پگهار ۾ ڀلي کڻي زمين آسمان جو فرق هجڻ گهرجي پر بنيادي ضرورتن جي حوالي سان ته سڀئي برابر هجڻ گهرجن. ائين ڪرڻ سان به الو، ولو ۽ گلو هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙا هڪجهڙا ته ڪونه ٿي سگهندا جهڙا ننڍي هوندي هوندا هئا، پر ايترو ضرور ٿيندو جو قانوني طور تي سندن بنيادي ضرورتن کي گهٽ ۾ گهٽ برابري جو درجو ته ملي ويندو

342 غريب ماڻهن جو ملڪ

هن ملڪ ۾ غريب ماڻهن جو ڪل تعداد 342 آهي ۽ باقي 20 ڪروڙ کان مٿي سڀئي امير ماڻهو آهن. جيئن ته هن ملڪ ۾ غريبن جو تعداد سَوَن ۾ ۽ اميرن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي سو هتي جا امير ماڻهو ڏاڍا رحمدل ۽ ٻاجهارا آهن. اهي غريب ماڻهن جو تمام گهڻو خيال ڪن ٿا ۽ کين ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪرڻ ڪونه ٿا ڏين. انهن 342 غريب ماڻهن جي لاءِ دنيا جي هر سهولت جو بندوبست ڪيو ويو آهي. انهن ماڻهن مان جيڪڏهن ڪو بيمار ٿو ٿئي ته علاج لاءِ کيس لنڊن موڪليو ٿو وڃي. انهن جي ٻارن کي تعليم لاءِ عالمي سطح جي ادارن ۾ داخل ڪرايو ٿو وڃي. نه رڳو ايترو پر هن ملڪ جي انهن 342 غريب ماڻهن جي لاءِ هڪڙي شاندار ڪينٽين جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مهانگائي نالي ڪا به شيءِ ناهي. اوهان جي دل مڃي يا نه پر حقيقت اها ئي آهي ته غريبن جي انهي ڪينٽين ۾ چانهه ۽ ماني جي قيمت فقط هڪ هڪ روپيو آهي. گوشت 21 روپين جو ته مڇي رڳو 13 روپين جي آهي. 342 غريبن جي لاءِ اتي برياني فقط 8 روپين جي آهي ۽ سائي ڀاڄي بس 4 روپيه. وڏي ڳالهه اها ته انهن 342 غريبن مان هر هڪ جو ماهوار پگهار تقريباً 280000 رپيا آهي. انهن غريب ماڻهن کي قيمتي گاڏيون ۽ شاندار گهر عطا ٿيل آهن. اهي غريب ماڻهو هن دنيا جي هر غم کان آزاد آهن. اهي غريب ماڻهو ئي هن ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن جيڪي پنهنجي مرضي سان مختلف وقتن تي مختلف شين جا اگهه چوٽ چاڙهيندا رهندا آهن ۽ 20 ڪروڙ امير ماڻهن تي نئين سج نوان ٽيڪس لڳائيندا رهندا آهن. هن ملڪ جي 20 ڪروڙ کان مٿي امير ماڻهن کي جيئن ته پئسي وغيره جي ڪا به پرواهه ناهي سو اهي انهن ڳالهين کي ڪن ئي نه ڏيندا آهن ۽ هر پنجين سال جڏهن اهي غريب ماڻهو پيرن مرشدن جيان کين زيارت ڪرائڻ لاءِ ايندا آهن تڏهن هي به چيلن ۽ مريدن جيان سندن آڌرڀاءُ ڪندا آهن. هن ملڪ جا 20 ڪروڙ کان مٿي امير ماڻهو هر حال ۾ خوش رهندا آهن، تاڙيون وڄائيندا آهن. ٻاڪڙا هوٽلن تي چانهيون پيئندا آهن ۽ فلمون ڏسندا آهن. گانا ٻڌندا آهن ۽ ٻيڙيون پيئندا آهن. ڳالهه جو تت اهو ته، چئي سگهجي ٿو ته ڌرتي جي گولي تي هي پنهنجي نوع جو هڪ انوکو ملڪ آهي، جتي 342 غريب ۽ 20 ڪروڙ کان مٿي امير ماڻهو رهن ٿا ۽ اها به هڪڙي انوکي حقيقت چئبي ته هن ملڪ جا 342 ماڻهو سڀڪجهه هوندي به غريب آهن ۽ باقي 20 ڪروڙ کان مٿي وارا، ڪجهه به نه هوندي به امير آهن.

***********