غير منصفانه ٽيڪس جا عوام تي اثرات

 

ٽيڪس هڪ عالمي مسئلو آهي. جنهن ۾ ترقي يافته، ترقي پذير ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪ هن جي لپيٽ ۾ آهن. جنهن عالمي سطح تي اڻبرابري ۽ غربت کي وڌيڪ اڀاريو آهي. صرف دنيا جي اٺ ماڻهن وٽ ايتري دولت آهي جيتري دنيا جي اڌ آبادي وٽ. ايتري دولت ۽ ملڪيت هجڻ جي باوجود به اھي ماڻهو ٽيڪس چوري ڪندا آهن پنهنجي حصي جو جائز ٽيڪس ڏيئڻ کان ڪيٻائيندا آهن. عالمي سطح تي وڏيون وڏيون ڪمپنيون ٽيڪس چوري ڪنديون آهن. ٽيڪس مسئلو عام عوام اندر ڪڏهن زيرِ بحث رهيو ئي ناهي. مشاهدو اهو ٻڌائي ٿو ته عام ماڻهو بجلي، پاڻي، عورتن تي تشدد، خوراڪ جي ڪمي، صحت ۽ تعليم جي خلاف احتجاج ڪندا آهن پر ڪڏهن ٽيڪس چوري خلاف احتجاج ناهي ڪيو ويو. اهو شايد ان ڪري ته ٽيڪس هڪ پيچيده ۽ مشڪل معاملو آهي. جنهن بابت عام ماڻهو کي ايتري سجاڳي ناهي. انهي سبب جي ڪري عوام جو ٽيڪس ڪجهه ماڻهو استعمال ڪري پنهنجي دولت ۽ ملڪيت ۾ اضافو ڪندا رهندا آهن. 

مجموعي طور تي پاڪستان ۾ ظالماڻو ٽيڪس نظام رائج آهي. جيڪو اميرن کان انهن جي ملڪيت يا آمدني مطابق ٽيڪس نٿو وٺي. سال جا خرچا پورا ڪرڻ لاءِ غريبن ته بي مدائتا ۽ اڻميا ٽيڪس لاڳو ڪري انهن جي زندگي کي ويتر وڌيڪ غربت طرف ڌڪيو پيو وڃي. ملڪ جي سمورن وسيلن مان صرف 55 سيڪڙو ٽيڪس جمع ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ترقي پذير ملڪن جهڙوڪ سوئيڊن، جرمني، ۽ سوئيزرلينڊ ۾ اهو لڳ ڀڳ 89.11 سيڪڙو آهي. آئي ايم ايف جي مطابق وفاقي سطح تي پاڪستان ۾ ٽيڪس جمع ڪرڻ جي صلاحيت تقريبن 8 ٽرلين آهي پر 2015-16 ۾ صرف3.7 ٽرلين ٽيڪس وفاق ۽ صوبائي حڪومتن سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سان جمع ڪيو. بقول هڪ تحقيق جي پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ آبادي مان صرف 10 لک ماڻهو ٽيڪس واري نظام ۾ رجسٽرڊ آهن. زياده تر ٽيڪس اڻ سڌي طريقي سان وصول ڪيو ويندو آهي. جنهن جو شڪار عام عوام ۽ غريب ماڻهو ٿيندو آهي. 25 مئي تي بجيٽ جو اعلان ٿيندو ان ۾ اهو چيو پيو وڃي ته ڪسٽم ڊيوٽي ۾ اضافو ٿيندو ۽ هر اها شيءِ جيڪا عام ماڻهو استعمال ڪندو آهي مهنگي ٿيندي.  

 اسان ٽيڪس ته جمع ڪرائيندا آهيون پر اسانکي ٽيڪس جي ايتري سمجهه ناهي مطلب ته ٽيڪس آهي ڇا؟ اسان ٽيڪس ڇو جمع ڪرائيندا آهيون؟ ۽ اسان جو ٽيڪس ويندو ڪيڏانهن آهي؟ اِهي چند بنيادي سوال آهن جيڪي جيڪڏهن عوام کي سمجهه ۾ اچي ويا ته پوءِ انهن کي ٽيڪس نظام کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. ٽيڪس ۽ ترقي جو پاڻ ۾ باهمي تعلق آهي. هڪ مظبوط فعال رياست پنهنجي عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي خزاني تي انحصار ڪندي آهي. ٽيڪس نظام ذريعي رياست، دولت جي تقسيم، ضروري خدمتن جي فراهمي، ۽ انفراسٽرڪچر جي تشڪيل، ۽ ملڪ ۾ موجوده وسيلن کي متحرڪ ڪري سگهي ٿي. موثر ٽيڪس جو نظام سياسي نمائندن کي مظبوط ڪرڻ، بدعنواني کي گهٽ ڪرڻ، طرزِ حڪمراني کي بهتر ڪرڻ جي ترغيب ٿي سگهي ٿو. ٽيڪس جمع ڪرڻ ان ڪري به ضرورتي آهي ته ملڪ جي خزاني يا ريونيو ۾ اضافو ٿيندو خزاني ۾ اضافي مان عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي،  تقسيم نو جو عمل شروع ٿي سگهي ٿو جنهن جي ذريعي غربت ۽ عدم مساوات ۾ مدد ملندي ۽ ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي تعمير نو جا ڪم شروع ٿي سگهن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ عام عوام جي زندگي  هڪ بهتر دڳ ڏانهن روان دوان ٿي سگهي ٿي. 

 عوام کي اهو سمجهڻ گهرجي ته حڪومت ڪو به عوام تي ٿورو ناهي ڪندي جيڪو ترقي يا ڀلائي جو ڪم ٿئيي ٿو اهو عوام جو پئسو هوندو آهي جيڪو ٽيڪس جي مد ۾ عوام کان وصول ڪيو ويندو آهي. ان ڪري عوام پنهنجي پئي جو حساب حڪومت کان وٺي سگهي ٿو. ٽيڪس جي نتيجي ۾ جمع ٿيل دولت جو صرف عام جو ئي حق هوندو آهي حڪومت تي اهو لازم فرض آهي ته جيڪو ٽيڪس عام عوام کان ورتو ويندو آهي هو ملڪ ۾ عام ڀلائي لاءِ ۽ ترقي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. عوام جي ان پئسي مان اسپتالون، روڊ، رستا، اسڪولون، آبپاشي جي نظام کي بهتر ڪرڻ، صحت، تعليم، سماجي تحفظات ۽ ٻين اهم بنيادي ضررتن  کي سڌاريو وڃي ته جئين عام عوام تنگدستي ۽ محرومي واري زنگي مان ٻاهر اچن. 

پر الميو اِهو آهي ته ٿيندو بلڪل ان جي ابتڙ آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪي وڏا جاگيردار آهن جنهن وٽ هزارين ايڪڙ زمين، ملڪيت يا دولت آهي اهو پنهنجي ٽيڪس جو مناسب يا جائز حصو حڪومت کي نٿو ڏي. بلڪه ان جي عيوض حڪومت انهن وڏيرن ۽ جاگيردارن کي سهولتن سان نوازي ٿي. جاگيردار يا وڏيري جي اوطاق تائين حڪومت پڪو روڊ ٺاهرائي ڏي ٿي، ان جي بجلي جي فراهمي به بند نٿي ڪئي وڃي ۽ ٻيون به مختلف سهولتون انهن کي مهيا ڪيون ويندون آهن. ان کان علاوه اهي جيڪي ملڪ ۾ وڏين وڏين ڪارپوريشن جا مالڪ آهن جنهن وٽ پهرين ئي دولت ۽ ملڪيت جا وڏا وڏا انبار آهن پر اهي به ٽيڪس چوري ڪندا آهن. اسان جا سياستدان هڪ ته ملڪ ۾ عوام جي ڏنل پئسن مان ڀريون ٻڌندا آهن ۽ انهن پئسن تي عياشيون ڪندا آهن. عوام جي پئسي تي دنيا جي ملڪن ۾ گهمڻ ويندا آهن. وري ٽيڪس به چوري ڪندا آهن. چوڻ جو مطلب ته جاگيردار، وڏيرا، سردار، سياستدان، سرمائيدار، ڪاپوريٽ سيڪٽر جا مالڪ، وڏا ڪاروباري ماڻهو پنهنجي پئسي کي بچائڻ لاءِ ٽيڪس چوري ڪندا آهن.  پر اها ٽيڪس چوري به ڳٺ جوڙ سان ڪئي ويندي آهي. مٿي بيان ڪيل سڀ ڌريون هڪٻئي سان مليل هونديون قانون سازي پنهنجي حساب سان ڪري ان ڪاري ڌن کي اڇو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي. انهن جا نتيجا عام غريب عوام کي ڀوڳڻا پوندا آهن. 

اسان وٽ حالت اِها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪو اهل ماڻهو ڪونهي جيڪو ٽيڪس آرڊيننس ٺاهي.2001 وارو ٽيڪس آرڊينسس به هڪ آسٽريليا جي ڪنهن پروفيسر کان لکرايو ويو آهي. جنهن بطور ڪنسلٽنٽ اهو آرڊينسس لکيو. هاڻي سوال اِهو آهي ته ٽيڪس آرڊينسس ان انسان لکيو جنهن کي پاڪستان متعلق ايتري ڄاڻ ئي نه هئي،  معاشي صورتحال جي ڪا گهڻي خبر نه هئي. بقول ٽيڪس ماهرن جي ته هن جيڪو ٽيڪس آرڊينسس لکيو آهي ان ۾ آسٽريليا جو پسِمنظر ذهن ۾ رکي ڪري لکيو آهي. ان کان وڌيڪ نااهلي ڪهڙي هوندي. ٻي ڳالهه اها آهي ته سورهن سالن کا اهو ئي آرڊيننس ٿورين گهِڻين ترميمن سان هلي پيو. 

