ماڻهن جي معيشت

چوندا آهن ته غربت کي لخ لعنت آهي، ڇاڪاڻ جو غربت به اميريء جيان قسمت جو چڪر آهي جيڪو غريب کي غريب ترين ۽ امير کي امير ترين بڻائي ٿو. غريب غربت جي گھاڻي مان نڪرڻ جا ڪيترا ئي وس ڪري پر غربت انجون سڀ راهون روڪيو ڇڏي. غريب وٽ نه پنهنجواجهو، رڳو اٽي لپ ۾ پورو، نه صحت جي سهولتن تائين سندن رسائي ، جي ٻارن کي اسڪول موڪلين ته گھر ڪيئن هلائين، جي سرڪاري اسڪول موڪلين ته ڇوڪرا ٻاهر ڪم ڪري جيڪي کڻيو اچن سوڪير ڪمائي ۽ ڇوڪريون جيڪي گھر سنڀالي ويٺيون آهن سو ڪير ڪري؟ غريب چو کنڀو ورتو پيو آهي ۽ انکي هو پاڻ توڙي سڄو معاشرو سندس تقدير سمجهي ٿو. “ لکيئي منجهان ليک، ذرو ضايع نه ٿئي.” غريب ڄڻ روز اول کان غربت جو ليک پنهنجي حصي ۾ لکرائي کڻي آيو آهي ۽ کيس سڄي حياتي ان جو بار ڍوئيندي ئي گھارڻو آهي. هڪ پاسي  مهانگائي جو جن ته ٻئي پاسي وڏيري جي لانگ ته ٽئين پاسي نه رائي نه رسائي ۽ چوٿين پاسي اڳتي اچڻ ۽ زندگي کي بهتر بنائڻ جي موقعن جي اڻهوند ۽ پهچ نه هئڻ انکي هر اڀرندڙ ڏينهن ۾ وڌ کان وڌ ڪمزور پيو بڻائي. ڇا اهو سندس نصيب آهي؟ ڇا چڱي قسمت ۽ قدرت به غريب لاءِ نه آهن ؟ ڇا غريب لاء اهو ئي بهتر آهي ته اهو پنهنجي قسمت جي لکئي کي قبول ڪري ،پنهنجي سوڙ آهر پير ڊگھيري ۽ رب جي رضا تي راضي رهي؟

تازو ڊيووس، سوئٽزرلينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي آڪسفيم پاران هڪ تحقيقي رپورٽ جاري ڪئي ويئي آهي، جنهن جو عنوان آهي “ 99 سيڪڙو جي اقتصاديات”. ان رپورٽ ۾ دنيا جي دولت ڪٿي پئي ڪٺي ٿئي ۽ ڪيئن پئي ڪٺي ٿئي ۽ انکي ڪير ڪيئن پيو خرچ ڪري ان بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن. ان رپورٽ جي ڊيٽا تي آڪسفيم مسلسل ٽي سال ڪم ڪيو آهي. اهو ڊيٽا جڳ مشهور رسالن فاربس ۽ ڪريڊٽ سوسي کان حاصل ڪيو ويو آهي.

تقريبن چار سال اڳ، عالمي اقتصادي فورم پڻ ان ڳالھ جي نشاندهي ڪري چڪو آهي ته سموري دنيا جي سماجي استحڪام کي سڀ کان وڏو خطرو معاشي ۽ اقتصادي اڻبرابري جوآهي. ساڳئي ريت، عالمي بينڪ به پنهنجي غربت ختم ڪرڻ واري حدف کي گڏيل خوشحالي سان جوڙيو آهي. دنيا جي اڳواڻن پائيدار ترقيء جا حدف ، جيتوڻيڪ مڙني ملڪن لاءِ هڪجهڙا طئي ڪيا آهن ، توڙي اهي ترقي جي ڪهڙي به ڏاڪي تي هجن. انهن حدفن ۾ حدف 10 دنيا مان اڻبرابري ختم ڪرڻ بابت آهي. سوال اهو ٿو اڀري ته انهن سمورين ڪوششن جي باوجود به دنيا ۾ امير ۽ غريب جو فرق ڇو وڌندو پيو وڃي؟ ڇو اڄ جهڙي  تيز ترقي جي ڊوڙ واري ايڪويهين صديء ۾ به نون مان هڪڙو ماڻهو لنگھڻ سمهڻ تي مجبورآهي؟

رپورٽ چوي ٿي ته آڪٽوبر 2015 جي ڊيٽا مطابق دنيا جي امير ترين آبادي ، دنيا جي ڪل آبادي جو فقط هڪ سيڪڙو آهي. يعني هڪ سيڪڙي وٽ ايتري دولت گڏ ڪيل آهي جيتري باقي دنيا جي 99 سيڪڙي وٽ آهي.

تازي ڊيٽا موجب  دنيا جي فقط اٺ (8 ) ماڻهن وٽ ايتري دولت آهي جيتري دنيا جي غريب ترين اڌ آبادي وٽ آهي.اهي اٺ ئي مرد آهن ۽ انهن اٺن ماڻهن مان ڇھ آمريڪي آهن، هڪڙو اسپيني آهي ۽ هڪڙو ميڪسيڪي آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي غريب ماڻهو مقروض آهن. ماهر ان کي اڻ برابري جو بحران ڪوٺين ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن دولت ڪٺي ڪرڻ جي اها ئي رفتار رهي ته ايندڙ ويهن سالن ۾ ، فقط 500 ماڻهو تقريبن 2.1 ٽرلين ڊالر پنهنجي وارثن کي منتقل ڪندا. اهو پئسو انڊيا جهڙي ملڪ، جنهن جي آداني 1.3 ملين آهي، ان جي سالياني مجموعي ملڪي پيداوار کان به گھڻو آهي.

انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 1988 کان 2011 جي وچ۾ 10 سيڪڙو غريب ترين ماڻهن جي آمدني هر سال ٽن ڊالرن کان به گھٽ وڌي آهي ، جڏهن ته فقط هڪ فيصد امير ترين ماڻهن جي آمدني 182 ڀيرا وڌي آهي.

دنيا جو مشهور ماهرِ اقتصاديات ٿامس پڪٽي جي تجزئي موجب آمريڪا ۾ گذريل ٽيهن سالن ۾ 50 سيڪڙو غريب ترين ماڻهن جي آمدني ۾ ڪو به اضافو ناهي ٿيو جڏهن ته امير ترين هڪ سيڪڙي جي آمدني 300 ڀيرا وڌي آهي.

ويٽنام ملڪ جو امير ترين شخص جيترو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪمائي ٿو اوترو ان ملڪ جو غريب ترين شخص ڏهن سالن ۾ به ڪمائي نٿو سگھي.

فنانشل ٽائيمز اسٽاڪ ايڪسچينج 100 ، جيڪا لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 وڏين ڪمپنين جي ڪاروبار کي برطانوي قانونن مطابق هلائي ٿي، تنهنجو چيف ايگزيڪيوٽوآفيسر جي سال جي ڪمائي بنگلاديش جي گارمينٽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ڏھ هزار مزدورن جي ڪمائي جي برابر آهي.

اڄ جو هي جديد ترين دور ، جنهن کي انساني ترقيء جو سونهري دور ليکيو وڃي ٿو، جيڪو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء جا ڏاڪا برق رفتاري سان پيو اڪري، اهو دراصل هڪ امير ترين دور آهي جنهن ۾ ڪرپشن ۽ سماجي مسئلن جو هڪ ٻرندڙ جبل پيو پچي.

ڇا اهو اڻبرابري جو بحران قدرتي آهي؟ غريب جو نصيب آهي يا اهو ان قاتل ۽ ظالم نظام جو نتيجو آهي جنهن چند ماڻهن جي هٿن ۾ سموري انسانذات جي تقدير ڏيئي ڇڏي آهي؟ هي سرمائيداري نظام کڻي ڪيڏو به پاڻکي ترقي يافته ڪوٺائي پر اهو معاشرو جنهن ۾ فقط ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو پراميد هجن پر باقي دنيا خوف، محرومي ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا هجي، انکي ڪنهن به ريت صحتمند نظام ۽ معاشرو نٿو ڪوٺي سگھجي.

نيو لبرل ازم جو نظريو ان سڄي استحصالي نظام پٺيان ڪارفرما آهي، جيڪو چند مفروضن تي بيٺو آهي. پر وقت ثابت ڪيو آهي ته سندس اهي سمورا مفروضا سطحي ۽ ٺڳي جو ٺاھ آهن.

1.فري مارڪيٽ

نيو لبرل ازم جو بنيادي مفروضو فري مارڪيٽ اڪانامي آهي يعني مارڪيٽ هميشه صحيح   هوندي آهي ۽ حڪومتن کي  گھرجي ته اهي ان ۾ گھٽ کان گهٽ مداخلت ڪن ته جيئن مرڪيٽ وڌي ويجهي. حڪومت جي بيجا مداخلت مارڪيٽ کي سست بڻائي ٿي ۽ انجي رفتار گھٽائي ٿي. انجو نتيجو اڄ اسانجي سامهون مارڪيٽ مافيائن جي صورت ۾ آهي، جيڪي ملڪي توڙي عالمي سطح تي اجگر بلائن جيان سڀ ڪجھ ڳڙڪائڻ لاءِ آتيون آهن. انهن مافيائن کي فري مارڪيٽ، فري اڪانامي، ورلڊ ٽريڊ آرگنائزيشن ۽ اهڙن ڪيترن عالمي بخملن ۾ ويڙهي پيش ڪيو ٿو وڃي. نتيجو امير امير ترين ۽ غريب غريب ترين!

2. منافعو اولين شرط آهي

نيو لبرل ازم جو ٻيون مفروضو اهي ته ڪارپوريشنن يا وڏين ڪمپنين کي هر قيمت تي منافع ڪمائڻ ۽ انکي پنهنجي حصيدارن کي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان معاوضي ڪمائڻ خاطر اهي وڏيون ڪمپنيون پنهنجي مزدورن، آبادگارن ۽ اڪرو ڪندڙن تي دٻاءُ اجهن ٿيون ۽ ٽيڪس چوري جا نت نوان طريقا ڳولهي لهن ٿيون.

3. انفراديت خوشحالي ۽ ڪاميابي جي نشاني آهي

نيو لبرل ازم جو هڪڙو مفروضو اهو پڻ آهي ته انفراديت کي هٿي ڏجي ڇاڪاڻ جو انفرادي دولت خوشحالي ۽ ڪاميابي جي نشاني آهي. فردن کي فقط پنهنجو پاڻ لاءِ  جيئڻ گھرجي. ان قسم جي سوچ جو ڪنهن به ريت انبرابري سان ڪوبه واسطو نه آهي ڇاڪاڻ جو هر فرد کي پنهنجي زندگي ٺاهڻ ۽ دولت ڪمائڻ جو حق حاصل آهي. ان مفروضي جو ئي نتيجو آهي جو اڄ فقط اٺن فردن جي هٿن ۾ باقي اڌ آبادي جيتري دولت آهي.

4. مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافو

نيو لبرل ازم جو چوڻ آهي ته پاليسي سازي جو بنيادي مقصد مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافو هئڻ گھرجي. جڏهن ته جي ڊي پي ۾ سموري دميا جي عورتن جو بنا معاوضي واري ڪم جو ڪو ڪاٿو ڪونهي، جيڪو اها گھر ۾ به ڪري ٿي ته پنهنجي ٻنين تي به ڪري ٿي ۽ پنهنجي مال کي سنڀالڻ لاءِ به ڪري ٿي. وقت ثابت ڪيو آهي ته فقط اهو معيار ڪنهن به ريت ڪنهن ملڪ جي خوشحالي جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ڪافي نه آهي. مثلن زمبيا جي جي ڊي پي ته وڌي آهي پر اتي غريبن جي انگ ۾ واڌارو آيو آهي.

5. صنفي برابري

نيو لبرلازم جو هڪڙو مفروضو اهو به آهي ته اهو نظام صنفي طور غيرجانبدار آهي. جڏهن ته جي ڊي پي ۾ عورت جي اڻٿڪ محنت جو ڪو شمار ئي نه آهي. فيض احمد فيض چيو آهي “ همين ڪيا برا ٿا مرنا اگر ايڪ بار هوتا”. عورت جي ان سموري حصي کان سواءِ معيشت جو ڦيٿو هلي ئي نه ٿو سگھي.

 6. لامحدود قدرتي وسيلا

نيو لبرلازم جا ساٿاري ماحول کي محفوظ ڪرڻ جون ڳالهيون ڀلي کڻي ڪيڏيون به وڏيون ڪن پر سندن عملن اهو ظاهر ڪيو آهي ته اهي فقط نفعوڪمائڻ خاطر هن ڌرتي ماءُ جا محدود وسيلا بيدريغ استعمال ڪن ٿا ۽پنهنجن ڪارخانن  هلائڻ لاءِ ماحولياتي استحصال ڪن ٿا.

آمريڪا جيڪو دنيا جو وڏو ڪارخانيدار آهي ۽ سموري دنيا ۾ ڪاربن ڦهلائڻ جو ذميدار آهي سو اڄ اقوام متحده ۾ ماحولياتي ڪنوينشنن ۽ ڪيوٽو پروٽوڪول تي صحيح ڪرڻ لاءِ آماده ئي نه آهي.

جتي نيو لبرلازم جهڙا غريب دشمن نظريا پلجن ٿا اتي انسانن جي ڳالھ ڪندڙ سوچون به موجود آهن. ماڻهن جي معيشت جو نظريو هڪ اهڙي ئي ڳالھ پيش ڪري ٿو ته:

. حڪومتن کي 99 سيڪڙي لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي ۽ نڪي هڪ سيڪڙي لاء

. حڪومتون ماڻهن سان تعاون ڪن ۽ نڪي اميرن لاءِ ٽيڪس جون آماجگاهون بڻجن ۽ انهيءَ ڏس ۾ هڪ ٻئي سان مقابلي بازي ڪن جنهن ۾ اهي پنهنجي ملڪي سالميت کي به داءُ تي لڳايو ڇڏين. مثلن چند ڏوڪڙن جي عيوض امير ڪيترن ملڪن جي شهريت وٺي سگھن ٿا، اتي رهي سگھن ٿا ۽ ڪاروبار ڪري سگھن ٿا.

. ڪمپنيون سڀني جي فائدي لاءِ ڪم ڪن ، رڳو پنهنجي حصيدارن جي منافعي وڌائڻ لاءِ نه.

. انتهائي غربت جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن دولت گڏ ڪرڻ جي نظام کي ئي پاڙان پٽجي ۽ اهڙو نظام جوڙجي جنهن ۾ چند هٿن ۾ دولت گڏ نه ٿئي.

. نظام اهڙو هجي جيڪو مرد ۽ عورت لاءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪري ۽ انکي برابر ڪري ليکي

. ٽيڪنالاجي غريب جي فائدي لاءِ هجي ۽ نڪي انکي وڌيڪ غريب بنائڻ لاءِ.

. ماڻهن جي معيشت معني اهڙي معيشت جيڪا ماحولياتي طور پائيدار ترقي ۽ مستقبل جي ضامن هجي.

. ماڻهن جي معيشت جو مطلب آهي ته فقط جي ڊي پي ۾ اضافو ڪافي نه آهي پر جيڪو حقيقت ۾ اهم آهي انکي ڏسڻ گھرجي ۽ ليکڻ گھرجي.

اها ئي هڪ مثبت  سوچ آهي ۽ بهتر مستقبل جي ضمانت آهي ڇاڪاڻ جو فقط چند ماڻهن جي هٿن ۾ پنهنجو مستقبل ڏيئي ڇڏڻ خطرناڪ ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>