ملڪي سطح تي خواجه سرائن جي اهميت ۽ کين مهيا ٿيل سهولتون

زرعي معاشري ۾ موجوده  مختلف ٽيبوز صدين کان اڃان تائين ساڳئي شدت سان موجود آهن. انهن ٽيبوز مان هڪ اهو به آهي ته  گھر ۾ جڏهن ٻار جنم وٺندو آهي. ته گھر ڀاتين جون ڪيفيتون به ٻار جي جنس مطابق تبديل ٿينديون آهن . اگر پٽ ڄمي ته سموري گھر ڀاتين جي چهري تي خوشي واري ڪيفيت جھلڪي پوندي آهي. جيڪڏهن نياڻي ڄمي پوي ته نه چاهيندي به سمورن ڀاتين جي چهري تي رنج واروراڪاس لڪائڻ باوجود به لڪي ناهي سگھندو، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جهلڪي پوندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گھر جي ڀاتين جي حالت  مرڳوئي مجرمانه ٿيو پوي، جڏهن ان گھر ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار نه پٽ هوندو آهي نه وري ڌيءُ ، اهڙي گھرن ۾ ان وقت قهرام مچي ويندو آهي. نه صرف سمورو گھر پر سمورو معاشروبه اهڙي ٻار کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. اهڙي ٻار جو انت آڻڻ لاءِ سمورا هٿڪنڊا جڏهن هلي ناهن سگھندا تڏهن ئي هو ساهه کڻڻ لاءِ معاشري ۾ ڦٽو ڪيو ويندو آهي. سندس والدين معاشري ۾ رسوائي جي  خوف کان ڪيترا ئي ڏينهن ٻار جي سڃاڻپ لڪائيندا آهن.

انهي ڪيفيت ۾ اهو ٻار جڏهن سمجھ لائق ٿئي ٿو. ته هو هڪ وڏي ذهني اذيت  ۾ مبتلا ٿيو وڃي. سماج جا منفي رويه اهڙي ٻار کي باقي ٻارن کان الگ ڪري بهاريو ڇڏين. جڏهن ته اهو به هڪ انسان آهي ڪنهن به سماج ۾ بنيادي انساني  حقوق مطابق اهڙن ماڻهن جو به پورو پورو حق هوندو آهي. ته هو به کليل هوا ۾ آزادي سان  ساهه کڻي سگھن.

پاڪستان جي آئين جي  آرٽيڪل نمبر 25 موجب قانون جي نظر ۾ سڀ شهري برابري جي حيثيت رکن ٿا ۽ برابري جي بنياد تي قانوني تحفظ جا حقدار آهن. محض جنس جي بنياد تي ڪنهن به شهري سان امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو.  جڏهن ته انساني حقن جي آرٽيڪل نمبر 2 ۾ پڻ واضع نموني لکيل آهي ته سمورا انسان آزاد پئدا ٿيا آهن. عزت، وقار ۽ حقوق  جي سلسلي ۾ برابري جي حيثيت جا حامل آهن. پر بدقسمتي سان اسانجي سماج ۾ پيڙهيل طبقن کي وڌيڪ ذلتن  ڀري زندگي گذارڻي پوي ٿي ۽ کين نيچ ڏيکارڻ  لاءِ نت نوان طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا.

جنهن جو وڏو مثال خواجه سرا  جي سڃاڻپ ۽ مڃتا آهي، جيڪا انهن کي نٿي ڏني وڃي. معاشرو خواجه سرائن جي  تعليم حاصل ڪرڻ ۾ وڏيون رڪاوٽون وجھندو آهي جنهن سبب هو تعليم حاصل ڪري ناهن سگھندا. اهڙي ڏکين حالتن مان گذري اگر ڪو خواجه سرا ٿوري گھڻي تعليم پرائي وٺي ته وري معاشري جا مهذب کيس عزت ڀريو روزگار حاصل ڪرڻ جي راه ۾ رڪاوٽون وجھندا آهن. غلطي سان جيڪڏهن اهڙي خاص ماڻهون کي ڪو عزت ڀريو روزگار حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي  ملي به وڃي. ته هو پنهنجي بدني بناوت ۽ لباس جي ڪري   گڏ ڪم ڪندڙن جي نظرن جو مرڪز هوندو آهي. وڏي ڳالهه ته هن سماج جا ماڻهون انهن کي پاڻ سان گڏ هلائڻ به عيب سمجھن ٿا. پر جيڪڏهن اسين پنهنجي پاڙيسري ملڪ انڊيا تي نظر وجھنداسين ته اسان کي محسوس ٿيندو ته اتان جي حڪومتن ۽ سول سوسائيٽي خواجه سارائن کي معاشري ۾ عزت ڀريو مقام مهيا ڪرڻ لاءٌ منجھائن ڪجھ خواجه سرائن کي  ٽيڪس وصولي واري اداري ۾ روزگار ڏئي سندن  جون اسپيشل ٽيمون ٺاهي کين ٽيڪس وصولي لاءِ معمور ڪري ڇڏيو آهي. هو هر سال لڳ ڀڳ 1000 هزار ڊالر پراپرٽي ٽيڪس وصولي ڪري حڪومت کي جمع ڪرائن ٿا. پر اسان وٽ ته هي مظلوم ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ صرف ٽيڪس ڏين ٿا.

عزت ڀريوروزگار نه ملڻ ڪري هو مجبور ٿي ڳائي وڄائي، نچي ماڻهن کي خوش ڪري خيرات  وٺي گذران ڪن ٿا ڪي وري جسم فروشي جھڙو غلط پيشو اختيار ڪري  پيٽ جي باه وسائن ٿا ۽ سر لڪائڻ لاءِ اجھي جو بندوبست
ڪن ٿا.

2009ع ۾پاڪستان  سپريم ڪورٽ هڪ آرڊر پاس ڪيو. جنهن ۾ خواجه سرائن جي قومي شناختي ڪارڊ ۾ کين جنس واري ڪالم ۾ خواجه سرا لکائڻ جي اجازت ملي.

عام طور تي ڏٺو وڃي ته هي به انسان آهن. صرف سندن بدني بيهڪ جي ڪري ٻين کان الڳ آهن. پوءِ انهن ۾ ڪي عورت هوندا آهن ته ڪي وري مرد، ڪي قدرتي خسرا هوندا آهن. ته ڪي وري هٿرادو ٿيندا آهن. پر سماج انهن کي بلڪل مختلف نظرن سان ڏسي ٿو. اگر ڏهن ماڻهن ۾ هڪ خواجه سراهه هجي ته مرداڻي معاشري ۾ ماڻهون ٻين کي ڇڏي صرف ان کي ئي  نظرن جو مرڪز بڻائيندا آهن. پوءِ ان صورت ۾ هو يا ته گھٻرائجي ويندا آهن. يا ته ڪاوڙ ۾ زر ٿي ويندا آهن. ٻئي ڪيفيتون انهن لاءِ نقصان جون حامل هونديون آهن.

هن ملڪ جي آئين مطابق کين اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو حق آهي . جنهن تحت هو 2013 واري اليڪشن ۾ سرگرم رهيا. پنهنجن حقن کي پاڻمرادو حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪوششون وٺهندا رهيا. ڏسڻو اهيو آهي ته  ايندڙ اليڪشن ۾ هي پنهنجي جستجو کي ڪيئن جاري رکي سگھندا. جڏهن ته موجودا آدمشماري مطابق سندن سراسري ڳڻپ سڄي پاڪستان ۾ صرف 10،000 آهي.جڏهن ته هڪ اندازي مطابق صرف لاهور شهر ۾ خواجه سرائن جو انگ ڏه هزارن کان مٿي آهي  انهي عالم ۾ جڏهن هنن جي آبادي ڪنهن سازش تحت گھٽ ڄاڻائي وئي آهي. ته پوءِ ڇا کين اهي انسان ووٽ ڏيندا؟ جيڪي کين پاڻ سان گڏ وهاريندي به عيب ٿا سمجھن.

