ٽيڪس جي ٽياس تي ٽنگيل غريب عوام ۽ طبقاتي نظام

اھا حقيقت آھي تہ امير ماڻھوء کي غريبي جي ڪھڙي خبر ته صبح جو اھو غريب جيڪو پنھنجا ٻچا لنگھڻا ڇڏي روزگار جي لاءِ شھر جي چوڪ تي وڃي مزدوري جي آسري تي ويھي ٿو رھي، پر جڏھن کيس ڪا به مزدوري ناھي ملندي تہ ھو مايوسي وارو منھن کڻي واپس موٽندو آھي ته ان وقت سندس احساس ڪھڙا ھوندا آھن، سندس سوچ ڪھڙي ھوندي آھي. اهو ته صرف انهن کي ئي خبر هوندي آهي. پر موجوده حڪومت تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي. ڇو ته اها حڪومت عوام جي ضرورتن ۽ انهن جي دردن کي نه ڄاڻي سگھي آھي. اسان جا موجوده ڪرپت حڪمران ۽ ڪامورا غريب عوام جي ٽيڪس جي پيسن مان عيش عشرت پيا ڪن ۽ هتان غريب عوام جو پئسو کڻي ٻاھرين ملڪن ۾ سيڙپڪاري پيا ڪندا آهن. اڄ جي ھن طرقي يافته دور ۾ غريب، غريب تر ٿيندو پيو وڃي ۽ امير، امير تر ٿيندو پيو وڃي. انھيءَ جو ھڪ وڏو سبب طبقاتي نظام آھي جنھن ۾ ھڪ عام ماڻھو ته ٽيڪس ادا ڪندو آھي پر اھو وڏيرو، حڪمران يا ڪارپوريٽ سيڪٽر جا والي وارث جي ڪرسي، دولت ۽ طاقت جي نشي ۾ ڌت غريب عام جي ٽيڪس جا ادا ڪيل پئسا چوري ڪري دنيا جي ملڪن ۾ وڃي سيڙپ ڪاري ڪري ٿو. عام ماڻھو ويچارو ته ماچيس جي تيلي کان وٺي ڪري، اٽو، لوڻ، ۽ ٻين عام ضروري شين تي ٽيڪس ادا ڪندو رهندو آھي. ٽيڪس ادا ڪرڻ ملڪ جي مجموعي ترقي لاءِ اهم آهي. اهو چيو ويندو آهي ته ٽيڪس ڀاڄي، ڳڀي، ڀت وانگر ضروري ھوندو آھي، استاد بخاري جي سٽن وانگر ته “مڃو ٿا سنڌ تنھنجي سينڌ کي رت جي ضرورت آ رت کي وري ڀاڄي، ڳڀي، ڀت جي ضرورت آ” اھو ڀاڄي، ڳڀو، ڀت ٽيڪس آھي جيئن انسان جي جياپي لاءِ کاڌو ضروري ھوندو آھي ائين ئي ٽيڪس به ملڪ جي اوسر ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان جي ملڪ ۾ ٽيڪسن کي گڏ ڪرڻ جو ھڪڙو نظام ٺھيل آھي، جنھن جون پاڙون پڻ عوام دشمن، غريب دشمن اڪثريت دشمني تي رکيل آھن. اسان وٽ ٽيڪس آمدني جي بنياد تي نه آهي پر ماڻھو جي شين خريدڻ ۽ انهن جي استعمال جي بنياد تي لاڳو ڪيو ويندو آهي. جنھن ڪري غريب کي ھر شيء جي خريداري تي ٽيڪس ڏيڻو پوي ٿو جڏھن ته شاھوڪار مختلف طريقن سان پنھنجو ٽيڪس بچائي وڃن ٿا. ٽيڪس جو سڄو نظام اڻ سڌين ٽيڪسن وصول ڪرڻ تي آھي جنھن کي ريگريسو ٽيڪس (اڻ سڌا ٽيڪس جيڪي صرف خريداري تي وڃن) جو نظام ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏھن ته باقي دنيا اندر اھو پرگريسو نظام (جنھن ذريعي ماڻھن، ادارن جي سڌي منافعي ۽ ڪاروبار جي آمدني تي ٽيڪس ورتا وڃن، (جيڪو جيترو ڪمائي اوترو ٽيڪس ڏي) آھي جنھن ۾ ٽيڪس جو بار سمورن طبقن تي ھڪجھڙو نه پر سندن ڪمائي تي ورتو ويندو آھي. جيڪو انصاف تي ٻڌل نظام آھي، انھيء نظام کي رائج ڪري طبقاتي نظام ختم ڪيو وڃي ته جئين غريب عوام کي ٽيڪس جي چڪي ۾ وڌيڪ پيڙھجڻ کان بچايو وڃي..