معاشري جومظلوم طبقو

هن حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پاڪستان هڪ زرعي ۽ صنعتي ملڪ آهي. جنهن جو شمار دنيا جي چند اهڙن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جتي  بدقسمتي سان اڄ تائين انهنٻن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ وارن محنت ڪش مزدورن ۽ هارين جي مڪمل طور تي ڪا به سار سنڀال يا ڌيان نه ڏنو ويو آهي. پاڪستان جهڙي معاشري ۾ هارين ۽ مزدورن جو هر دور ۾ معاشي ۽ سماجي استحصال ڪيو ويو آهي. مزدورن ۽ هارين جي مسئلنکيملڪ جي اعليٰ اقتدار، ايوانن ۽ حڪومتي ادارن تائين پهچائڻ لاءِ حڪومت خد هڪ وڏي رڪاوٽ ۽ للڪار آهي.

ملڪ جي مجموعي ترقي ۾سڀ کان پهرين مزدور ۽ هاري طبقي جو وڏو هٿ هوندو آهي. ڇو ته اِهي اسان جي معاشري جا ٻه اهڙا ستون آهن جيڪي بنيادي معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آهن. پر ان جي عيوض انهن جي زندگي تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ پيچيدگين سان ڀري پئي آهي. اھي هاري ۽ مزدور پنهنجن ٻارن کي سٺي تعليم، صحت ۽ ان قسم جون ٻيون بنيادي سهولتن مهيا نٿا ڪري سگهن. ان طبقي جي پوري زندگي معاش جي جنگ ۽ جدوجهد ۾ گذري ويندي آهي. اسان جي ملڪ جو سياسي ڍانچو ڪجهه اهڙي انداز سان ٺهيل آهي جتي انهن کي معاشي اڻبرابري، بک ۽ بدحالي  ۽ اهڙين ٻين نامناسب روين کي منهن ڏيئڻو پوندو آهي. هارين ۽ مزدورن سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ڏاڏاين جو اهم سبب ملڪ ۾ موجود غيرمنصفانه سياسي معاشي نظام آهي.

پاڪستان ۾ هزارن جي تعداد ۾بين القوامي، قومي ۽ مقامي ادارا مزدورن ۽ هارين جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. بانڊيڊ ليبر جي هڪ سروي مطابق  اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته مزدورن ۽ هارين جي بنيادي حقن لاءِ ايترو ڪم ٿيئڻ جي باوجود به اھُي طبقا محرومي ۽ استحصالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. مزدورن، هارين، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ويڙهه صدين کان هلندي پئجي اچي. هر دور ۾ غريب طبقو پيڙجندو پيو اچي، اهو ان ڪري  ته امير پنهنجي دولت ۽ طاقت جي زور تي غريب طبقي جي استحصالي ۾ گهٽ نه ڪندو آهي. صدين کان هلندڙ هي ويڙهه موجوده دور ۾ به قائم و دائم آهي پر ان جا ڪجهه لاڙا ۽ رويا تبديل ٿي ويا آهن يا انهن ۾ جدت اچي ويئي آهي.اڄ به هاري زمين جي ڇاتي چيري ان مان ان اپائي ٿو ۽ مزدرو پنهنجي جسماني سگهه ۽ طاقت سان هي وڏيون وڏيون بلڊگون ۽ ان قسم جا ٻيا انيڪ ڪم ڪندو آهي پر افسوس انهن جي زندگي کي بک ۽ بدحالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نصيب ناهي ٿيندو.

(ILO)International Labor Organizationجي وصف جي مطابق جبري مشقت هر اهو ڪم آهي جيڪو ڪنهن شخص جي مرضي جي خلاف ان کان ورتو وڃي ۽ اهو شخص ان ڪم کي سزا جي طور ڪرڻ تي مجبور هجي. اسان جي معاشري ۾ هارين ۽ مزدرون کان جبري پورهيو ڪرايو ويندو آهي پوءِ انهن کي قرض ڏيئي ڪنهن وڏيري يا سرمائيدار هيٺ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. اهو رويو جبري مشقت جي ذُمري ۾ اچي ٿو، جيڪو هڪ تمام وڏو ڏوهه آهي. ان کان علاوه موجوده دور ۾ غلامي پڻ هڪ جبري مشقت آهي. خاص طور تي ايشيا کنڊ جي زرعي معاشرن ۾ ان قسم جا رويا ۽ لاڙا اسان کي عام جام نظر اچن ٿا. اسان جي معاشري ۾ اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن پيءُ ڪنهن زميندار يا جاگيردار جو هاري آهي ته پٽ به انهن زميندار ۽ جاگيردار جو غلام ٿي پوري زندگي بصر ڪندو. هاڻي اهڙي غير انساني رويي کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي ڇو ته انسان غلام نه پر آزاد پيدا ٿيو آهي ان کي پنهنجي زندگي آزادي ۽ عزت سان گذارڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي.