اسان وٽ ٽيڪس نظام عوام جو رت چوسيندڙ نظام آهي. عام عوام جي آمدني ۾ سال ۾ ايترو اضافو ناهي ٿيندو جيترو حڪومت جي طرفان ٽيڪسن ۾ اضافو ٿيندو آهي. اڄ هر اهو شخص جيڪو پاڪستان ۾ موجود آهي اهو 17 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس تقريبن هر سيڌي سامان تي خرچ ڪندو آهي. مثال طور جيڪڏهن ڪا شيءَ 100 روپي جي آهي ته ان تي 17 سيڪڙو ٽيڪس ۽ اهو ٽيڪس حڪومت جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندو آهي. 100 روپي جي موبائل ڪارڊ تي اسان 25 روپيا ٽيڪس ادا ڪندا آهيون. حڪومت جي آرڊينسس ۾ هو لکيل آهي ته جنهن جي آمدني چار لکن کان مٿي هوندي انکان آمدني تي ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. هڪ دوست جنهن جي پگهار 45000 هزار مهانه آهي ان تي حڪومت 7000 ٽيڪس ڪٽيندي آهي ايڏو آهي ظالماڻو اسان وٽ ٽيڪس نظام. ان کان علاوه اسان پيٽرول مصنوعات ۾ تمام گهڻو ٽيڪس ادا ڪندا آهيون. 

عوامي جي ڏنل ٽيڪس جي پئسي تي ته حڪومت عياشي ڪندي آهي. اسان وٽ ٽيڪس جمع ڪرڻ جي ايتري گنجائش آهي ته اسان ڪجهه سالن اندر آءِ ايم ايف جو قرض لاهي سگهون ٿا پر خراب طرزِ حڪمراني جي ڪري اسان ڏينهون ڏينهن قرض جي ڌلڌل ۾ ڦاسندا پيا وڃون. ملڪ ۾ ايترا وسيلا ۽ دولت هجڻ جي باوجود اسان  بين القوامي مالياتي ادارن کان قرض کڻي پوري ملڪ کي ئي وڪڻي ڇڏيو آهي. پاڪستان جو هر شهري عالمي مالياتي اداري جو قرضي آهي. 

ايترو ته ناڪاره ۽ کوکلو ٿي ويو آهي اسان جي ملڪ جو اندروني ڍانچو جو اسان بلڪل به بي وس ٿي ويا آهيون. عام عوام روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿي ڪري. هر روز ٿر ۾ ڪيترائي ٻار بک وڳي مري رهيا آهن. سنڌ ۾ عام عوام گٽرن جي پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. سرڪاري اسڪولن جي حالت ڏسي اسان کي حيرت ٿيندي آهي. سرڪاري اسپتالن جي صورتحال اسان جي سامهون آهي جتي ڪا به صفائي ڪونهي، جتي دوائون به ميسر ڪونهي، انهي سرنجن کي وري وري استعمال ڪيو ويندو آهي. ڊاڪٽر پنهنجن پرائيوٽ اسپتالن ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائن پيا. چون جو مطلب ته غريب عوام جي زندگي هڪ اهڙي عجيب دور مان گذري پئي جنهن جي لاءِ لفظ ئي ڪونهي جو انهن کي بيان ڪجي. اهو صرف ان ڪري ته عوام جي ڏنل ٽيڪس مان حڪومت پاڻ پنهنجا پيٽ ڀريندي آهي عوام کي صرف خالي دلاسا ۽ داعوا ملندا آهن. 

ٽيڪس جو معاملو هڪ اهڙو معاملو آهي جيڪو پهرين اسان کي سمجهڻ گهرجي ان کان پوءِ ان تي باقاعده محمِ جوعي ڪئي وڃي حڪومت کي اهو عرض ڪيو وڃي ته عوام جي ڏنل پئسي مان صرف عوام جو ئي ڪم ڪيو وڃي. انهن جي طرزِ زندگي کي بهتري ڪيو وڃي. اهو تڏهن کي ممڪن آهي جڏهن اسان اجتماعي طور تي ڪنهن هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي عوام کي سجاڳ ڪيون انهن کي اتسايون ته حڪومت توهان جي پئسي تي عياشيون پئي ڪري. ڪو به مسئلو تيستائين حل ناهي ٿيندو جيستائن عوام ان کي سنگيني طور نه ٿي وٺي ڇو ته عوام جي اٿڻ سان ئي مسئلا حل ٿيندا آهن. دنيا جي ڪيترين ئي ملڪن ۾ ويجهڙائي جي سالن ۾ عوام ٽيڪس متعلق پنهنجا آواز بلند ڪرڻ شروع ڪيا آهن. جنهن جا عالمي سطح ته اثرات به بهتري پئجي رهيا آهن. تنهنڪري اسانکي به پنهنجو ٽيڪس جي صحيح استعمال نه هجڻ متعلق آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *