ناانصافي تي مبني ٽيڪس نظام جي چڪيءَ ۾ پسجندڙ عام ماڻهو!

ڪنهن بـ ملڪ جي  نظام کي هلائڻ لاءُ عوام کان ٽيڪس اڳاڙي تمام ضروري هوندي  آهي. دنياجي سمورن ملڪن  ۾اهو عمل ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري آهي

  سڌريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ ۾ ٽيڪس اڳاڙي وارو نظام ناانصافي تي مبني آهي.جيڪو غريب کي غريب تر  ۽ امير کي امير تر بنائڻ  لاءُ  سمورا رستا هموار ڪري رهيو آهي. ان ڪري ملڪ ۾ پنڻ تي ڪا به پابندي ڪونهي گلي گلي ۾ فقيرن جون قطارون نظر اچن ٿيون اهڙي طرح   حڪمرانن طرفان به پنڻ به تمام گهڻو آسان ٿي ويو آهي، ائين کڻي چئجي ته حڪمران ان ڪم ۾ ايترا ته ماهر ٿي ويا آهن جو ڪنهن جي به آڏو هٿ جهلڻ کان ڪا جهجهڪ محسوس نٿا ڪن, هاڻي ته اسان جا حڪمران قرض به خيرات جيان وٺن ٿا.  جنهن جي ادائگي لاءُ عوام خصوصن پيڙهيل طبقي کي ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس ادا ڪرڻا پوندا آهن دنيا جي مختلف وڏن مالياتي ادارن طرفان قرض طور ملندڙ اهڙِي سموري رقم پائيدار ترقياتي رٿائن تي يا عوامي بهبود جي ڪمن تي خرچ ڪرڻ بدران حڪمرانن جي ذاتي استعمال ۾ آندي ويندي آهي، جنهن ڪري ان کي خيرات چوڻ ئي بهتر رهندو، ڇاڪاڻ ته اها اهڙي خيرات آهي جيڪا حڪمران عوامي  بهبود ۽ ترقي جي  نالي تي ڏيهي ۽ پرڏيهي مالياتي  ادارن کان وٺندا آهن پر اها رقم عوام تائين پهچندي پهچندي هضم ٿي ويندي آهي.نتيجتن هن وقت ملڪ ۾ پئدا ٿيندڙ هر ٻار 60000 رپين  جو مقروض آهي
مهنگائي غريبن  جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.جيڪي تعليم ۽ صحت ته پري جي ڳالهـ پر  پنهنجي  ٻارن کي هڪ وقت جي ماني جو گرهـ مهيا ڪرڻ ۽ سندن تن ڍڪڻ لاءُ لٽو وٺڻ کان به لاچار آهن. ته ٻئي طرف حڪمرانن ۽ اميرن جا ٻار انهن اسڪولن ۾ تعليم پرائين ۽ کين جيڪي صحت جون سهولتون ميسر آهن تن  بابت سوچڻ به جنت جهڙي خواب مثل  آهي.

جنهن وقت  اسان جا حڪمران اي سي ڪمرن ۾ وهي بک ، بدحالي جي خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ منگھڙت سوچ جي ڊرامي ۾ مصروف هوندا آهن . انهن ئي لمحن ۾    بي حسي جي انتها سبب ڪي ماڻهو بي گناهه مرندي ، بک وگهي تڙپندي ۽ پاڻي لاءِ پڪاريندي نظر ايندا آهن،پوءٌ به اسان جا حڪمران اها دعواع ڪندا رهندا آهن ته جمهوريت آهي، جي اها جمهوريت آهي ته پوءِ آدم ۽ هوا ڄاون جي خدڪشين جو ڪيس ڪنهن تي داخل ڪجي؟

هن ملڪ جي آبادي جو 51 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن تي مشتمل آهي جيڪي اڪثر ڪم ۾مشغول هونديون آهن پرسندن ان محنت کي ملڪي   GDP  جو حصو بنائڻ بجاءَ  ان کي گهرو ڪم چئي غير اهم سمجهو ويوآهي. ٻئي طرف اگر  ملڪي  ٽيڪس نظام  تي نظر ڦيرائبي تـ گهڻو تڻو ٽيڪس عورتن جي استعمال هيٺ شين تي آهي. جيڪا سراسري نا انصافي آهي. جيڪڏهن عورتن جي ڪم کي  گهرو ڪم سمجهي بي ملهـ قرار ڏنو وڃي ٿو ته کين  ٽيڪس کان بـ آجو قرار ڏنو وڃي ته بهتر ٿيندو.

اسان جا حڪمران عوامي بهبود جي باري ۾ سوچڻ جي بدران اهو سوچيندا رهندا آهن ته عوام کي ڪنهن به نموني سان معاشي بدحالي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رکڻو آهي، ته جيئن عوام کي حڪمرانن جي باري ۾ سوچڻ جو موقعو نه ملي ۽ حڪمران قومي خزاني تي اهڙي نموني سان هٿ صاف ڪري وڃن جو عوام اهو سوچيندو رهجي وڃي ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو يا وري اهو ممڪن ئي ڪيئن آهي؟
حڪومت کي يا ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن يا وري پاڻ جيان آءِ ايم ايف جو نوڪر يا تابعدار ٿيندي قرض لاءِ هٿ جهليو آهي تئين  عوام کي به چوڻ گهرجي ته اسان وٽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو پيڪيج يا طريقو موجود ناهي، ان ڪري عوام پنڻ تي گذارو ڪري ۽ وري ايندڙ حڪومت جو انتظار ڪري متان اها عوام کي ڪو رليف فراهم ڪري وجھي

موسمي تبديلي ۾صنعتي ملڪن جي هٿ چراند

Untitled

اسانجي ڌرتي جي مٿاڇري جو سراسر گرمي پد 13 سي رهي ٿو جڏهن گرمي پد ۾ واڌارو ٿئي ٿو تـ ان جو موسمن تي اثر ٿئي ٿو موسمن جي مانڊاڻ ۾ ايندڙ اهڙي تبديلي کي اسان موسمي تبديلي ڪلائيمنٽ چينج جي نالي سان سڏيون ٿا ڌرتي جي گرمي پد ۾ ٿيندڙ واڌ جو سبب تبديلي وائي منڊل فضا جو اهي گئسون آهن جن کي اسان گرين هائوس گئسن جي نالي سان سڏيندا آهنيون . اهي گئسون سج جي گرمي جهٽينديون ۽ جذب ڪنديون گرمي جي ڪجهـ مقدار کي ڌرتي جي فضا کان واپس ٿيڻ بجا۽ ڌرتي جي فضا ۾ روڪي گرمي وڌائڻ جو سبب بڻجڻ ٿيون موسمي تبديلي کي عالمي تپش گلوبل وارمنگ جي نالي سان سڏيون ٿا.

ڌرتي جي مٿاڇري تي هڪ مخصوص حد تائين گرمي پد قائم رهڻ جو هڪ قدرتي نظام خلقيو ويو آهي ڌرتي کي سج کان گرمي توانائي حاصل ٿئي ٿي جنهن سبب ڌرتي گرم رهي ٿي سج کان حاصل ٿيندڙ توانائي گرمي جو هڪ وڏو حصو ڌرتي جي مٿاڇري تي پهچڻ کانپو۽ واپس خلا ۾ موٽ کائي وڃي ٿو فضا ۾ موجوده گئسون ان گرمي جو ڪجهـ حصو جذب ڪنديون رهن ٿيون ان سبب انهن گئسن کي گرين هائوس گئسون سڏجي ٿو جهڙوڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ، ميٿين، نا ئٽرس آڪسائيڊ ، ڪلورو فلورو ڪاربان ، ۽ آبي بخار وغيره .