هون جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جبري مشقت پاڪستان ۾ تقريبن هر شعبي ۾ اسان کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نظر ايندي. عورتن کان وٺي ٻارن تائين اسان جو معاشرو ملڪل طور تي جبري پورھيو تي مشتمل آهي. هڪ هاري کان وٺي اهو مزدور جيڪو سرن جي بٺي ۾ تپندڙ باهه جي سامهون پنهنجي پوري زندگي نڇاور ڪري ڇڏيندو آهي.اهي ماڻهون اسان جي معاشري جي اڏاوت، سماجي بهبود، ۽ معيشت جي ترقي ۽ اڀار ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪندا آهن. پر بي رحم معاشرو انهن کي انهن جا جائز حق ڏيئڻ کان هميشه ڪيٻائيندو رهيو آهي.

هاڻي  هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انهن مسئلن جو ذميوار ڪير آهي؟ حڪومت ،وڏيرو، جاگيردار،مالڪ يا عام ماڻهو؟ جئين ته آئون پهرين ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته اسان جو سياسي ۽ حڪومتي ڍانچو، جاگيردار ۽ سرمائيدار ۽  ملڪ جو پورو نظام ئي اهڙين روين جو ذميوار آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مزدور ۽ هارين کي پنهنجا جائز بنيادي حق نٿا ڏنا وڃن.

پاڪستان جي آزادي کي 70 سال گذرڻ جي دوران ملڪ ۾ هزارين مسئلا موجود آهن. ملڪ ايستائين ترقي ناهن ڪندا جيستائين ايوانن ۾ ٺهيل قانونن کي صحيح طرح سان عمل ۾ نه آڻبو ۽ انهن کي لاڳو نه ڪيو ويندو. انهن روين جا ذميوار اسان جا موجوده سياسي سربراهه آهن جنهن جو ڪم عوام جي خدمت ۽ رليف ڏيڻ آهي. اليڪشن ويجهو اچڻ وقت هر اهوسياسي اڳواڻ  هر ان غريب تائين پهچي وڏي زور ۽ شور سان تقريرون ڪندا آهن. ايئن لڳندو آهي ڄڻ هن مهل هن گھڙي هن عوام کي هي وڏو رليف ڏيندا. پر جڏهن اليڪشن جو مرحلو پورو ٿي چونڊيل نمائندا جڏهن پنهنجي ڪرسي تائين پهچندا آهن ان کان پوءِ اهائي ساڳي غريب عوام جنهن ان ليڊر کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ان منزل تائين پهچايو ان چونڊيل ليڊر جي اها ذميواري آهي ته ان ساڳئي غريب عوام جنهن هن کي قيمتي ووٽ ڏيئي منزل تائين پهچايو ان جي غربت کي ختم ڪري انهن جي ٻارن جي تعليم جو بندوبست ڪري، سستي صحت جون اسپتالون قائم ڪري. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ تائين پاڪستان ۾ اهو ڪو به ذميوار چونڊيل نمائندو ڪونه چونڊجي آيو آهي جيڪو خاص طور تي غريب عوام، مزدور جيڪو سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ جي دوران مشڪل سان ٻه وقت ماني کائيندو آهي.

ان کان علاوه غريب عوام ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندي پئي وڃي ۽ امير ڏينهون ڏينهن اميرٿيندو پيو وڃي هڪ غريب مزدور جيڪو بٺي تي 12 کان 16 ڪلاڪ ڪم ڪندڙ هن ڏکن سُکن واري زندگي ۾ به پنهنجي منزل ڏانهن گامزن آهي.  اڄ اسان جي معاشري ۾ هڪ غريب مزدور جيڪو سرن جي بٺي تي ڏينهن رات محنت ڪری انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو به سماجي تحفظ نه مليل آهي. بٺي تي ڪم ڪندڙ مزدور سان گڏوگڏ انهن جي ٻارن جي تعليم جو ڪو بندوبست نه آهي. انهن جي ٻارن سان جنسي ڏاڍ sexual abuse غير سماجي ۽ انسانيت جي توهين ڪندڙ عمل جنهن ۾ وڏي عمر جو فرد عاقل يا بالغ ٻارن کي جنسي لاڳاپن لاءِ black mail  ڪرڻ يا پاڻ ۾ ٿيندڙ غيرسماجي ڪمن يا ڳالهين جو ٻئي ڪنهن تائين پهچائڻ، جنهن سان ٻار کي برو لڳي يا شرم محسوس ٿئي ٻارن سان جنسي ڏاڍ وڏي عروج تي پهتل آهي. هڪ غريب جبري مشقت ڪم ڪندڙ مزدور هڪ مخصوص قسم جي زندگي گُذارين ٿا، جيڪا تنهائي، اداسي، ۽ خاموشي کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. جنهن سان انهن جي ٻارن کي معاشري ۾ وڌڻ ۽ هڪ سٺو مقام حاصل ڪرڻ جا امڪان بلڪل به نه ٿا ٿين. ايئن جبري ڪم ڪندڙن جي ٻارن جو مستقبل تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ٿو ۽ هي قدرت جي طرفان مليل تحفو حسين زندگي بس هڪ خواب رهجي وڃي ٿو. ملڪ ۾ هر اداري ۾ قانون لاڳو ٿيل آهي پر تنقيد سان چوڻو ٿو پوي ته انهن قانونن تي مناسب طرح سان عمل نه پيو ٿيئي.

اهڙي طرح اسلامي جھموريه پاڪستان جي دستور جي دفعه نمبر 11 جي شڪ تحت هر قسم جو جبري ڪم کان منع ڪيو ويو آهي. ان خلاف هي قانون بانڊڊ ليبر سسٽم (ابوليشن) ايڪٽ 1992ع ۾ لاڳو ڪيو ويو ان جي دوران جبري مشقت مزدور طبقو غلاميءَ ۾ وڪوڙيل آهي. ڪامورا شاهي، وڏيرا، سرداري نظام ته اسان وٽ عام آهي. پاڪستان ۾ 2 سيڪڙو سياسي اڳواڻ22 ڪروڙ عوام تي حڪمراني ڪن ٿا ۽ انهن جي مستقبل جو فيصلو پڻ انهن جي هٿ ۾ هوندو آهي. آئين جي مطابق في ماڻهو 32 ايڪڙ زمين خريد ڪري سگھي ٿو، پر اسان جي سردارن ۽ جاگيردارن کي هزارين ايڪڙ زمين آهي. پنهنجي آس پاس علائقن ۾ جاگيردار يا زميندار قبضو ڪري هارين ۽ مزدورن کي جيل ۾ وجهرائي اتي پورهيو ڪرائن ٿا. يا انهن کان جبري ڪم وٺن ٿا انهن کي قرض ڏئي پوري زندگي اهي غريب مزدور انهن جي غلامي ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا آهن پر اهو قرض واپس نه ٿي سگهندو آهي انهن کي ايتري اجرت  نه ڏني ويندي آهي جو اهي ٻه وقت جي ماني کائي سگهن. مناسب تعليم نه هجڻ جي ڪري ٻارن جي روشن مستقبل جو خواب چور چور ٿي ويندو آهي. جنهن سان ٻار وڏو ٿي  غربت جي ڪري غيرسماجي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. جنهن ۾ چوري، ڦر، اغوا جھڙيون وارداتون شامل آهن.ان جي ڀيٽ ۾ وڏيري جو ٻار اعلي تعليم حاصل ڪري ٿو، سٺن ادارن ۾ پڙهي ٿو، پر اهي غربت جا ماريل ٻار انهن اسڪولن جي ٻاهريان شيون کپائن ٿا، امير جا ٻار ٽن وقتن جي ماني کائي پرسڪون ماحول ۾ آرام ڪن ٿا پرغريب جا ٻار ڳڀي جي ڳولا  لاءِ پورو ڏينهن محنت ۽ مزدوري ڪن ٿا، ڇا اهو کلو تضاد ڪونهي؟

اعليٰ اختيارن کان اها گُهر آهي ته انسانيت جي ناتي امير ۽ غريب جي وچ  ۾ وڌندڙ فرق کي ختم ڪيو وڃي.هارين ۽ مزدورن جي حقن کي حق سمجهي انهن جي آواز کي ٻڌو وڃي. ان کان علاوه انساني حقن جي خلاف ورزي، جبري مشقت جو خاتمو ڪري هڪ منصفانه نظام تشڪيل ڏنو وڃي جنهن ۾ سڀني کي برابر زندگي گذارن جو حق حاصل هجي. ان کان علاوه انهن مزدورن ۽ هارين کي قانوني تحفظ پڻ فراهم ڪيو وڃي. سرڪاري ادارن کي اهو نماڻو عرض آهي ته ٺهيل قانونن تي پابندي ۽ سنجيدگي سان لاڳو ڪيو وڃي ته جئين انهن قانونن مان محرومي ۽ استحصالي وارن طبقن کي ڪجهه  فائدو رسي سگهي.

