ٽيڪس وصولي ۽ عورت جو ڪردار

 

هڪ وقت هو جو سون مياڻي تان ان دور جي دلورا بادشاه صرف هڪ شخص مورڙي جي چوڻ تي اتي جي سـڄي  رياست تان ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ دور اهو به گذريو آهي ته ، سنڌ جي هڪ بادشاهه ڄام تماچي رڳو پنهنجي هڪ راڻي جيڪا ان وقت جي شاهي رسم ۽ رواج کان هٽي ڪري هڪ انتهائي غربت ، اٻوجهائي ۽ اڻڄاڻائي جي ورچڙهيل ڪميونٽي مان هئي . يعني نوري مُهاڻي. جنهن جا مائٽ سارو ڏينهن ڄار ڪلهي ڪري ڍنڍن مان ڊينڊ جهلي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا. پر جڏهن سمي ڄام جي اک ان ککيءَ هاڻي نوري جي نياز ۽ نوڙت ڏسي مٿس موهجي پئي ۽ سنڌ جي تخت هلي مهاڻن جي گندگيءَ ڀريل مڇيءَ جي ڇٽ وارين جهوپڙين ۾ نوريءَ سان لانئون لڌيون ته نوريءُ جي چوڻ تي سنڌ جي ان وقت جي سمورين ڍنڍن مان مڇي جي شڪار تان سمورا ٽيڪس ۽ محصول معاف ڪيا ويا.سنڌ جي تاريخ اهڙين ڪهاڻين ۽ قصن سان ڀري پئي آهي هي ته اهي ڳالهيون آهن، جن جي شاهدي اسان کي شاه لطيف جي بتن مان به ملي ٿي.هڪ دور اهو هو ۽ هڪ دور اڄوڪو آهي. اسان جي ملڪ جا اڳواڻ هڪ شخص تـ ٺهيو پر سڄي رياست جي عوام گھوڙا گھوڙا ڪري پوءِ بـ ٽيڪس معاف نٿو ٿئي بيڻو وڌندو پيو وڄي.

هونئن تـ ٽيڪس وٺڻ جي شروعات حضرت عمر رضه کان ٿي هئي. ٽيڪس جو اهو پيسو گڏ ڪري  غريبن، يتيمن،محتاجن ۽ بيواه عورتن تي خرچ ڪيو ويندو هو. اڄ جي جديد دور واري ٽيڪس جي شروعات 1798 کان ٿي. جيڪا ان دوۡر جي حاڪم وليم پيش ڪئي. ٽيڪس مان گڏ ٿيل اهي پيسا مخالف ملڪن سان جنگ وڙهڻ لاءِ ڪم ايندا هئا. اسان جي ملڪ اهو قانون آزاد ٿيندي ئي يعني1947ع تي گود يا هنج ورتو. جنهن کي ايڪٽ 1922ع چيو ويندو هو. پوءِ اڳتي هلي اهو انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ تبديل ڪري1978ع تي لاڳو ڪيو ويو. ۽ پوءِ ان ۾ وقت سان گڏوگڏ تبديليون اينديون ويون.

هن وقت پاڪستان ۾ ٻن قسمن جا ٽيڪس ورتا ويندا آهن. جنهن ۾ هڪڙا ڊائريڪٽ ٽيڪس يعني (سڌاسنوان ٽيڪس) جيڪي سڌو سئنون ڪنهن بـ فهم ، اداري يا ڪاروبار جي وڌنڌڙ ڪمائي تي لڳن ٿا. ٻيا اڻسڌا ٽيڪس جيڪي اسان روزمره جي ضرورت جون جيتريون بـ شيون واپرائيندا آهيون انهن تي لڳن ٿا. پاڪستان ۾چار ٽيڪس جيڪي روينيو جي ذريعي اچن ٿا. اهي هي آهن:  1ـ جنرل سيلز ٽيڪس، 2_سنٽرل ايڪسائيز ڊيوٽي، 3_ڪسثم ڊيوٽي، 4_انڪم ٽيڪس.

روزمره جون جيڪي بـ شيون استعمال ۾ اچن ٿيون. انهن ۾ حڪومت طرفان روپين سان گڏوگڏ پيسن جو بـ واڌارو ٿئي ٿو. خاص ڪري گيس، پيٽرول، بجلي ۽ ٻيون شيون. اسان جي ملڪ ۾ 1961ع يعني صدر ايوب جي دوۡر ۾ جيڪا ڪرنسي استعمال ڪئي وئي ان ۾ 5، 10، 50، ۽ 25 پيسـ متعارف ڪرايا ويا. اهي سڪا صدر ذياالحق جي دوۡر تائين هلندا رهيا ۽ پوءِ آهستي آهستي اهي ختم ٿيندي ويا. اڃ جي تاريخ ۾ آّخري سڪو 1 روپي جو آهي. جيڪو هر امير ۽ غريب جي هٿن ۾ پهچي ٿو. تـ جڌهن اسان جي هٿن ۾ آّخري سڪو روپين ۾ اچي ٿو. تـ پوءِ حڪومت طرفان اسان کان هر شئي تان پيسن جي ڊمانڊ ڇو ٽي ڪئي وڃي. پاڪستان جي 20 ڪروڙ آبادي کان هر روز 80 پيسـ ، 20 پيسـ ، 50 پيسـ ، 60 پيسـ ورتا وڃن ٿا سڄي ملڪ مان اها رقم روزانو جي بنياد تي وصول ڪئي وڃي ٿي. هفتيوار، ماهوار ۽ سالانـ اها رقم لڳ ڀڳ لکن ، ڪروڙن ۽ اربن جي شڪل اختيار ڪري وڃي مڪلي خزاني ۾ گڏ ٿئي ثي. جنهن جو ڪو بـ، ڪٿي به حساب ڪتاب ئي نـ آهي. ۽ نـ ئي وري ڪير پڇا ڻو ڪري ٿو .

اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي عورتن جي رهي آهي. پر سندس جياپي جا ذريعا تمام گھٽ رهيا آهن. بلڪ نـ هئڻ جي برابر اڄ جي دور ۾ بـ عورت تعليم کان محروم آهي،صحت جي سهولتن کان محروم آهي، بنيادي حق نٿا ڏنا وڃن، روزگار ڪرڻ جا موقعا نٿا ڏنا وڃن. سياسي شعور کان بيخبر آهي، سماجي ڳالهين ۽ فيصلن کان بيخبر آهي، گھريلو تشدد ڪيو ٿو وڃي، هتي جي عورتن سان ناانصافي وارو عمل گھر کان وٺي ملڪي سطح تي هلندو پيو اچي. ان هوندي بـ اسان جي قوم جي نياڻين جي برداشت جي حد تـ ڏسو. جو هو ملڪ جي معيشيت ۾ ٻيڻو حصو ڀري ٿي17 فيصد ٽيڪس ڀري. هتي ٻن طبقن جون عورتون رهن ٿيون. هڪ شهري ۽ ٻيون ٻهراڙي ۾ رهندڙ. انهن ٻنهي طبقن جي عورتن جو ملڪي معيشيت کي وڌائڻ ۾ وڏو حصو آهي.

شهر جي عورت

توهان ڏسندا هوندا تـ وڏن شهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ رش عورتن جي هوندي آهي.عيد هجي، شآدي هجي، پارٽي هجي يا ڪو ٻيو پروگرام شهر جي عورت ٻارن کان وٺي گھر جي هر ڀاتي لاءِ ڪپڙن کان وٺي جتين تائين جي خريداري ضرور ڪندي آهي. ان سان گڏوگڏ گھر جو ڪجھ خاص ۽ ضروري سامان پڻ وٺندي آهي. اها خريداري هو سال ۾ 4 ڀيرا ضرور ڪندي آهي. جيڪڌهن جملي هڪ گھر ۾ 7 ڀاتي رهن ٿا تـ انهن جي شين تي ٽيڪس ٻدجي تـ ڪيترو ٿو ٿئي. هر هڪ ماڻهو جي خريداري تي ٽيڪس ٿئي ٿو. کاڌو، پاڻي، پجلي ۽ گيس جو خرچ وري الڳ هوندو آهي. اهڙي طرح هو ملڪي جي، ڊي، پي ۾ ڪنٽريبيوشن ڪري ٿي.

ٻهراڙي جي عورت  

پاڪستان هڪ زرعي آبادي ڪندڙ ملڪ آهي. هتي جي معشيت جو وڏو حصو زراعت تي مشتمل آهي. گھڻي ڀانڳي ڏٺو وڃي تـ ٻني ٻاري جو ڪم مردن کان وڌيڪ عورتون ڪن ٿيون.  صبح سوير کان وٺي شام تائين پوءِ اهو گۡڏ ڪڍڻ هجي يا گند گاهه ، وهر ڪرڻ کان وٺي لابارن تائين پنهنجي صحت جي به پرواه نـ ڪندي، هوءَ سمورو ڏينهن ٻني ۾ ڪم ڪري ٿي. پوءِ چاهي آسمان ۾ ڪيتري بـ تپش هجي. موسم ڪيترو بـ سرد هجي يا ، وري تيز برساتون هجن. پر هن کي ڪا بـ پرواه ناهي هوندي۽ نه ئي وري ڪو هن جي پرواه به ڪندو آهي . هر حال ۾ هي پنهنجي محنت جاري ۽ ساري رکندي آهي. جيڪڏهن هي محنت نـ ڪري تـ جيڪر اسان جي ملڪ جا سڀ ماڻهوبُک وگھي پنهنجو پساهه وڃائي وهن.

اسان جا حڪمران جڏهن ٽيڪس جو پيسو ميڙڻ شروع ڪندا آهن. تڏهن انهن کان اهو وسريو وڃي تـ هي اهو پيسو آهي جيڪو هڪ ماءُ پنهنجي ٻچي کي روئندو ڇڏي سڄو ڏينهن ٻني تي ڪم ڪري ڪمايو آهي. هي اهو پيسو آهي جيڪو سڄو ڏينهن خريداري ڪندي ٿڪاوٽ مان بيحال ٿي هڪ عورت ڏنو هو. جنهن جي لاءِ اسان ٻازار ۾ هڪ بينچ بـ رکي نـ سگھياسين. جو هو پنهنجي ٿڪ ڀڃي.

حڪومت کي گھرجي تـ غريب عوام تان هي ٽيڪس جو عذاب گھٽ ڪن. تـ جيئن اهي سۡک جو ساهه کڻي سگھن. ٽيڪس جا جيترا بـ طريقا آهن اهي سڀ امير طبقن، ادارن، ڪمپنين ۽ ڪارخانن کان وصول ڪيا وڃن. جيستائين انهن سمورن سرمائيدارن وٽان ٽيڪس جو پيسو نـ ايندو. تيستائين ملڪ جي ترقي ناممڪن آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>