ڌرتي جي فضا ۾ گرين هائوس گئسن جو هجڻ ان سبب ضروري آهي تـ جيئن ڌرتي گرم رهي سگهجي جيڪڏهن فضا ۾ اهي گئسون جهڙوڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ نا هجي ها تـ ڌرتي جو سراسري گرمي پد ڪاٽو 18 سينٽيگريڊ يعني تـ هتي هڪ ڊيپ فريزر جيتري تڌ هجي ها ۽ هن ڌرتي ٿڌ سبب ڪا بـ جاندار مخلوق زندهـ رهي نا سگهجي ها ڌرتي تي جاندارن لاءِ هڪ اهڙي وڻندڙ ماحول لاءِ انهن گئسن جو قدرتي نسبت توازن ۾ موجوده هجڻ ضروري آهي جنهن لاءِ قدرت هڪ اهڙو نظام جوڙيو آهي جنهن رستي انسان ۽ حيوان ساهـ کڻڻ دوران آڪسيجن استعمال ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪن ۽ نباتات وڻ ٽڻ اها ڪاربان آڪسائيڊ استعمال ڪري موٽ ۾ آڪسييجن خارج ڪن ٿا ائين قدرتي مانڊاڻ ۾ انهن گئسن جو توازن سدائين برقرار رهي ٿو.

ڌرتي جي مٿاڇري کان 33 ڪلو ميٽرن جي اونچائي تي اوزون گئس هڪ تهـ جي صورت ۾ ڌرتي جي چوگرد هڪ غلاف وانگر موجوده آهي جيڪو سج مان خارج ٿيندڙ موت مار الٽراوايوليٽ ڪرڻن لاءِ هڪ ڇاڻي جو ڪم ڪري ٿو جيڪڏهن اوزون جو هڪ تهـ ، لهـ موجود نا هجي ٿا منجهس سوراخ ٿي پون تـ سج جا الٽراوايوليٽ ڪرڻا ڌرتي تائين رسي جاندارن ۾ ڪينسر جهڙي موضي تڪليفون ۽ نباتات لاءِ تباهي جو سبب بڻجي سگهن ٿا بدقسمتي سان هاڻ اهي ڳالهيون ٿئي رهيون آهن ڪارخانن فئڪٽرين مان خارج ٿيندڙ دونهون ۽ گئسون فضا ۾ شامل ٿي اوزون جي تهه تائين پهچي ان کي تباه ڪري رهيون آهن ان سبب اوزون جي لهـ ۾ وڏا سوراخ ٿي پيا آهن اهو بـ ممڪن ٿي سگهجي ٿو اڳتي هلي اهي سوراخ ايترا وڏا ٿي وڃن جو ان سبب هن ڌرتي جو قدرتي مانڊاڻ تباهـ ٿي وڃي ۽ آبي ذخيرا بلڪل سڪي ختم ٿي وڃن هن وقت بـ وڌندڙ گرمي سبب وڏا وڏا گلئشيئر ڳرڻ لڳا آهن جنهن سبب انهن جو  پاڻي سمنڊ جي سطح ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيو آهي سائنسدانن جو چوڻ آهي تـ جيڪڏهن هن صورتحال ۾ بهتري نـ آئي تـ اڳتي هلي دنيا جا سامونڊي ڪنارن سان آباد شهر آهسستي آهستي ٻڏي غرق ٿئي ويندا موسمي تبديلين سبب وڌندڙ سنگين خطرن عالمي اڳواڻن ۽ سائنسدانن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي اهڙن مسئلن جي اپائن ڳولهڻ لاءِ گذريل ڪيترن کان عالمي سطح تي مسلسل صلاح مشورا، سيمينار، ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن .

تاريخي لحاظ کان اها ڳالهـ درست آهي تـ عالمي سطح تي موسم جي گرمائڻ ۾اسريل صنعتي ملڪن جو وڏو هٿ رهيو آهي اهي ئي ملڪ آهن جيڪي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس جو هڪ وڏو مقدار فضا ۾ خارج ڪندا رهيا آهن جڏهن تـ ساڳئي وقت هن ڳالهـ کي بـ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي تـ وقت گذرڻ سان گڏ اسرندڙ ملڪ بـ هر سال ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج ۾ واڌارو ڪري اسريل ملڪن سان شامل ٿي رهيا آهن اهي ئي سبب آهي جو اسريل ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچم ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ  جي اخراج گهٽائڻ جي حوالي سان وڌندڙ ڇڪ چڪان سبب ڪو ٺاهـ ٿي سگهيون آهي ان سلسلي ۾ اٽلي ۾ ٿيندڙ جي ايٽ ملڪن جي اڳواڻن جي ڪوٺايل اجلاس ۾ هن هاڃيڪار گئس جي اخراج جي هڪ حد مقرر ڪرڻ تي اختلاف رهيو..

اسريل ملڪن جو چوڻ آهي تـ اسان تيستائين ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس جو اخراج نـ گهٽائينداسين جيستائين اسرندڙ ملڪ بـ ان ڳالهـ تي راضي نـ ٿيندا ٻئي پاسي کان ترقي لاءِ پاڻ  پتوڙيندڙ اسرندڙ ملڪن جو چوڻ آهي تـ هو اهڙي ڳالهـ تي ڇو راضي ٿين ڇو تـ دنيا جي ماحول کي گرم ڪرڻ جا ذميوار اسريل ملڪ آهن اٽلي جي شهر لا قئيلا ۾ ٿيندڙ جي ايٽ سربراه اجلاس ۾ اهڙي اختلاف کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ غير سرڪاري تنظيم اينوارمينٽ ڊفينس فائونڊيشن هڪ رٿ پيش ڪئي جنهن هيٺ صنعتي طور تي اسريل ملڪ هن ڳالهـ تي راضي ٿيا آهن اهي سال 2050 تائين ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس جي اخراج  80 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻيندا ماهرن چواڻي تـ اهو هڪ ساراهـ جوڳو قدم آهي تـ سال 2050 اڃا گهڻو پري آهي ۽ اسرندڙ ملڪن جو مطالبو آهي تـ اسريل ملڪن کي ان سلسلي ۾ گهڻو ڪجهـ ۽ اهو بـ جلدي ڪرڻ گهرجي جي ايٽ جي ميمبرن ملڪن جو چوڻ آهي تـ اچو تـ سڀ گڏجي سال 2050 تائين ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس جي اخراج م  50 سيڪڙو گهٽتائي آڻيون پر اسريل ملڪ ان ڳالهـ تي راضي نـ ٿا ٿين ان سلسلي ۾ ماهرن جو چوڻ آهي تـ اهي رڳو چند اسريل ملڪ آهن جيڪي تمام تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن.

تنهنڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ نون معاهدن ۾ انهن جو شامل ٿيڻ تمام ضروري آهي اهو هڪ نازڪ مرحلو آهي ڇو تـ جيڪڏهن اسريل ۽ اسرندڙملڪ ڪنهن ڳالـهـ تي راضي نـ ٿا ٿين تـ ماهرن چواڻي هاڻ اهو وقت پري ڪونهي جڏهن دنيا جي سراسري گرمي پد م 2 ڊگرين سينٽي گريڊن جو واڌارو ٿيندو ۽ اهو هڪ تمام خطرناڪ وقت هوندو انڊيا چين ۽ برازيل جهڙا ملڪ صنعتي طور تي تمام تيزي سا ترقي ڪري رهيا آهن ۽ انهن ملڪن جي توانائي جون گهرجون جهڙوڪ بجلي ڪوئلو تيل ۽ اهي گئس جي کپت هر سال رڪارڊ شرح کان وڌي رهي آهي آبادي ۽ ايراضي جي لحاّظ کان بـ اهي ٽئي ملڪ وڏا آهن تنهنڪري انهن کي ماحول جي بچاءِ ۽ دنيا جي گرمي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو.