اقتصادي ترقي ۽ عام زندگي ۾ عورت جو ڪردار

سماج ۾ عورت جي لازوال ڪردار، عظمت، اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. دنيا جو چرکو بغير عورت جي هلي ئي نٿو سگهي. ڇو ته انسان جي فطرت ۾ عورت جو ظهور ٿيل آهي. جيڪو عمل انسان جي فطرت ۾ شروع کان وٺي هلندو پيو اچي يا پيوند ٿيل آهي. اِهو، اُهو ئي تسلسل آهي جيڪو اسان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پيو اچي. تنهنڪري جيڪڏهن سگهاري عورت هوندي ته اسان جو اقتصادي، معاشرتي، احساساتي، ذهني، ۽ اخلاقي اقدار به سگهارا هوندا. جيترو اسان عورت جي ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪنداسين ان کان ٻيڻ تي اسان کي انهن مان فائدو ملندو.

 ان کان علاوه عورت خانداني اداري ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ ڪنهن به لالچ ۽ لوڀ کان سواءِ پنهنجو ڪردار خوش اصلوبي، سچائي ۽ لڳن سان ادا ڪندي آهي. نه صرف اهو پر اخلاقي سماج جوڙڻ ۾ هڪ عورت جو اهم ڪردار رهيو آهي. عورت صرف عورت نه آهي پر ڪائنات جو هڪ اهڙو حسين ۽ خوبصورت تحفو آهي، جنهن ۾ محبت ۽ پيار جا ڏيئا هر وقت ٻرندا رهندا آهن. عورت هڪ اهڙي هستي آهي جنهن افلاطون، ارسطو، سقراط، ڊيڪارت، والٽيئر، روسو ۽ ٻين اهڙن هزارهان دانشورن ۽ ڏاهن کي پنهنجي ڪوڪ مان جنم ڏنوآهي. اسان چاهي ڪهڙي به دور جي ڳالهه ڇو نه ڪيون هر دور ۾ عورت جي ڪردار جي ڪڏهن به نفي نٿي ڪري سگهجي. ڇو ته عورتن جي لازوال قربانين کان سواءِ اسان ڪڏهن به سماج ۽ معاشري جي جوڙجڪ صحيح انداز سان نٿا ڪري سگهون.  

عورتن جيڪو به اڄ مقام حاصل ڪيو آهي اِهو انهن پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان حاصل ڪيو آهي. مرد حاوي معاشري ۾ عورت کي ڪمتر ۽ گهٽ عقلمند سمجهيو ويندو رهيو آهي. پر اڄ جنهن دور ۾ اسان رهون پيا ان دور ۾ عورتن کي پنهجا حق وٺڻ جو ڏانءُ اچي ويو آهي. تنهن هوندي به  پاڪستان جهڙي روايتي سماج ۾ عورت کي اڃان به ڪم نگهائي سان ڏٺو ويندو آهي يا ان کي ڪمتر سمجهيو ويندو آهي. پر اِهو وقت ڏور ناهي جڏهن عورت جي ترقي سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي ۾ بي پناهه تبديليون اچڻ واريون آهن.

جڏهن اسان عورت جي عملي ڪردار کي وڌيڪ جانچڻ يا جهنجوڙڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته حقيقتون اسان جي اڳيان آشڪار ٿينديون.  جيڪڏهن عورت جي زندگي جو تجزيو ڪجي ته اها مڪمل محنت، ظبط، پابند، مستقل مزاجي، تنظيم، ڪنٽرول، قوتِ برداشت، جدوجهد ۽ عملن ڪم ۾ رڌل هڪ لازوال ۽ بي مثال ادارو آهي. عورت جيڪڏهن ماءُ آهي ته هوءَ پنهنجن ٻارن جي پرورش ڪنهن به لوڀ ۽ لالچ کانسواءِ ڪندي آهي. پنهنجن ٻارن لاءِ راتن جا راتون اوجاڳا ڪري ٿي انهن جي هر قسم جي نخرن کي پيار ۾ تبديل ڪري ٿي. جيڪڏهن ٻار کي ڪو ڌڪ لڳي ٿو ته ٻار کان وڌيڪ درد ماءُ کي ٿيندو آهي. ماءُ ۽ ٻار جو هڪ اهڙو آفاقي رشتو آهي جنهن ۾ محبت، شفقت، پيار، سچائي ۽ ايمانداري آهي. ٻار جڏهن اسڪول وڃڻ جي قابل ٿي ويندا آهن ته ماءُ صبح جو سوير اٿي ٻار کي تيار ڪري ان جي ناشتي ۽ لنچ جو بندوبست ڪري ٿي. ان کي اسڪول به ڇڏي اچي ٿي. ان کان پوءِ وري مڙس اٿي ٿو ان جو ناشتو، ان جا ڪپڙا ۽ شوز کي صاف ڪري ٿي. مڙس کي آفيس رواني ڪرڻ کان پوءِ گهر جي صفائي، ڪپڙا ڌوئڻ، ۽ اهڙا سوين ٻيا ڪم آهن جيڪا عورت سرانجام ڏيندي رهندي آهي. وري لنچ جو ٽائيم، لنچ تيار ڪندي آهي ٻارن کي سنڀاليندي آهي اهڙي طريقي سان وري رات ٿي وئي سڀني جي پنهنجي پنهنجي فرائش هوندي آهي انهي فرمائش مطابق کاڌو پچندو آهي. اهو سائيڪل يا ڦيرو عورت جي زندگي ۾ پوري زندگي هلندو رهندو آهي.  

عورتون جيڪي ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهن ٿيون اهي به پنهنجن ٻارن جي، مڙس جي ۽ پنهنجي خاندان جي بي لوس خدمت ڪنديون رهنديون آهن. ان کانسواءِ ٻهراڙي ۾ عورت جي زندگي تمام گهڻي ڪٺن ۽ سخت هوندي آهي ڇو ته ٻهراڙي جي عورت جسماني ڪم مردن کان گهڻا ڪندي آهي. عورت روڊ رستن جي تعمير ۾ مزدوري ڪندي ملندي، ٻڪريون چاريندي ۽ گاهه وڍيندي ملندي، کير ڏوهيندي ۽ ڪاٺيون ڪندي ملندي، لاڀارا ۽ ويهر ڪندي ملندي، ڳوٺن ۾ پاڻي ڀرڻ به عورت جي زميواري ۾ شامل آهي دلا مٿي تي کڻي عورت ڪلوميٽرن جا ڪلوميٽر طيءَ ڪري پاڻي ڀري ايندي آهي، ڇيڻا سڪائيندي آهي، ڀرت ڀريندي آهي ۽ ٻيا اهڙا درجنين ڪم آهن جيڪي عورت خوشي ۽ ان کي للڪار سمجهي ڪندي آهي. ايتري ته عظيم آهي عورت! جنهن اڻڳڻت ڪم پنهنجي ضمي کنيا آهن ۽ انهن ڪمن کي تمام سٺي طريقي ۽ خوش اصلوبي سان ڪندي پئي اچي.

اڄ جيڪڏهن عورت جا ڪم مرد جي ذمي ڪيان وڃن ته ڇا ٿيندو؟ ڇا مرد اهي ڪم ڪري سگهندو؟  آئون دعوا سان اهو چوان ٿو ته مرد ڪڏهن به عورت وارا ڪم نه ڪري سگهندو، ڇو ته ان کي عادت ئي ناهي صرف هڪ ڪلاڪ جڏهن ننڍي ٻار کي پرچائي ٿو يا ان جي سارسڀنال لهي ٿو ته هن کي خبر پئجي ويندي آهي ته عورت جو ڪم ڪيترو ڏکيو آهي. جيڪڏهن هڪ وڳو ڪپڙن جو استري ڪندو آهي ته همراهه کي خبر پئجي ويندي آهي ته عورت ڪيتري عظيم آهي. تنهنڪري ڪڏهن ٿوري دير ويهي سوچ ويچار ڪجي ته عورت ڇا ڇا نه ڪندي آهي. پنهنجي گهر ۽ خاندان کي هلائڻ لاءِ توهان اچرج ۾ پئجي ويندو.

ان کان علاوه عورت جيڪڏهن ڀيڻ آهي ته اها پڙهڻ سان گڏوگڏ گهر جي ڪم ڪارن ۾ به ماءُ جو هٿ ونڊرايندي رهندي آهي. کاڌو پچائيندي آهي، ڪپڙا ڌوئڻ، استري ڪرڻ ۽ گهر جي صفائي انهن جي زميوارين ۾ شامل هوندو آهي. عورت جيڪڏهن زال آهي ته مڙس جي هر طرح سان خدمت ڪندي رهندي آهي. ۽ ڪرڻ به گهرجي ڇو ته اهو ان جو فرض به آهي ۽ زميواري به آهي ۽ ان کان وڌيڪ مڙس جي اها زميواري آهي ته معاشي طرح سان گهر ۾ مسئلا پئدا  ٿيئڻ نه ڏي. ڇو ته اسان جي معاشري ۾ مڙس کي ئي ترجيح ڏني ويندي آهي ته گهر جي معاشي معاملن کي اهو ئي ڏسندو. هر قسم جي معاشي ۽ مالي زميواي مڙس مٿان وڌي وئي آهي. جڏهن ته عورتون به معاشي طرح سان خاندان کي سپورٽ ڪري سگهن ٿيون. ان کان علاوه مڙس کي گهرجي ته پنهنجي زال جو وڌ کان وڌ خيال رکي، هن کي بي انتها محبت ڏي ان جي عزت ۽ احترام ڪري، ان جي هر جائز گهرجن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. ڇو ته اها عورت ئي آهي جيڪا پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي گهر کي ڇڏي مڙس وٽ ايندي آهي. شادي کان پوءِ مڙس ئي زال جو سڀ ڪجهه هوندو آهي.

عورت ڪائنات جي عظيم شاهڪارن مان هڪ شاهي، املهه ۽ بي ملهه تخليق آهي. ماءُ جو رشتو سڀني رشتن کان اتم، اعليٰ ۽ مٿانهين مقام تي فائز آهي. زال ۽ مڙس هڪٻئي جا لازم ۽ مظلوم جز آهن. ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو ڪائناتي محبت جو بيمثال اڻ ٽٽ نمونو آهن. ڌيءُ قدرت جي طرفان مليل هڪ انمول نعمت ۽ رحمت هوندي آهي. جيڪڏهن عورت جي تخليق نه ٿيئي ها ته خاندان ۽ گهر جو ادارو ڪڏهن به نه هلي سگهي ها ڇو ته دنيا ۾ خاندان واري اداري کي هلائڻ ۽ ان جو بندوبست ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ڇو ته گهر يا خاندان جو ادارو مستقبل جي تهذيب و تمدن جو ادارو آهي. مستقبل جي اخلاقيات جي يونيورسٽي آهي. مستقبل جي معمارن جي تهذيب جو هڪ شاندار ورثو آهي. تنهنڪري عورت ئي اها ڪاريگري رکي ٿي جنهن سان خاندان جي اداري کي وڌيڪ مظبوط ڪري سگهجي ٿو.

عورت جي اهميت کي نه سمجهڻ وارن کي مهذب طريقي سان اها ئي گذارش آهي ته جڏهن توهان ڪجهه به نه هئا تڏهن توهان جي ماءُ توهان کي کير پياريو، جڏهن توهان هلي به نه سگهندا هئا ته توهان جي ماءُ توهان کي آڳرين مان جلهي هلڻ سيکاريو، جڏهن توهان روئيندا هئا ته اها توهان جي ماءُ هئي جنهن جي آغوش ۾ توهان کي سڪون مهيا ٿيندو هو. اها ماءُ ئي هئي جيڪا توهان جي ملڪمل صفائي جو خيال رکندي هئي. وڏي ڳالهه اها آهي ماءُ کي اهي سڀ ڪم ڪندي بيحد خوشي ۽ مسرت ٿيندي آهي. ٻار جي مسڪراهٽ ماءُ جي من ۽ هانءُ ۾ عجيب قسم جو اظطراب پئدا ڪري ڇڏي ٿو. ماءُ جي محبت کي ماپڻ وارو اڄ ڏينهن تائين دنيا ۾ ڪو پيمانو ئي وجود ۾ نه آيو آهي.  

عورت جي برابري کان سواءِ اسان جي معاشري ۾ سماجي توڙي اقتصادي ترقي اڻٽر آهي. جنهن ملڪ ۾ اڌ سيڪڙو عورتون هجن اهو معاشرو خوشنصيب معاشرو سڏائڻ گهرجي ڇو ته عورت بنيادي طور تي هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو مستقبل ۾ وڌيڪ ادارن ٺاهڻ ۾ معاون ثابت ٿيئي ٿو. اسان جي سماج ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن، انهن کي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪيو وڃي، عورت جي عزت ۽ حرمت جو خيال رکيو وڃي، عورت جيڪا گهر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪندي آهي ان ڪم جي مڃتا انهن کي ڏني وڃي، عورتن لاءِ معاشي طور تي بندوبست ڪيا وڃن، عورتون جيڪي ڪارخانن ۾ يا زراعت ۾ ڪم ڪنديون آهن انهن جي ڏهاڙي يا مزدوري کي مردن جي برابر ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسانکي حقيقي سماج اڏڻو آهي ته پوءِ مرد سان گڏوگڏ عورت جي لازوال ڪردار،  قربانين ۽ ڪم کي به واکاڻڻو پوندو ۽ ٻنهي کي هڪجهڙي بنيادن تي سماجي، سياسي ۽ معاشي ترجيحات ڏيئڻيون پونديون.

   

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *