سول سوسائٽي جي لاءِ سوڙها ٿيندڙ دڳ ۽ ڊجيٽل دنيا

مدر ٽيريسا چيو هو“ آئون اڪيلي سر دنيا کي تبديل نٿي ڪري سگهان پر آئون پاڻي ۾ هڪ پٿر اڇلائي ڪيتريون ئي لهرون پيدا ڪري سگهان ٿي”.سماج ۾تبديلي لاءِ اهڙيون لهرون پيدا ڪندڙ شخصيتون جيڪڏهن پاڻ ۾ گڏجي پون ته هڪ آئيڊيل (مثالي) سول سوسائٽي وجود ۾ اچي سگهي ٿي پر پاڪستان ۾ آئيڊيل سول سوسائٽي ڪيئن وجود ۾ اچي جڏهن اڳ موجود سول سوسائٽي لاءِ پاڪستاني ڌرتي تنگ ڪئي وئي هجي.

پاڪستان ۾ سول سوسائٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهو هونئن ته وڏي عرصي کان وٺي سخت تڪليفن ۽ پابندين کي منهن ڏئي رهيا آهن پر گذريل 5 سالن کان ان ۾ هڪ قسم جي شدت آئي آهي جنهن ۾ سول سوسائٽي تنظيمن لاءِ پاليسيون سخت ڪرڻ کان علاوه ڪيترائي سول سوسائٽي رهنماءَ ۽ ڪارڪن گم ڪيل آهن ۽ ڪيترائي ماريا ويا آهن.

هن سال جي پهرين مهيني ۾پنجاب جي 5 بلاگرس کي گم ڪيو ويو.4 جنوريءَ 2017 تي ٻن سئوٽن بلاگرس وقاص گورايا ۽ عاصم سعيد کي گم ڪيو ويو، ان جي ٻن ڏينهن کانپوءِ شاعر ۽ پروفيسر بلاگر سلمان حيدر کي گم ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ پوليو متاثر بلاگر احمد رضا نصير ۽ هڪ ٻي ايڪٽِوسٽ ثمر عباس کي گم ڪيو ويو. موجود معلومات مطابق انهن مان سلمان حيدر ،وقاص گورايا ۽ عاصم سعيد آزاد ٿي چڪا آهن. سنڌ  ۾ گم ٿيل ماڻهن لاءِ آواز اٿاريندڙ فورم ‘وائس فار مسنگ پرسنس جي ڪنوينر پنهل ساريو کي 3 آگسٽ 2017ع تي گم ڪيو ويو جيڪو اڍائي مهينن کانپوءِ 18 آڪٽوبر تي آزاد ٿيو.نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته آزاد ٿيل اهي رهنما ۽ ڪارڪن هاڻ اهڙي ڪنهن به سماجي سرگرميءَ ۾ حصو نٿا وٺن جنهن ۾ اڳ اُهي شامل هوندا هئا.

مارچ 2013ع ۾ ڪراچي جي سماجي اڳواڻ پروين رحمان کي قتل ڪيو ويو،25 مئي2014ع تي وڪيل ۽ هيومن رائٽس ڪميشن پاڪستان جي سربراهه کي ملتان ۾سندس آفيس ۾ قتل ڪيو ويو،24 اپريل 2015ع تي سبين محمود کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو جيڪا سيڪنڊ فلور جي نالي سان بلوچستان جي مسئلن تي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري رهي هئي،14 جولائي 2016ع تي 52 سالا سماجي رهنماءَ ظفر لنڊ کي ڪوٽ ادو ۾ قتل ڪيو ويو.

 سول سوسائٽي لاءِ هڪ رڪاوٽ انهن لاءِ پکيڙيل منفي تاثر پڻ آهي.ڪجهه مذهبي ڌريون پنهنجي تنگ نظري ۽ انتها پسند سوچ جي ڪري باقاعده اها پروپيگينڊا هلائينديون آهن.ماڻهن کي ٻڌايو ويندو آهي ته اهي(اين.جي.اوز) تنظيمون انڊيا ، يهودي يا وري آمريڪي ايجنٽ آهن جيڪي فلاحي ڪمن جي نالي تي مسلمانن ۾ بي حيائي پکيڙڻ چاهين ٿيون.ڪجهه اهڙا واقعا به رپورٽ ٿيا جن ۾ ڳوٺاڻن ڳوٺ ۾ آيل اين.جي.او سان جهيڙو ڪيو.

نومبر 2015ع ۾ مزدورن جي حقن ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم ‘پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبرايجوڪيشن اينڊ ريسرچ’(پائيلر) تي انڊيا جي ايجنٽ هجڻ جو الزام لڳايو ويو.هڪ نجي ٽي وي چئنل تي ان تنظيم ۽ ان جي ڪارڪنن خلاف من گهڙت بدنامي واري مهم هلائي وئي جنهن ۾ ملازمن جي ذاتي معلومات ڏئي انهن جي زندگي خطري ۾ وڌي وئي.

انهن واقعن کان علاوه سول سوسائٽي حڪومتي سختين کي پڻ منهن ڏئي رهي آهي.آڪٽوبر 2015ع ۾ حڪومت طرفان بين القوامي اين.جي.اوز لاءِ نئين پاليسي جو اعلان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ انهن لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ پريشانين ۾ واڌارو آيو آهي.ان پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي آئي.اين.جي.اوز نئين سر رجسٽريشن ڪاغذ جمع ڪرائين.انهن ڪاغذن ۾ ڪيترن ئي غير ضروري دستاويزن لاءِ چيو وڃي ٿو جيڪي رجسٽريشن جي عمل کي وڌيڪ سست بڻائي ڇڏين ٿيون.حڪومت نه رڳو بين القوامي اين.جي.اوز پر مقامي اين.جي.اوز لاءِ پڻ نئين پاليسي آڻڻ جو ارادو رکي ٿي جڏهن ته اهي تنظيمون اڳ ۾ ئي مقامي،صوبائي ۽ قومي قانونن تحت رجسٽر ٿيل آهن.

مارچ 2015ع ۾ پنجاب حڪومت هڪ آرڊر ذريعي اين.جي.اوز کي پابند بڻائي ڇڏيو آهي ته اهي ننڍي ۽ معمولي ورڪشاپ،ٽريننگ يا ميٽنگ لاءِ ضلعي حڪومت کان اڳواٽ اجازت وٺندا.اهڙيون ئي پابنديون ڪي پي ڪي حڪومت پڻ لاڳو ڪري چڪي آهي

اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سول سوسائٽي لاءِ عملي طور ورڪشاپ،ٽريننگ يا ميٽنگ ڪرائڻ تمام گهڻو مشڪل بڻايو ويو آهي ته انهن انٽرنيٽ کي ڊجيٽل اسپيس طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي.مثال طور هڪ دفعي اهي ڪو ورڪشاپ ڪرائي ان جي شرڪت ڪندڙن کي بنيادي ٽريننگ ڏئي باقي ڪم سوشل ميڊيا تي ڪيو وڃي ٿو جتي پنهنجا گروپ قائم ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل رهن ٿا ۽ پنهنجي ٽارگيٽ بابت گهڻو ڪم ان پليٽ فارم تي ئي ڪن ٿا آهن.اتي مختلف قسمن جي اهم معلومات جيڪا هڪ عام سماجي ڪارڪن لاءِ ڳولهڻ ڏکي آهي اها ان گروپ تي آساني سان ملي ويندي.

بلاگ جو استعمال به سول سوسائٽي لاءِ هڪ اهم اوزار آهي.اهڙا مضمون جيڪي اخبارون پنهنجي مفادن تحت نٿيون ڇاپين اهي بلاگ جي صورت ۾ عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.پنهنجي بلاگ کي آئون “لوُسي برن هولز” جي مضمون ‘ڊجيٽل رسورسز فار سول سوسائٽي’ مان ورتل ڪجهه اهم ڳالهين سان ختم ڪندس هن جي مطابق سول سوسائٽي کي ڊجيٽل اسپيس جو وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ لاءِ ڊجيٽل ملڪيت، انفراسٽرڪچر ۽ رسورسز جي ڪم ڪرڻ جي طريقي کي سمجهڻو پوندو.هر مشن جي ڪاميابيي لاءِ ان جي مطابق ڊجيٽل ٽُول جي چونڊ ڪرڻي پوندي.سول سوسائٽي جنهن سان به ڏي وٺ ۾ اچي ته ان کي ڊيٽا ڊونر سمجهي ٽريٽ ڪيو وڃي ۽ ان ڊيٽا جي عزت ۽ حفاظت پڻ ڪئي وڃي ۽ اهم ڳالهه ته اهو سکڻ ته ڊجيٽل ڊيٽا ۽ انفراسٽرڪچر کي محفوظ ۽ اثرائتي نموني ڪيئن استعمال ڪجي.