غربت ۽ ترقي

 

ترقي جي نالي تي پاڪستان جي عوام سان هر حڪومت جي دور ۾ ڀوڳ ٿيو آهي. حڪومت ساده لوح عوام جي خدمت ڪرڻ بدران انهن کي لٽيو ۽ ڦريو آهي. 70 سال جو عرصو ڪو ٿورو عرصو نه آهي جنهن ۾ ملڪ ترقي نه ڪري سگهي ها. ڪجهه بيروني ته ڪجهه اندروني سازشن صرف پاڪستان جي عوام کي ئي نقصان پهچايو آهي. ۽ انهن مان صرف چند ماڻهن دولت جا انبار گڏ ڪري ڇڏيا آهن. دولت جي نامنصفاڻي ورڇ جي ڪري نظام ۾ سماجي ۽ معاشي خرابيون پيدا ٿيون آهن. نظام ترقي جي بدران تنزلي طرف راغب آهي. هڪ ته ذاتي ملڪيت جي تصور غربت ۽ سرمائيدري کي تمام گهڻي تقويت ڏني آهي. اِهو ڪٿي جو انصاف آهي ته صرف دنيا جي اٺن ماڻهن وٽ ايتري دولت آهي جيڪا دنيا جي اڌ آبادي وٽ به ڪونهي. نه صرف اهو پاڪستان ۾ 22 خاندانن وٽ ايترا دولت جا انبار ۽ ڊڳ آهن جو 20 ڪروڙ عوام کان به مٿي آهن. عوام جون صرف ٿوريون ته ضرورتون آهن انهن کي به ست ڏهاڪن ۾ نه سڌاريو ويو. 

ملڪ ۾ غربت جو تناسب 35 سيڪڙو آهي. خواندگي جي شرع 58 سيڪڙو آهي. 22.4 ملين ٻار اسڪول ڪو نه ويندا آهن. 45 سيڪڙو ٻار اسٽنٽ يا مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن. 64 سيڪڙو نوجوان بيرروزگاري جي عالم ۾ در در ٺوڪر کائڻ تي مجبور آهن. پٽيواري جي پوسٽ لاءِ 23 لکن درخواستون موصول ٿين ٿيون ۽ جنهن مان 255 پي ايچ ڊي ۽ 2 لک انجنيئر شامل آهن. نه صرف اهو پر سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 80 سيڪڙو ماڻهون ڪِنو پاڻي پين ٿا. ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ پاڻي نيڪال جو ڪو به جوڳو بندوبست ۽ نظام نه آهي. تعليمي ادارا تباهي جي ڪناري تي بيٺا آهن. تعليمي ايمرجنسي جي باوجود به سنڌ جي تعليمي صورتحال بهتر ٿي نه سگهي. ان کان علاوه اسپتالون مريضن کي شفا ڏيئڻ بدران ويتر انهن کي وڌيڪ بيمار ڪنديون آهن. سنڌ جا تقريبن شهر اجڙيل ۽ انهن جي حالت پستي ۾ آهي. ملڪ ۾ سماجي، معاشي ۽ سياسي اهڃاڻن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان مجموعي ترقي ۽ خوشحالي  ۾ ڪٿي بيٺا آهن. اسان جا جمهوري ادارا، سياسي معاشي ادارا، سماجي تهذيبي تنظيمون، سياستدان ۽ اُهي سڀ ذميوار ڌريون جيڪي غربت ختم ڪرڻ جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندا آهن. عملن اُهي سڀ حقيقي عمل کان ڏور آهن.  ڇو ته دنيا سطح تي جيڪا به تحقيقي عالمي انڊيس شايع ٿيندو آهي ان ۾ پاڪستان جو نالو هميشه هيٺين ڏهن نمبرن ۾ هوندو آهي. صنفي اڻبرابري ۾ 144 ملڪن مان 143 نمبر تي، معاشي اڻبرابري تي 146 نمبر تي 152 ملڪن مان،  ماحولياتي پائيداري انڊيس مطابق 146 ملڪن مان پاڪستان 131 نمبر تي آهي. عالمي ڪرپشن انڊيس مطابق پاڪستان دنيا جي 176 ملڪن مان 116 نمبر تي آهي. يونيسڪو جي رپورٽ موجب 150 ملڪن مان پاڪستان جو خواندگي جي شرح جي حساب سان 135 نمبر تي  آهي. ان کان علاوه اخلاقي پستي، سياسي وڳوڙ،سول ملٽري لاڳاپا، سماجي برايون، معاشي استحصالي، توانائي جو بحران، ادارتي بربادي،  قدرتي آفتون، دهشتگردي، مذهبي ناچاڪي، زارعت تباهه، آمدرفت جا مسئلا، کاد خوراڪ جا مسئلا، اقرءِپروري،  رشوت، منفي رويا، نظرياتي کوٽ، قانون براءِ قانون، آمدني ۾ اڻبرابري، عمل درآمد جا مسئلا، غالب طاقتور ۽ وڏيرا شاهي ڪجهه اهڙا ناسور للڪارون آهن جيڪي ملڪ جي مجموعي صورتحال کي ناچاڪ ڪري ڇڏيو آهي.   