اسان جي معاشري ۾  خواجه سرائن کي  برداشت ڪرڻ جي اهڙي صورتحال آهي ته پوءِ ته اهيو ڪيئن ممڪن آهي ته هي مظلوم طبقو پنهنجو آواز وس وارن تائين پهچائي  ته جيئن ملڪ ۾ انهن لاءِ به اهي سڀ سهولتون مهيا ٿين. جهڙيون ٻين انسانن لاءِ موجود آهن. يا کين به معاشرتي ليول تي  ٻين جهڙو سمجھيو وڃي.ڇو ته خواجه سراه جي بدن ۾ به اهو ئي رت گردش ڪري ٿو جيڪو ڪنهن ٻيءِ انسان جي بدن ۾ هوندو آهي . ڳالهه صرف سمجهه جي آهي. هي جنس  به اسان جي سماج جو هڪ اهم حصو آهن.

انساني حقن جي بيحرمتي يا لتاڙ

پوري دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جا قانون سرڪل ڪن ٿا. انهن ۾ ڪيترا اهڙا قانون آهن جيڪي باقائدي فائدي مند آهن. يقينن سڀ فائدي مند هوندا پر عمل ڪيترن تي ٿي رهيو آهي.انهن قانونن مان هڪ اهڙو به قانون آهي جيڪو صرف عورتن لاءِ ٺاهيو ويو آهي. جنهن کي سيڊا چيو ويندو آهي. سڄي دنيا جي عالمي حڪومتن تي هي پدهر نامو اوڻهين سو اوڻها سي1989 ۾ نافظ ڪيو ويو. ان ۾ بلڪل واضع ءِ چٽا ٽيهه 30 نقتا رکيا ويا.

هي پدهرنامو عورتن سان جيڪي امتيازي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ان کي نظر ۾ رکندي جوڙيو ويو هو. اڄ ان ڳالهه کي هيترو وقت گذري چڪو آهي. هن پدهر نامي تي ڪيترو عمل ڪيو ويو آهي. مٿهين ليول تي ڪيترا ئي دفعه هن جي رپورٽ به انساني حقوق واري عالمي اداري کي موڪلي وئي پر ڇا ان جو ڪو نتيجو نڪتو. جي ڪنهن به ملڪ جي ڳالهه ڪجي ته سيڊا جي باري ۾ ان ملڪ جي لوڪل عورت کي ڪيتري خبر آهي.عورت تي اڃ به تشدد ڪيو ٿو وڃي، ان کي تزليل ڪيو ٿو وڃي،جنسي هراسان ڪيو ٿو وڃي. هر ڏينهن اخبارون سنسني خيز خبرن سان ڀريون پيون هونديون آهن. جن ۾ اسي فيسد عورتن سان ٿيندڙ وارداتون يا واقعا هوندا آهن.

 اسان جي سماج ۾هڪ اٻوجھ ءِ هيڻي عورت تي ڏاڊ ءِ جبر جي زور تي جسماني ءِ ذهني تشدد ڪيو ٿو وڃي. ايستائين جو هو مرڻ جي حالت تائين پهچي وڃي ٿي. رتو ڇاڻ ٿيو وڃي . پر پوءِ به ان ظلم جي خلاف پنهنجو آواز بلند نٿي ڪري. اهو به نٿي سوچي ته جيڪڏهن اڄ آئون هي ظلم چٰپ چاپ سهنديس ته هي سلسلو منهنجي نسلن تائين هلندو رهندو. سيڊا واري قانون جي آرٽيڪل نمبر اٺ مطابق عورت کي پورو حق آهي ته هو پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏي يا اقتدار ۾ اچي. پر هتي ته ان قانون جي صورتحال اهڙي بڻائي ويندي آهي جو عورت ووٽ ڏي ته وڏيري يا مڙس جي مرضي سان ڏي يا ته وري ڏي ئي نه اقتدار ۾ اچڻ لاء صرف معتبر شخصيتن جي گھراڻن جون عورتون ئي بهتر ڪردار آهن.  انهن کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ڪڏهن ڪنهن سوچيو آهي ته ملڪ ۾ ڪيترو ٽيلنٽ ڀريو پيو آهي. جيڪو پڻ استعمال ڪرڻ جوڳو آهي.

هتي عورت جنهن گهاڻي ۾ صدين کان پسجندي اچي پئي اڃ به پٽ پيدا نه ڪرڻ تي هن کي ڪٰهاڙيون لڳن ٿيون. اڃ به هن ملڪ جي انتهائي خراب صورت حال کي سڀ کان وڌيڪ عورت ئي ڀوڳي رهي آهي. هو گرمي،سردي،بارش جهڙيون سڀ تڪليفون سهندي به پنهنجي قائد کي کٽائڻ لاء روڊ تي پنهنجي سنهن بچن سميت ويٺي هوندي آهي. هن جي قائد کي اها خبر ئي نه آهي ته هن جا پنهنجا ذاتي ڪيترا ءِ ڪهڙا مسئلا آهن. هاڻي پارٽين لاء مسئلو حل ڪرائڻ ايگو، انا جي صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. ان ۾ پيڙهجي پئي مظلوم عورت جنهن کي ڊهال بڻائي استعمال ڪيو پيو وڃي. ڇا انهي ظلم جي ڪا حد آهي؟

 آخر ڪيسيتائين هي ظلم هلندو. جهمهوريت جي ڳالهه ٿي رهي آهي. پر ان جهمهوري نظام ۾ ڪو به بهتري جو آسرو نظر نٿو اچي. جنهن کي ڏسي چئجي ته مسئلا حل جي طرف وڃي رهيا آهن. پاڪستان جو آئين چوي ٿو ته آئون انساني حقن جو تحفظ ڪندس. انهن جي زندگين جو تحفظ ڪندس پر اڃ ملڪ ۾ جيڪا صوتحال پکڙيل آهي. اهو ڏسندي صاف واضع ٿيو وڃي ته هي انساني حقن جي بيحرمتي آهي. هڪ عام ماڻهون کي اهي قانون پورا حق ڏياري سگھندا يا نه ؟

ٽيڪس وصولي ۽ عورت جو ڪردار

 

هڪ وقت هو جو سون مياڻي تان ان دور جي دلورا بادشاه صرف هڪ شخص مورڙي جي چوڻ تي اتي جي سـڄي  رياست تان ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ دور اهو به گذريو آهي ته ، سنڌ جي هڪ بادشاهه ڄام تماچي رڳو پنهنجي هڪ راڻي جيڪا ان وقت جي شاهي رسم ۽ رواج کان هٽي ڪري هڪ انتهائي غربت ، اٻوجهائي ۽ اڻڄاڻائي جي ورچڙهيل ڪميونٽي مان هئي . يعني نوري مُهاڻي. جنهن جا مائٽ سارو ڏينهن ڄار ڪلهي ڪري ڍنڍن مان ڊينڊ جهلي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا. پر جڏهن سمي ڄام جي اک ان ککيءَ هاڻي نوري جي نياز ۽ نوڙت ڏسي مٿس موهجي پئي ۽ سنڌ جي تخت هلي مهاڻن جي گندگيءَ ڀريل مڇيءَ جي ڇٽ وارين جهوپڙين ۾ نوريءَ سان لانئون لڌيون ته نوريءُ جي چوڻ تي سنڌ جي ان وقت جي سمورين ڍنڍن مان مڇي جي شڪار تان سمورا ٽيڪس ۽ محصول معاف ڪيا ويا.سنڌ جي تاريخ اهڙين ڪهاڻين ۽ قصن سان ڀري پئي آهي هي ته اهي ڳالهيون آهن، جن جي شاهدي اسان کي شاه لطيف جي بتن مان به ملي ٿي.هڪ دور اهو هو ۽ هڪ دور اڄوڪو آهي. اسان جي ملڪ جا اڳواڻ هڪ شخص تـ ٺهيو پر سڄي رياست جي عوام گھوڙا گھوڙا ڪري پوءِ بـ ٽيڪس معاف نٿو ٿئي بيڻو وڌندو پيو وڄي.

هونئن تـ ٽيڪس وٺڻ جي شروعات حضرت عمر رضه کان ٿي هئي. ٽيڪس جو اهو پيسو گڏ ڪري  غريبن، يتيمن،محتاجن ۽ بيواه عورتن تي خرچ ڪيو ويندو هو. اڄ جي جديد دور واري ٽيڪس جي شروعات 1798 کان ٿي. جيڪا ان دوۡر جي حاڪم وليم پيش ڪئي. ٽيڪس مان گڏ ٿيل اهي پيسا مخالف ملڪن سان جنگ وڙهڻ لاءِ ڪم ايندا هئا. اسان جي ملڪ اهو قانون آزاد ٿيندي ئي يعني1947ع تي گود يا هنج ورتو. جنهن کي ايڪٽ 1922ع چيو ويندو هو. پوءِ اڳتي هلي اهو انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ تبديل ڪري1978ع تي لاڳو ڪيو ويو. ۽ پوءِ ان ۾ وقت سان گڏوگڏ تبديليون اينديون ويون.

هن وقت پاڪستان ۾ ٻن قسمن جا ٽيڪس ورتا ويندا آهن. جنهن ۾ هڪڙا ڊائريڪٽ ٽيڪس يعني (سڌاسنوان ٽيڪس) جيڪي سڌو سئنون ڪنهن بـ فهم ، اداري يا ڪاروبار جي وڌنڌڙ ڪمائي تي لڳن ٿا. ٻيا اڻسڌا ٽيڪس جيڪي اسان روزمره جي ضرورت جون جيتريون بـ شيون واپرائيندا آهيون انهن تي لڳن ٿا. پاڪستان ۾چار ٽيڪس جيڪي روينيو جي ذريعي اچن ٿا. اهي هي آهن:  1ـ جنرل سيلز ٽيڪس، 2_سنٽرل ايڪسائيز ڊيوٽي، 3_ڪسثم ڊيوٽي، 4_انڪم ٽيڪس.

روزمره جون جيڪي بـ شيون استعمال ۾ اچن ٿيون. انهن ۾ حڪومت طرفان روپين سان گڏوگڏ پيسن جو بـ واڌارو ٿئي ٿو. خاص ڪري گيس، پيٽرول، بجلي ۽ ٻيون شيون. اسان جي ملڪ ۾ 1961ع يعني صدر ايوب جي دوۡر ۾ جيڪا ڪرنسي استعمال ڪئي وئي ان ۾ 5، 10، 50، ۽ 25 پيسـ متعارف ڪرايا ويا. اهي سڪا صدر ذياالحق جي دوۡر تائين هلندا رهيا ۽ پوءِ آهستي آهستي اهي ختم ٿيندي ويا. اڃ جي تاريخ ۾ آّخري سڪو 1 روپي جو آهي. جيڪو هر امير ۽ غريب جي هٿن ۾ پهچي ٿو. تـ جڌهن اسان جي هٿن ۾ آّخري سڪو روپين ۾ اچي ٿو. تـ پوءِ حڪومت طرفان اسان کان هر شئي تان پيسن جي ڊمانڊ ڇو ٽي ڪئي وڃي. پاڪستان جي 20 ڪروڙ آبادي کان هر روز 80 پيسـ ، 20 پيسـ ، 50 پيسـ ، 60 پيسـ ورتا وڃن ٿا سڄي ملڪ مان اها رقم روزانو جي بنياد تي وصول ڪئي وڃي ٿي. هفتيوار، ماهوار ۽ سالانـ اها رقم لڳ ڀڳ لکن ، ڪروڙن ۽ اربن جي شڪل اختيار ڪري وڃي مڪلي خزاني ۾ گڏ ٿئي ثي. جنهن جو ڪو بـ، ڪٿي به حساب ڪتاب ئي نـ آهي. ۽ نـ ئي وري ڪير پڇا ڻو ڪري ٿو .

اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي عورتن جي رهي آهي. پر سندس جياپي جا ذريعا تمام گھٽ رهيا آهن. بلڪ نـ هئڻ جي برابر اڄ جي دور ۾ بـ عورت تعليم کان محروم آهي،صحت جي سهولتن کان محروم آهي، بنيادي حق نٿا ڏنا وڃن، روزگار ڪرڻ جا موقعا نٿا ڏنا وڃن. سياسي شعور کان بيخبر آهي، سماجي ڳالهين ۽ فيصلن کان بيخبر آهي، گھريلو تشدد ڪيو ٿو وڃي، هتي جي عورتن سان ناانصافي وارو عمل گھر کان وٺي ملڪي سطح تي هلندو پيو اچي. ان هوندي بـ اسان جي قوم جي نياڻين جي برداشت جي حد تـ ڏسو. جو هو ملڪ جي معيشيت ۾ ٻيڻو حصو ڀري ٿي17 فيصد ٽيڪس ڀري. هتي ٻن طبقن جون عورتون رهن ٿيون. هڪ شهري ۽ ٻيون ٻهراڙي ۾ رهندڙ. انهن ٻنهي طبقن جي عورتن جو ملڪي معيشيت کي وڌائڻ ۾ وڏو حصو آهي.

شهر جي عورت

توهان ڏسندا هوندا تـ وڏن شهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ رش عورتن جي هوندي آهي.عيد هجي، شآدي هجي، پارٽي هجي يا ڪو ٻيو پروگرام شهر جي عورت ٻارن کان وٺي گھر جي هر ڀاتي لاءِ ڪپڙن کان وٺي جتين تائين جي خريداري ضرور ڪندي آهي. ان سان گڏوگڏ گھر جو ڪجھ خاص ۽ ضروري سامان پڻ وٺندي آهي. اها خريداري هو سال ۾ 4 ڀيرا ضرور ڪندي آهي. جيڪڌهن جملي هڪ گھر ۾ 7 ڀاتي رهن ٿا تـ انهن جي شين تي ٽيڪس ٻدجي تـ ڪيترو ٿو ٿئي. هر هڪ ماڻهو جي خريداري تي ٽيڪس ٿئي ٿو. کاڌو، پاڻي، پجلي ۽ گيس جو خرچ وري الڳ هوندو آهي. اهڙي طرح هو ملڪي جي، ڊي، پي ۾ ڪنٽريبيوشن ڪري ٿي.

ٻهراڙي جي عورت  

پاڪستان هڪ زرعي آبادي ڪندڙ ملڪ آهي. هتي جي معشيت جو وڏو حصو زراعت تي مشتمل آهي. گھڻي ڀانڳي ڏٺو وڃي تـ ٻني ٻاري جو ڪم مردن کان وڌيڪ عورتون ڪن ٿيون.  صبح سوير کان وٺي شام تائين پوءِ اهو گۡڏ ڪڍڻ هجي يا گند گاهه ، وهر ڪرڻ کان وٺي لابارن تائين پنهنجي صحت جي به پرواه نـ ڪندي، هوءَ سمورو ڏينهن ٻني ۾ ڪم ڪري ٿي. پوءِ چاهي آسمان ۾ ڪيتري بـ تپش هجي. موسم ڪيترو بـ سرد هجي يا ، وري تيز برساتون هجن. پر هن کي ڪا بـ پرواه ناهي هوندي۽ نه ئي وري ڪو هن جي پرواه به ڪندو آهي . هر حال ۾ هي پنهنجي محنت جاري ۽ ساري رکندي آهي. جيڪڏهن هي محنت نـ ڪري تـ جيڪر اسان جي ملڪ جا سڀ ماڻهوبُک وگھي پنهنجو پساهه وڃائي وهن.

اسان جا حڪمران جڏهن ٽيڪس جو پيسو ميڙڻ شروع ڪندا آهن. تڏهن انهن کان اهو وسريو وڃي تـ هي اهو پيسو آهي جيڪو هڪ ماءُ پنهنجي ٻچي کي روئندو ڇڏي سڄو ڏينهن ٻني تي ڪم ڪري ڪمايو آهي. هي اهو پيسو آهي جيڪو سڄو ڏينهن خريداري ڪندي ٿڪاوٽ مان بيحال ٿي هڪ عورت ڏنو هو. جنهن جي لاءِ اسان ٻازار ۾ هڪ بينچ بـ رکي نـ سگھياسين. جو هو پنهنجي ٿڪ ڀڃي.

حڪومت کي گھرجي تـ غريب عوام تان هي ٽيڪس جو عذاب گھٽ ڪن. تـ جيئن اهي سۡک جو ساهه کڻي سگھن. ٽيڪس جا جيترا بـ طريقا آهن اهي سڀ امير طبقن، ادارن، ڪمپنين ۽ ڪارخانن کان وصول ڪيا وڃن. جيستائين انهن سمورن سرمائيدارن وٽان ٽيڪس جو پيسو نـ ايندو. تيستائين ملڪ جي ترقي ناممڪن آهي.