“عام ماڻھو ۽ ٽيڪس”

 

ملڪ جي ھر ان شھري کي پنهنجي ملڪ جي باري ۾ وڌ کان وڌ معلومات ھوندي آھي  صحيح غلط جي پرک ڪري سگهندو آھي ۽ انھن مان چگي طرح واقف ھوندو آھي غلط ڇا آهي ۽ صحيح ڇا آهي پر ڪجھ معلومات کان اسان بي خبر ھوندا آھيون ايئن ئي اسان ٽيڪس جي باري ۾ بي خبر آھيون  ۽ ان جي باري ۾ ڪا معلومات نه آھي ته اھا ٽيڪس اسان ڇو ڀريندا آھيون  ڳالھ ڀرڻ يا نه ڀرڻ جي ڪانھي اصل ڳالھ اھا آھي اھا ٽيڪس اسان لاء ڪيتري فائديمند آھي ان شئي جي ڪنهن کي خبر ناھي ڇو جو اسان کي ان جي باري ۾ ڪا آگاھي نه ڏني وئي آهي ملڪ جي خوشحالي لاء ٽيڪس پيارڻ ھڪ ضروري ۽ سٺو عمل آھي ڇو جو ملڪ ھلندا ئي عام خاص ماڻهن جي ٽيڪس تي آھن ۽ ھي عمل ملڪ جي عوام جي فائدي لاء ھوندو  آھي بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ صرف خاص ماڻهن جي لاء فائديمند ثابت ٿيو آھي ۽ غريب لاء  اھو ئي نقصان ڪار ثابت ٿيو آھي ڇو جو امير ڏينھون ڏينهن امير ۽ غريب ڏينهون تر غريب ٿيندو وڃي ٿو ٽيڪس پيارڻ ھڪ سٺو عمل آھي جنھن  ۾ حڪومت ان جي بدران ھر ماڻهو کي سروسز مھيا ڪندي جنھن ۾ صحت لاء اسپتالون کوليون وينديون آھن روڊ رستا ٺاھيا ويندا آھن عوام جي تحفظ لاء سڪيورٽي مھيا ڪئي ويندي آھي تعليمي ادارا کوليا ويندا آھن  ۽ ان کان علاوه ٻيون جيڪي به بنيادي ضرورتون آھن اھي انھن کي پوريون ڪرڻيون پونديون آھن پاڪستان  ملڪ کي آزاد ٿيندي اڌ صدي کان وڌيڪ يعني ستر سال جو وقت گذري چڪو آھي ملڪ ۾ ھونئن ته انيڪ مسئلا آھن جيڪي ھن مھل تائين سڌري نه سگھيا آھن ۽ ادارن ۾ بھتري جي ڪا ڪرن نظر نه اچي سگهي آھي نه ئي پنهنجي ايمانداري سان خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آھن جنهن ۾ ٽيڪس جو باب انهن مان ھڪ آھي  ستر سال وقت گذرڻ جي باوجود به بنيادي ٽيڪس جو نظام درست نه ٿي سگھيو آھي  ۽ غير ذميوار  حڪومت جي ڪري ٽيڪس نظام ظلم و ستم ۽ زيادتي تي مشتمل آھي ۽ نه ئي حڪومت اڄ تائين ان ٽيڪس جي عمل کي بھتر بڻائڻ لاء نه ته ڪا ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه ئي وري عوام کي ڪو رليف فراھم ڪرائڻ لاء ڪو پيڪيج يا ڪنھن منصوبي تي ڪم ڪيو ھجي ان ڪري ھن مھل تائين عوام پنڻ تي مجبور آھي ۽ ساڳي طرح ان وقت جو انتظار ھوندو آھي ۽ نئي حڪومت مان اميدون رکي متان ڪو غريب عوام  کي رليف ملي سگهي بدقسمتي  ھن ملڪ جي اھا رھي آھي ته ھن غريب عوام کي ڪو اڄ تائين ڪو اھڙو انقلابي ليڊر نه ملي سگهيو آھي جيڪو غريب عوام لاءِ ڪو سٺو پيڪيج کڻي اچي ۽ ان مان ڪو رليف ملي سگهي جيئن ھو پنھنجي زندگي جو چرکو سٺي نموني سان ھلائي سگھن غريب ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ٻھ ويلا به ڏکن ۽ سورن سان کائي ٿو نه ته پنڻ انھن کي مجبور ڪندو آھي ڇو ته روزمرھ جي زندگي ۾ جيڪي به شيون اسان خريد ڪيون ٿا انهن ۾ حڪومت جي طرفان ٽيڪس لڳل ھوندي  آھي گھر جي ھر اھي ضروريات وارين شين ۾ اٽو چانور گيھ مرچ مصالحي کان وٺي ويندي شاپنگ ۾ ڪپڙن کان وٺي جتين تائين ٽيڪس لاڳو ھوندي آھي پر ان ٽيڪس مان ھڪ عام ماڻهو اڻ ڄاڻ ھوندو آھي ته مان به ڪا ٽيڪس ڏيندو آھيان ۽ ان ئي اڻ ڄاڻ ماڻهن جي ٽيڪس تي ملڪ ھلندو آھي ان کان پوء ان ملڪ جا حڪمران ان کي ڪيتريون سروسز مھيا ڪري ٿي اھو سڄو عمل اوھان جي سامهون آھي .

پاڪستان  ۾ چار ٽيڪس جيڪي آمدني جي ذريعي اچن ٿا اھي ھي آھن.  1 جنرل سيلز ٽيڪس،  2 ڪسٽم ڊيوٽي،  3 سينٽرل ايڪسائيز ڊيوٽي،  4 انڪم ٽيڪس. پاڪستان ۾ ھن وقت ٻن قسمن جا ٽيڪس ورتا ويندا آھن.  ڊاريڪٽ ٽيڪس يعني ڪنهن به ڪمپني اداري يا ڪاروبار جي ڪمائي تي لڳن ٿا ۽ ٻيا انڊاريڪٽ جيڪي اسان روزمرھ  جون جيڪي به شيون واپرايون ٿا انهن تي ٽيڪس لڳل ھوندي آهي ۽ عام ماڻھن ڪڏهن به ان ٽيڪس تي غور ويچار نه ڪيو ھوندو ته اھا ٽيڪس اسان ڇو ڏيندا آھيون جيڪا ظلم ۽ جبر تي مشتمل آھي ان ايڏي وڏي ظلم ۽ جبر جو مثال ھي به آھي ته سنڌ ھن ملڪ کي %75 روينيو،  %73 گيس، %70 پيٽرول، %50 بجلي ۽ %99 ڪوئلو سنڌ ۾ آھي.  سنڌ پوري پاڪستان  کي پورٽ رستي سڄي دنيا سان ملائي ٿو. پاڪستان  جو %95 ڪاروبار  سنڌ جي رستي ٿئي ٿو ۽ سنڌ جا روڊ رستا استعمال ٿين ٿا پوء به سنڌ وارا پنڻ تي مجبور آهن آخر ڇو سوچڻ جي ڳالھ آھي جيڪڏهن اسان ھن سڄي صورتحال مان واقف ٿيندي به جيڪڏهن اڄ آواز بلند نه ڪيو سين باقي ڪڏهن پنهنجن حقن لاء آواز بلند ڪندا سين اچو ته گڏجي نه صرف سنڌ بلڪي پنجاب، بلوچستان،  خيبر پختونخواھ سان گڏوگڏ پوري پاڪستان  جي مالڪي ڪيون پاڪستان  لٽجي پيو ۽ اسان چپ جي حالت ۾ آهيون پاڪستان  جي تاريخ ۾ اھڙين ڪھاڻين ۽ قصن سان ڀري پئي آهي جيڪي اسان لاء اڳتي ھلي نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.  جيڪڏھن اسان ھن وقت به ننڊ ۾ رھياسين ته اڳتي ھلي اسان کي ھڪ وڏو نقصان جو ازالو ڀرڻو پوندو پر اھا ننڊ فقط تيستائين نعمت وردان ثابت ٿئي ٿي جيستائين ھڪ حد ۾ آهي اھڙي طرح لطيف سائين  ننڊ جي باري ۾ ھي سٽون پيش آهن.

ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري

سلطاني سھاڳ ننڊون ڪندين نه ملين

ھن بيت ۾ شاھ سائين اھا نصيحت ڪئي آھي ته اي غافل سست ۽ ننڊون ڪندڙ انسان ننڊ مان اٿي سجاڳ ٿي ڇو ته اھا غفلت واري ننڊ تنهنجي اعلي مقصد کي حاصل ڪرڻ واري راھ ۾ رڪاوٽ آھي ھي دنيا عمل ڪرڻ جي جاء آھي ۽ زندگي ۾ ڪو اعلي مرتبو ۽ وڏي سعادت حاصل ڪرڻ لاء سجاڳ رھي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اچو ته گڏجي پنهنجن حقن لاءِ وڙهون ۽ حڪومت کان پنهنجا حق کسي وٺون.

Unjust Tax Policy Vs Poor People

Pakistan got independence on 14th of August 1947. The region of Pakistan was one of the civilized countries. Pakistan has now been a country having 70 independent years. There are many big problems in Pakistan; injustice tax problem is one of them. We don’t know what the tax is and why we are paying tax in everything and everyone is having no special awareness of basics. Tax subject: Tax is a good act for a country and we should regularly pay the tax and look after and supervise over the things that the government provides the citizens.But in our country, a tax is no way based on the equality and justice. The tax policy should be based upon equality, justice and fair treatment for every single taxpayer. Pakistan government needs to look after that our current tax collection policy does not tend to be a stronger one and is based on injustice.Pakistani government needs to realize that our current tax collection policy is very weak and based on injustice.

The taxation system comprises of two divisions named Direct and Indirect taxes. From our business, we use the tax that is called direct tax and we pay indirect taxes by purchasing grocery atoms and other needy things. Poor families cannot bear the cost of daily routine goods and needy things related to food, shelter, health, education etc. The government should monitor to all and outs of tax compliance by all businessmen, foreign investors, politicians, bureaucrats, feudal lords, chudharies and every citizen and there are four taxes in Pakistan through revenue they are 1.Genral Sales Tax, 2.Custom Duty, 3.Central Excise Duty, 4.Income Tax.

Poor people don’t know the basic rights of paying taxes and it paying only poor people, rich peoples and feudal has no laws in Pakistan because they are in power political influence this is the responsibility of government the tax policy should be base upon equity.

The Sales Tax Rate in Pakistan stands at 17 percent. Sales Tax Rate in Pakistan averaged 16 percent from 2006 until 2016, reaching an all time high of 17 percent in 2014 and a record low of 15 percent in 2007.

 

ٽيڪس وصولي ۽ عورت جو ڪردار

 

هڪ وقت هو جو سون مياڻي تان ان دور جي دلورا بادشاه صرف هڪ شخص مورڙي جي چوڻ تي اتي جي سـڄي  رياست تان ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ دور اهو به گذريو آهي ته ، سنڌ جي هڪ بادشاهه ڄام تماچي رڳو پنهنجي هڪ راڻي جيڪا ان وقت جي شاهي رسم ۽ رواج کان هٽي ڪري هڪ انتهائي غربت ، اٻوجهائي ۽ اڻڄاڻائي جي ورچڙهيل ڪميونٽي مان هئي . يعني نوري مُهاڻي. جنهن جا مائٽ سارو ڏينهن ڄار ڪلهي ڪري ڍنڍن مان ڊينڊ جهلي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا. پر جڏهن سمي ڄام جي اک ان ککيءَ هاڻي نوري جي نياز ۽ نوڙت ڏسي مٿس موهجي پئي ۽ سنڌ جي تخت هلي مهاڻن جي گندگيءَ ڀريل مڇيءَ جي ڇٽ وارين جهوپڙين ۾ نوريءَ سان لانئون لڌيون ته نوريءُ جي چوڻ تي سنڌ جي ان وقت جي سمورين ڍنڍن مان مڇي جي شڪار تان سمورا ٽيڪس ۽ محصول معاف ڪيا ويا.سنڌ جي تاريخ اهڙين ڪهاڻين ۽ قصن سان ڀري پئي آهي هي ته اهي ڳالهيون آهن، جن جي شاهدي اسان کي شاه لطيف جي بتن مان به ملي ٿي.هڪ دور اهو هو ۽ هڪ دور اڄوڪو آهي. اسان جي ملڪ جا اڳواڻ هڪ شخص تـ ٺهيو پر سڄي رياست جي عوام گھوڙا گھوڙا ڪري پوءِ بـ ٽيڪس معاف نٿو ٿئي بيڻو وڌندو پيو وڄي.

هونئن تـ ٽيڪس وٺڻ جي شروعات حضرت عمر رضه کان ٿي هئي. ٽيڪس جو اهو پيسو گڏ ڪري  غريبن، يتيمن،محتاجن ۽ بيواه عورتن تي خرچ ڪيو ويندو هو. اڄ جي جديد دور واري ٽيڪس جي شروعات 1798 کان ٿي. جيڪا ان دوۡر جي حاڪم وليم پيش ڪئي. ٽيڪس مان گڏ ٿيل اهي پيسا مخالف ملڪن سان جنگ وڙهڻ لاءِ ڪم ايندا هئا. اسان جي ملڪ اهو قانون آزاد ٿيندي ئي يعني1947ع تي گود يا هنج ورتو. جنهن کي ايڪٽ 1922ع چيو ويندو هو. پوءِ اڳتي هلي اهو انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ تبديل ڪري1978ع تي لاڳو ڪيو ويو. ۽ پوءِ ان ۾ وقت سان گڏوگڏ تبديليون اينديون ويون.

هن وقت پاڪستان ۾ ٻن قسمن جا ٽيڪس ورتا ويندا آهن. جنهن ۾ هڪڙا ڊائريڪٽ ٽيڪس يعني (سڌاسنوان ٽيڪس) جيڪي سڌو سئنون ڪنهن بـ فهم ، اداري يا ڪاروبار جي وڌنڌڙ ڪمائي تي لڳن ٿا. ٻيا اڻسڌا ٽيڪس جيڪي اسان روزمره جي ضرورت جون جيتريون بـ شيون واپرائيندا آهيون انهن تي لڳن ٿا. پاڪستان ۾چار ٽيڪس جيڪي روينيو جي ذريعي اچن ٿا. اهي هي آهن:  1ـ جنرل سيلز ٽيڪس، 2_سنٽرل ايڪسائيز ڊيوٽي، 3_ڪسثم ڊيوٽي، 4_انڪم ٽيڪس.

روزمره جون جيڪي بـ شيون استعمال ۾ اچن ٿيون. انهن ۾ حڪومت طرفان روپين سان گڏوگڏ پيسن جو بـ واڌارو ٿئي ٿو. خاص ڪري گيس، پيٽرول، بجلي ۽ ٻيون شيون. اسان جي ملڪ ۾ 1961ع يعني صدر ايوب جي دوۡر ۾ جيڪا ڪرنسي استعمال ڪئي وئي ان ۾ 5، 10، 50، ۽ 25 پيسـ متعارف ڪرايا ويا. اهي سڪا صدر ذياالحق جي دوۡر تائين هلندا رهيا ۽ پوءِ آهستي آهستي اهي ختم ٿيندي ويا. اڃ جي تاريخ ۾ آّخري سڪو 1 روپي جو آهي. جيڪو هر امير ۽ غريب جي هٿن ۾ پهچي ٿو. تـ جڌهن اسان جي هٿن ۾ آّخري سڪو روپين ۾ اچي ٿو. تـ پوءِ حڪومت طرفان اسان کان هر شئي تان پيسن جي ڊمانڊ ڇو ٽي ڪئي وڃي. پاڪستان جي 20 ڪروڙ آبادي کان هر روز 80 پيسـ ، 20 پيسـ ، 50 پيسـ ، 60 پيسـ ورتا وڃن ٿا سڄي ملڪ مان اها رقم روزانو جي بنياد تي وصول ڪئي وڃي ٿي. هفتيوار، ماهوار ۽ سالانـ اها رقم لڳ ڀڳ لکن ، ڪروڙن ۽ اربن جي شڪل اختيار ڪري وڃي مڪلي خزاني ۾ گڏ ٿئي ثي. جنهن جو ڪو بـ، ڪٿي به حساب ڪتاب ئي نـ آهي. ۽ نـ ئي وري ڪير پڇا ڻو ڪري ٿو .

اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي عورتن جي رهي آهي. پر سندس جياپي جا ذريعا تمام گھٽ رهيا آهن. بلڪ نـ هئڻ جي برابر اڄ جي دور ۾ بـ عورت تعليم کان محروم آهي،صحت جي سهولتن کان محروم آهي، بنيادي حق نٿا ڏنا وڃن، روزگار ڪرڻ جا موقعا نٿا ڏنا وڃن. سياسي شعور کان بيخبر آهي، سماجي ڳالهين ۽ فيصلن کان بيخبر آهي، گھريلو تشدد ڪيو ٿو وڃي، هتي جي عورتن سان ناانصافي وارو عمل گھر کان وٺي ملڪي سطح تي هلندو پيو اچي. ان هوندي بـ اسان جي قوم جي نياڻين جي برداشت جي حد تـ ڏسو. جو هو ملڪ جي معيشيت ۾ ٻيڻو حصو ڀري ٿي17 فيصد ٽيڪس ڀري. هتي ٻن طبقن جون عورتون رهن ٿيون. هڪ شهري ۽ ٻيون ٻهراڙي ۾ رهندڙ. انهن ٻنهي طبقن جي عورتن جو ملڪي معيشيت کي وڌائڻ ۾ وڏو حصو آهي.

شهر جي عورت

توهان ڏسندا هوندا تـ وڏن شهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ رش عورتن جي هوندي آهي.عيد هجي، شآدي هجي، پارٽي هجي يا ڪو ٻيو پروگرام شهر جي عورت ٻارن کان وٺي گھر جي هر ڀاتي لاءِ ڪپڙن کان وٺي جتين تائين جي خريداري ضرور ڪندي آهي. ان سان گڏوگڏ گھر جو ڪجھ خاص ۽ ضروري سامان پڻ وٺندي آهي. اها خريداري هو سال ۾ 4 ڀيرا ضرور ڪندي آهي. جيڪڌهن جملي هڪ گھر ۾ 7 ڀاتي رهن ٿا تـ انهن جي شين تي ٽيڪس ٻدجي تـ ڪيترو ٿو ٿئي. هر هڪ ماڻهو جي خريداري تي ٽيڪس ٿئي ٿو. کاڌو، پاڻي، پجلي ۽ گيس جو خرچ وري الڳ هوندو آهي. اهڙي طرح هو ملڪي جي، ڊي، پي ۾ ڪنٽريبيوشن ڪري ٿي.

ٻهراڙي جي عورت  

پاڪستان هڪ زرعي آبادي ڪندڙ ملڪ آهي. هتي جي معشيت جو وڏو حصو زراعت تي مشتمل آهي. گھڻي ڀانڳي ڏٺو وڃي تـ ٻني ٻاري جو ڪم مردن کان وڌيڪ عورتون ڪن ٿيون.  صبح سوير کان وٺي شام تائين پوءِ اهو گۡڏ ڪڍڻ هجي يا گند گاهه ، وهر ڪرڻ کان وٺي لابارن تائين پنهنجي صحت جي به پرواه نـ ڪندي، هوءَ سمورو ڏينهن ٻني ۾ ڪم ڪري ٿي. پوءِ چاهي آسمان ۾ ڪيتري بـ تپش هجي. موسم ڪيترو بـ سرد هجي يا ، وري تيز برساتون هجن. پر هن کي ڪا بـ پرواه ناهي هوندي۽ نه ئي وري ڪو هن جي پرواه به ڪندو آهي . هر حال ۾ هي پنهنجي محنت جاري ۽ ساري رکندي آهي. جيڪڏهن هي محنت نـ ڪري تـ جيڪر اسان جي ملڪ جا سڀ ماڻهوبُک وگھي پنهنجو پساهه وڃائي وهن.

اسان جا حڪمران جڏهن ٽيڪس جو پيسو ميڙڻ شروع ڪندا آهن. تڏهن انهن کان اهو وسريو وڃي تـ هي اهو پيسو آهي جيڪو هڪ ماءُ پنهنجي ٻچي کي روئندو ڇڏي سڄو ڏينهن ٻني تي ڪم ڪري ڪمايو آهي. هي اهو پيسو آهي جيڪو سڄو ڏينهن خريداري ڪندي ٿڪاوٽ مان بيحال ٿي هڪ عورت ڏنو هو. جنهن جي لاءِ اسان ٻازار ۾ هڪ بينچ بـ رکي نـ سگھياسين. جو هو پنهنجي ٿڪ ڀڃي.

حڪومت کي گھرجي تـ غريب عوام تان هي ٽيڪس جو عذاب گھٽ ڪن. تـ جيئن اهي سۡک جو ساهه کڻي سگھن. ٽيڪس جا جيترا بـ طريقا آهن اهي سڀ امير طبقن، ادارن، ڪمپنين ۽ ڪارخانن کان وصول ڪيا وڃن. جيستائين انهن سمورن سرمائيدارن وٽان ٽيڪس جو پيسو نـ ايندو. تيستائين ملڪ جي ترقي ناممڪن آهي.