2017 ع واري بجيٽ ۾ حڪومت معاشي ترقي جو دعوائون ڪيون پر افسوس اِهو آهي ته زميني حقيقتون حڪومت جي تقريرن کان بنه مختلف آهن. عام عوام 70 سالن کان صرف ترقي جو نالو ٻڌيون آيون آهن حقيقت ۾ انهن کي خبر ئي نه آهي ته ترقي ڇا هوندي آهي؟ اسان جي ملڪ ۾ ترقي جو نالو عام آهي پر غربت جام آهي ۽ هن قوم کي به سلام آهي جو ايترو صبر ۽ سهپ جو مظاهرو ڪري بيٺي آهي. مٿي ڄاڻايل ڪجهه مسئلن ۽ ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن جنهن مان پاڪستان جو عوام هرروز جي حساب سان منهن ڏيندو آهي. ڪير مڃي نه مڃي پر پاڪستاني عوام نڊر ۽ مظبوط عوام آهي جو مجموعي طور تي اهڙي خراب صورتحال هجڻ جي باوجود به انهن ماڻهن کي ئي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيئي چونڊيندو آهي. جنهن مان انهن کي ڪا به اميد ۽ آسرو نه هوندو آهي. تقريبن سنڌ ۾ 50 سال پاڪسان پيپلز پارٽي جو ئي راڄ رهيو آهي. پر اڄ به سنڌ جا ڪيترائي ٻهراڙي جا علائقا هن گلوبل دنيا ۾ اونداهي ۾ رهندا آهن. سنڌ جو تقريبن هر ڳوٺ، شهر، وستي ۽ واهڻ جو ڏيک موئن جي دڙي کان گهٽ نه آهي. ڇا سنڌ جي ٻهراڙي يا شهري علائقن ۾ پي پي پي کان علاوه ٻيو متبادل ڪهڙو آهي؟ جي هان متبادل نه هجڻ جي ڪري ڪرپٽ پي پي پي جا حڪمران سنڌ جي عوام جو رت چوسي ان جي عيوض انهن کي لالي پاپ ڏيئي ڇڏيندا آهن. 

اهو هڪ مڃيل اصول آهي ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي اوسر ۽ ترقي ۾ سٺي حڪومت جو اهم ڪردار هوندو آهي. سٺي حڪومتي نظام مان اها توقع ڪئي ويندي آهي ته ملڪ ۽ ريجن ۾ هلندڙ معاشي ۽ سماجي تبديلين  جو بغور جائزو وٺي ۽ انهن مشغولين کي پاڪستان ۾ ريگيوليٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري. قوم جي مفاد ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ بهترين خارجي پاليسي تشڪيل ڏي. ريجن جي ملڪن سان بهترين تعلقات قائم ڪري. ملڪ اندر جيڪو ادارن جي وچ ۾ وڳوڙ ۽ افراتفري وارو ماحول آهي ان کي فعال ڪري ملڪ جي مجموعي ترقي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ان کان علاوه سٺي جمهوري حڪومت جو ڪم آهي ته ملڪ جي اندورني ادارن خاص طور تي سول ملٽري  تعلقات کي باهمي ملڪي مفاد خاطر عمل ۾ آندو وڃي. ماضي ۾ جيئن پاڪستان ۾ ٿيندو آيو آهي ته ملٽري ۽ سول حڪومت ڪڏهن به هڪ پيج ته نظر نه آيون آهن. تنهنڪري 70 سالن جي تاريخ ۾ تقريبن 40 سال حڪومت فوج وٽ رهي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ هر دور ۾ سياسي، سماجي، جمهوري ۽ معاشي مسئلن ۽ وڳوڙ جي ور چڙهيل رهيو آهي. جيڪڏهن اسان گذريل هڪ سال جو جائزو وٺون ته حڪومت عوام لاءِ ڪي به ترقي جوڳا ڪم نه ڪيا آهن. بلڪه پنهنجي پاڻ کي ڪرپشن جي ڪيسن مان جند ڇڏائڻ جي چڪرن ۾ آهي. پنهنجي پاڻ کي صادق ۽ امين ڪرڻ جي چڪرن ۾ آهن. عوام جي مسئلن تي عوامي حڪومت غور ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار ئي نه آهي. هاڻي وري نئو رونشو سينٽ مان بل پاس ڪرائي نواز شريف کي پارٽي جو صدر ڪيو ويو آهي. اِهو ڪهڙو نه غيرآئيني ۽ غير جمهوري رويو آهي جو ن ليگ سپريم ڪورٽ مان نااهل وزيراعظم کي آئين ۾ ڪجهه ترميمون ڪري هنءَ کي پارٽي جو صدر ڪيو ويو آهي.

جيتوڻيڪ وقت جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کي چند گذارشون آهن ته جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي ترقي آڻڻي آهي ته 64 سيڪڙو نوجوان انهن لاءِ هنري سکيا جا بندوبست ڪيا وڃن. نوجوانن جي ايتري وڏي کيپ پاڪستان ۾ يا ته بيرزوگار آهي يا مزدوري ڪندي آهي. انهن کي جيڪڏهن هڪ جڳهه تي متحده ڪري انهن کي مجموعي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته اسان جي ملڪ جا ترقي وارا خواب جلد ئي پورا ٿي سگهن ٿا. ان ڏس ۾ حڪومت کي ڪجهه سنجيده  قدم کڻڻا پوندا جنهن سان انهن جي صلاحيتن کي استعمال ڪري سگهجي. هڪ ته اِهو ڪري سگهجي ٿو ته ضلعي ليول تي هنري سکيا جا زون ٺاهيا وڃن انهن کي مختلف هنرن ۾ ماهر ڪيو وڃي مثال طور پلمبر، بجلي ٺاهڻ وارو، واڍو، رازو ۽ وغيره  وغيره. پاڪستان ۽ خاص طور تي جيڪڏهن سنڌ جي هر ضلعي ۾ ان قسم جا هنري سکيا جا مرڪز ٺاهيا وڃن ۽ انهن کي باقاعده  عملي طور تي هلايو وڃي ته ان جا تمام مثبت نتيجا نڪرندا. ٻي سفارش اِها آهي ته پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي مشتمل آهي ۽ انهن مان زياده تر ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهنديون آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عورتن جي به پاڪستان جي معاشي سماجي ترقي ۾ ڪا خاص ونڊ نه رهي آهي ان جا سبب اسان جا موروثي ۽ مُدي خارج خيالات، تصور ريتون ۽ رسمون آهن. پهرين ته انهن ريتن ۽ رسمن جي سنگرن کي ٽوڙڻ جي شديد ضرورت آهي. عورتن کي پڙهڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. انهن لاءِ ملڪ ۾ هر شعبي ۾ برابري جي بنياد تي نوڪريون ڏيون وڃن. نه صرف نوڪري پر انهن کي هر جڳهه تي برابري جو درجو ڏنو وڃي. انهن جي وڌندڙ گهرو تشدد تي قابو پاتو وڃي. انهن سان ٿيندڙ ڏاڏاين ۽ هراسمينٽ متعلق ٺهيل پاليسين تي سچائي سان عمل ٿيئڻ گهرجي ته جئين انهن کي انصاف ملي سگهي. ٽين سفارش اِها آهي ته اڄ جا ٻار سڀاڻي جا معمار آهن. ملڪ ۽ قوم جا اڏيندڙ، اڳواڻ ۽ سرواڻ آهن. انهن کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اڄ پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان به مٿي ٻار اسڪول نه ويندا آهن. ان جو جيڪڏهن سال جو معاشي نقصان جو ڪاٿو لڳائجي ته ملين ڊالرن کان به مٿي ٿيندو. ٻارن جي تعليم کي يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه تعليمي سليبس ۽ ٽيڪسٽ بڪ به تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻارن کي علمي ۽ ڪتابي تعليم سان گڏوگڏ انهن کي هنري سکيا جي جي باري ۾ پڙهايو ۽ عملي طور تي سيکاريو وڃي. انهن جي شخصيت جي به تخليق ڪئي. اسڪولن جو اهڙو نظام ۽ ماحول هجي جو ٻار اتان ارسطو ۽ فلاطون ٿي نڪرن. انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو جذبو انهن ۾ هجي. ڇوٿين سفارش اِها آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي ڪرڻ جي ضرورت آهي. آئي سي ٽي جو شعبو پاڪستان جي معيشت ۾ بي پناهه نواڻ پيدا ڪري ان ۾ ترقي پڻ آڻي سگهي ٿو. پنجين ملڪ جي مادي ترقي لاءِ اِها سفارش آهي ته وسيلن جي برابري جي بنيادن تي ورڇ ۽ ونڊ ڪئي وڃي. جنهن علائقي يا صوبي مان ڪا قدرتي معدنيات نڪري ٿي ان علائقي کي ان جي رائلٽي ڏني وڃي. جڏهن وسيلن جي ونڊ صحيح ٿيندي ته ملڪ خد به خد ترقي جي راهه تي گازمن ٿي ويندو. ۽ ان کان علاوه صوبن اندر وسيلن جي ونڊ جو مسئلو به حل ٿيندو ۽ عوام به خوشحال ٿيندي. ان کان علاوه ڇهين سفارش اخلاقي بهتري آهي جنهن ۾ اسان کي سچائي، ايمانداري، ذميواري، مثبت باهمي تعلقات، عزت و احترام، مثبت ۽ هاڪاري روين کي اپنائڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اِهي رويا يا اصول ڪنهن به ترقي يافته تهذيب جا بنياد آهن. گهٽ ۾ گهٽ اسان پنهنجي پاڻ سان ته سچا ٿيون ته هي اسان جو ملڪ آهي اسان هتي پيدا ٿيا آهيون هي زمين ڌرتي، مٽيءَ  ۽ ماڻهو اسان جا پنهنجا آهن جيڪڏهن اسان انهن جي باري ۾ غلط سوچينداسين يا انهن جو حق کائينداسين ته پوءِ اسان وڏا مجرم ۽ ڏوهاري آهيون. تنهنڪري ملڪ اندر وڌندڙ نفسانفسي ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. 

اجتماعي يا مجموعي ترقي جو خواب ڪڏهن به پاءِتڪميل تائين نٿو پهچي سگهي جيستائتن اسان سڀ عملي طرح سان ڪم نه ڪنداسين. جنهن ۾ پهريون ۽ اهم ڪردار اسان جي حڪومت جو آهي پوءِ سياستدانن جو، ان کان پوءِ ملڪ ۾ موجود ادارن جو، سول سوسائٽي تنظيمن جو، ميڊيا جو، عورتن جو، نوجوانن جو ۽ هر ان فرد جو جيڪو پاڪسان جو شهري آهي. تنهنڪري هڪ گڏيل جدوجهد جنهن ۾ ايمان جي پختگي هجي، جنهن ۾ سچو ارادو هجي، جنهن ۾ سچي محبت هجي، جنهن ۾ پنهنجي ملڪ جي عوام لاءِ درد هجي اهو ئي عمل ۽ رويو  غربت کي ختم ڪري ترقي ۽ خوشحالي جي راهه هموار ڪندو. ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ اسان سڀني کي هڪ ذميوار شهري جو مظاهرو پڻ ڪرڻو پوندو.