نيولبرلزم جي آمد ۽ معاشي اثرات

نيولبرلزم جو تصور ويهين صدي جي ٻي اڌ ۾ ظهور پذير ٿيو ۽ وڌندي وڌندي دنيا جي سمورين ملڪن ۽ اتي جي حڪومتي ۽ انتظامي سطحن تي قابض ٿي ويو. شروعاتي دور ۾ نيولبرلزم جي بنياد کي مظبوط ڪرڻ ۽ ان کي اڳيان آڻڻ ۾روايتي سياسي معاشي نظرين تمام اهم ۽ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان نظريي فري مارڪيٽ جي تصور کي اجاگر ڪرايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مارڪيٽ حڪومت جي مداخلت کان آزاد هوندي. ان تصور کي معاشي واڌ لاءِ بهتر سمجهيو ويو. پر ان نظام، معيشتجي دنيا ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيوڪجهه ماڻهن وٽ دولت  جا انبار گڏ ٿي ويا ڪجهه وٽ کائڻ لاءِ به ڪجهه نه هو. هڪ معاشي غيرمنصفانه دور جي شروعات ٿيئي ٿي.

اڄڪلهه دنيا ۾ جنهن معاشي ۽ سماجي مسئلن اُڀار کنيو آهي يا جنهن مشڪلاتن کي انسان منهن ڏيئي رهيو آهي انهن جو بنيادي سبب ئي نيولبرلزم جو تصور  آهي. جنهن اقتصادي ۽ معاشي طور تي ملڪن جا ملڪ ڳڙڪائي ڇڏيا آهن. انهي تصور جي اڀرڻ جي ڪري اڄ  دنيا ۾ آڳرين تي ڳڻڻبرابر ماڻهن وٽ تمام گهڻي دولت گڏ ٿي ويئي آهي.

هي اڻبرابري ۽ ناانصافي تي ٻڌل معاشي ترقي جو اهڙو دور آهي جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اهو احساس وڌندو پيو وڃي ته غريب، غريب تر ٿيندو پيو وڃي ۽ امير، امير تر ٿيندو پيو وڃي. اڄ اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جتي هڪ سيڪڙو ماڻهن جي دولت دنيا جي نانوي سيڪڙو ماڻهن کان وڌيڪ آهي. جڏهن اهڙو ناحق ۽ اڻبرابري هجي ته پوءِ اسان ڪڏهن به مستحڪم معاشري جي جوڙجڪ نٿا ڪري سگهون. تقريبن اڄ کان چار سال پهرين بين القوامي اقتصادي فورم تي معاشي اڻبرابري کي دنيا لاءِ وڏي مان وڏو خطرو قرار ڏنو ويو هو. عالمي اڳواڻن معاشي اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ايس ڊي جي مقصد 10 متعارف ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.  انهن سڀني ڳالهين ۽ ڪوششن جي باوجود  به امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق زياده کان زياده ٿيندو پيو وڃي.

اڄ به دنيا ۾هر 9 ماڻهن مان 1 ماڻهو بکي پيٽ سُمي ٿو. 1988ع کان 2011ع جي دوران 10 سيڪڙو غريب ترين ماڻهن جي آمدني ٽي ڊالر سالانه گهٽ ٿي آهي جڏهن ته 10 سيڪڙو امير ترين ماڻهن جي آمدني ۾ 182 دفعا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.عورتون معاشي اڻبرابري يا تقسيم جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿيون آهن. مردن جي نسبت 31 کان 75 سيڪڙو گهٽ ڪمائينديون آهن ۽ روز مره جي زندگي ۾ انهن کي امتيازي سلوڪ کان منهن ڏيئڻو پوندو آهي. آمريڪا ۾ پوين ٽن ڏاهڪن ۾ غريب ترين 50 سيڪڙو ماڻهن جي آمدني ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو آهي جڏهن ته امير ترين جي هڪ سيڪڙو ۾ 300 دفعا اضافو ٿيو آهي.

نيولبرلزم  اسان کي صرف سهڻا خواب ڏيکاري ٿو ۽ غلط اندازا ڪري ٻڌائي ٿو جنهن جي حقيقت، ۽ عملي زندگي ۾ ڪابه اهميت نه آهي. نيولبرلز جي تصور موجب مارڪيٽ هميشه صحيح چوي ٿي ۽ حڪومت جو ڪردار معيشت ۾ گهٽ مان گهٽ ٿئيڻ گهرجي. ڪاروباري ادارن جي بنيادي ترجيح هر قيمت تي صرف فائدو ڪمائڻ  هجڻ گهرجي. ان تصور جي بقول انتهائي انفرادي دولت ڪاميابي جي نشاني آهي ۽ انفرادي اڻبرابري جي معاشري ۾ ڪا خاص اهميت ناهي.  ڪنهن به حڪومت جي معاشي پاليسين جو مقصد جي ڊي پي ۾ اضافو ٿيئڻ گهرجي. ان کان علاوه هي تصور اسان کي ٻڌائي ٿو ته فائدي تي ٻڌل هي ترقي جو ماڊل صنفي طور تي غيرجانبدار آهي. ۽ اسان جي معيشت ۾ استعمال ٿيئڻ وارا قدرتي وسيلا ڪڏهن به ختم نه ٿيئڻ وارا آهن اُهي لامحدود ۽ اڻکٽ آهن. انهن غلط مفروضن اڄ اسان کي تمام خطرناڪ نهج تي بيهاري ڇڏيو آهي جتي غربت ۽ اڻبرابري عروج تي آهن. جتي دولت جي ورڇ غيرمنصفانه طور تي ٿي رهي آهي.

اِنهي غيرمساوي ۽ غيرمنصفانه ترقي جا اهم ڪردار ڪهڙا آهن؟ انهي نظام کي پاءِ تڪميل تي پهچائڻ لاءِ مختلف بين القوامي ادارا جهڙوڪ ورلڊ بئنڪ، بين القوامي مالياتي ادارو، ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن پنهنجي پنهنجي حصي جو ايمانداري ۽ سچائي سان ڪم ڪيو آهي.  ان کان علاوهدنيا ۾ ڏهه اهڙا وڏا ڪاروباري ۽ تجارتي ادارا جنهن ۾ وال مارٽ، شيل ۽ ايپل وغيره شامل آهن،  انهن جي آمدني دنيا جي 180 غريب ترين ملڪن جي گڏيل دولت کان زياده آهي. هي فائدو مزدورن ۽ هارين کي گهٽ اجرت ڏيئي ڪمايو ويندو آهي. هي فائدو ٽئڪس چوري ڪري يا محفوظ ڪري ڪمايو ويندو آهي. هڪ اندازي موجب بين القوامي ادارا جيڪي هر سال ٽئڪس بچائيندا آهن انهن مان 164 ملين ٻار اسڪول وڃي سگهن ٿا ۽ 40 لک ٻارن جون زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. اهي وڏيون ڪمپنيون ايترو وڌيڪ فائدو ڳٺ جوڙ ۽ غيرمنصفانه طريقي سان ڪمائينديون آهن. 1990ع کان انهن امير ترين ماڻهن جي تعداد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي ڇو ته دنيا ۾ ڪنسٽرڪشن ۽ اهڙن ٻين ڪاروبارن  ۾ تمام تيزي سان واڌارو ٿيو آهي، جنهن ۾  اِهي ڪمپنيونحڪومت سان گڏ ويجهڙائي وارو روابط ٺاهي مال لٽندا رهيا آهن.

ويجهڙائي ۾ آڪسفيم هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا جي صرف اٺ ماڻهن وٽ  3.6 بلين ماڻهن جيتري دولت موجود آهي مطلب ته جيڪڏهن ترازو ۾ هڪ پاسي اُهي اٺ ماڻهو رکجن ۽ ٻي پاسي 3.6 بلين، ان ۾ اٺ ماڻهن جو پلڙو ڳرو ٿيندو.جيتوڻيڪ اهو چيو پيو وڃي ته غربت جو سبب اِهي اٺ امير ترين ماڻهو نه آهن پر اِهي ماڻهو هن غير منصفانه، غيرمساوي ۽ اڻبرابري واري نظام جا سڀ کان وڏا نمائندا ۽ فائدو وٺڻ وارا آهن.

هي هڪ اهڙو نظام آهي جنهن ۾ دولت وڌيڪ دولت کي گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، دولت جو مطلب طاقت ۽ اثر آهي جيڪو انهن کي اهڙا قاعدا ۽ قانون ٺاهڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ وڌيڪ دولت جمع ڪري سگهجي. هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي گهٽ مان گهٽ ٽئڪس ڏين ٿا  جنهن جي هڪڙي واضح مثال پاناما ليڪس آهي. آڪسفيم جي تجزيي موجب دنيا ۾ هڪ تهائي امير ترين ماڻهن جي دولت انهن کي وراثت ۾ ملي آهي جڏهن ته 43 سيڪڙو ماڻهن جي دولت انهن کي اهڙن ڪاروبار ڪرڻ سان ملي آهي جنهن ۾ ڳٺ جوڙ ۽ ذاتي تعلقات اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

ڇا انهي سڀني جي باوجود اسان هڪ متبادل انساني معاشرتي نظام جي تعمير ڪري سگهون ٿا؟ نظام بدلائي سگهجن ٿا انهن جي جاءِ تي نوان ۽ انسان دوست نظام آڻي سگهجن ٿا. انهي نظام کي ٽولڙڻ لاءِ حڪومت کي نوانوي سيڪڙو ماڻهن لاءِ سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ گهرجي. حڪومت کي مقابلي جي بجاءِ تعاون ۽ هڪٻئي جي مدد تي زور ڏيئڻ گهرجي. پائيدار ۽ منصفانه ٽئڪس جي نظام جي تشڪيل ڪئي وڃي.نوجوانن کي مواقع فراهم ڪيا وڃن. غربت جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته دولت چند ماڻهن جي هٿن ۾ جمع نه ٿيئي جڏهن ته ان جي منصفانه تقسيم ٿيئي. هڪ اهڙو انساني معيشت جو نظام جيڪو عورتن ۽ مردن لاءِ برابر هجي. ٽيڪنالاجي جو استعمال آسان ۽ آفر مقدار ۾ ڪيو وڃي. هڪ اهڙي انساني معيشت جيڪا پائيدار قابل تجديد توانائي تي هلندڙ هجي. فائدي جي بجاءِ ماڻهن جي محنت کي زياده اهميت ڏني وڃي.

موجود وسائل جي استعمال سان ٽي حصو غربت کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ٽئڪس کي وڌايو وڃي ۽ عسڪري ۽ ٻين غيرضروري خرچن کي گهٽ ڪيو وڃي. دنيا کي هڪ انساني معيشت جي ضرورت آهي جيڪا نوانوي سيڪڙو ماڻهن کي فائدو پهچائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>