معاشري جومظلوم طبقو

هن حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پاڪستان هڪ زرعي ۽ صنعتي ملڪ آهي. جنهن جو شمار دنيا جي چند اهڙن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جتي  بدقسمتي سان اڄ تائين انهنٻن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ وارن محنت ڪش مزدورن ۽ هارين جي مڪمل طور تي ڪا به سار سنڀال يا ڌيان نه ڏنو ويو آهي. پاڪستان جهڙي معاشري ۾ هارين ۽ مزدورن جو هر دور ۾ معاشي ۽ سماجي استحصال ڪيو ويو آهي. مزدورن ۽ هارين جي مسئلنکيملڪ جي اعليٰ اقتدار، ايوانن ۽ حڪومتي ادارن تائين پهچائڻ لاءِ حڪومت خد هڪ وڏي رڪاوٽ ۽ للڪار آهي.

ملڪ جي مجموعي ترقي ۾سڀ کان پهرين مزدور ۽ هاري طبقي جو وڏو هٿ هوندو آهي. ڇو ته اِهي اسان جي معاشري جا ٻه اهڙا ستون آهن جيڪي بنيادي معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آهن. پر ان جي عيوض انهن جي زندگي تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ پيچيدگين سان ڀري پئي آهي. اھي هاري ۽ مزدور پنهنجن ٻارن کي سٺي تعليم، صحت ۽ ان قسم جون ٻيون بنيادي سهولتن مهيا نٿا ڪري سگهن. ان طبقي جي پوري زندگي معاش جي جنگ ۽ جدوجهد ۾ گذري ويندي آهي. اسان جي ملڪ جو سياسي ڍانچو ڪجهه اهڙي انداز سان ٺهيل آهي جتي انهن کي معاشي اڻبرابري، بک ۽ بدحالي  ۽ اهڙين ٻين نامناسب روين کي منهن ڏيئڻو پوندو آهي. هارين ۽ مزدورن سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ڏاڏاين جو اهم سبب ملڪ ۾ موجود غيرمنصفانه سياسي معاشي نظام آهي.

پاڪستان ۾ هزارن جي تعداد ۾بين القوامي، قومي ۽ مقامي ادارا مزدورن ۽ هارين جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. بانڊيڊ ليبر جي هڪ سروي مطابق  اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته مزدورن ۽ هارين جي بنيادي حقن لاءِ ايترو ڪم ٿيئڻ جي باوجود به اھُي طبقا محرومي ۽ استحصالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. مزدورن، هارين، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ويڙهه صدين کان هلندي پئجي اچي. هر دور ۾ غريب طبقو پيڙجندو پيو اچي، اهو ان ڪري  ته امير پنهنجي دولت ۽ طاقت جي زور تي غريب طبقي جي استحصالي ۾ گهٽ نه ڪندو آهي. صدين کان هلندڙ هي ويڙهه موجوده دور ۾ به قائم و دائم آهي پر ان جا ڪجهه لاڙا ۽ رويا تبديل ٿي ويا آهن يا انهن ۾ جدت اچي ويئي آهي.اڄ به هاري زمين جي ڇاتي چيري ان مان ان اپائي ٿو ۽ مزدرو پنهنجي جسماني سگهه ۽ طاقت سان هي وڏيون وڏيون بلڊگون ۽ ان قسم جا ٻيا انيڪ ڪم ڪندو آهي پر افسوس انهن جي زندگي کي بک ۽ بدحالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نصيب ناهي ٿيندو.

(ILO)International Labor Organizationجي وصف جي مطابق جبري مشقت هر اهو ڪم آهي جيڪو ڪنهن شخص جي مرضي جي خلاف ان کان ورتو وڃي ۽ اهو شخص ان ڪم کي سزا جي طور ڪرڻ تي مجبور هجي. اسان جي معاشري ۾ هارين ۽ مزدرون کان جبري پورهيو ڪرايو ويندو آهي پوءِ انهن کي قرض ڏيئي ڪنهن وڏيري يا سرمائيدار هيٺ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. اهو رويو جبري مشقت جي ذُمري ۾ اچي ٿو، جيڪو هڪ تمام وڏو ڏوهه آهي. ان کان علاوه موجوده دور ۾ غلامي پڻ هڪ جبري مشقت آهي. خاص طور تي ايشيا کنڊ جي زرعي معاشرن ۾ ان قسم جا رويا ۽ لاڙا اسان کي عام جام نظر اچن ٿا. اسان جي معاشري ۾ اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن پيءُ ڪنهن زميندار يا جاگيردار جو هاري آهي ته پٽ به انهن زميندار ۽ جاگيردار جو غلام ٿي پوري زندگي بصر ڪندو. هاڻي اهڙي غير انساني رويي کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي ڇو ته انسان غلام نه پر آزاد پيدا ٿيو آهي ان کي پنهنجي زندگي آزادي ۽ عزت سان گذارڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي.

هون جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جبري مشقت پاڪستان ۾ تقريبن هر شعبي ۾ اسان کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نظر ايندي. عورتن کان وٺي ٻارن تائين اسان جو معاشرو ملڪل طور تي جبري پورھيو تي مشتمل آهي. هڪ هاري کان وٺي اهو مزدور جيڪو سرن جي بٺي ۾ تپندڙ باهه جي سامهون پنهنجي پوري زندگي نڇاور ڪري ڇڏيندو آهي.اهي ماڻهون اسان جي معاشري جي اڏاوت، سماجي بهبود، ۽ معيشت جي ترقي ۽ اڀار ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪندا آهن. پر بي رحم معاشرو انهن کي انهن جا جائز حق ڏيئڻ کان هميشه ڪيٻائيندو رهيو آهي.

هاڻي  هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انهن مسئلن جو ذميوار ڪير آهي؟ حڪومت ،وڏيرو، جاگيردار،مالڪ يا عام ماڻهو؟ جئين ته آئون پهرين ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته اسان جو سياسي ۽ حڪومتي ڍانچو، جاگيردار ۽ سرمائيدار ۽  ملڪ جو پورو نظام ئي اهڙين روين جو ذميوار آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مزدور ۽ هارين کي پنهنجا جائز بنيادي حق نٿا ڏنا وڃن.

پاڪستان جي آزادي کي 70 سال گذرڻ جي دوران ملڪ ۾ هزارين مسئلا موجود آهن. ملڪ ايستائين ترقي ناهن ڪندا جيستائين ايوانن ۾ ٺهيل قانونن کي صحيح طرح سان عمل ۾ نه آڻبو ۽ انهن کي لاڳو نه ڪيو ويندو. انهن روين جا ذميوار اسان جا موجوده سياسي سربراهه آهن جنهن جو ڪم عوام جي خدمت ۽ رليف ڏيڻ آهي. اليڪشن ويجهو اچڻ وقت هر اهوسياسي اڳواڻ  هر ان غريب تائين پهچي وڏي زور ۽ شور سان تقريرون ڪندا آهن. ايئن لڳندو آهي ڄڻ هن مهل هن گھڙي هن عوام کي هي وڏو رليف ڏيندا. پر جڏهن اليڪشن جو مرحلو پورو ٿي چونڊيل نمائندا جڏهن پنهنجي ڪرسي تائين پهچندا آهن ان کان پوءِ اهائي ساڳي غريب عوام جنهن ان ليڊر کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ان منزل تائين پهچايو ان چونڊيل ليڊر جي اها ذميواري آهي ته ان ساڳئي غريب عوام جنهن هن کي قيمتي ووٽ ڏيئي منزل تائين پهچايو ان جي غربت کي ختم ڪري انهن جي ٻارن جي تعليم جو بندوبست ڪري، سستي صحت جون اسپتالون قائم ڪري. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ تائين پاڪستان ۾ اهو ڪو به ذميوار چونڊيل نمائندو ڪونه چونڊجي آيو آهي جيڪو خاص طور تي غريب عوام، مزدور جيڪو سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ جي دوران مشڪل سان ٻه وقت ماني کائيندو آهي.

ان کان علاوه غريب عوام ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندي پئي وڃي ۽ امير ڏينهون ڏينهن اميرٿيندو پيو وڃي هڪ غريب مزدور جيڪو بٺي تي 12 کان 16 ڪلاڪ ڪم ڪندڙ هن ڏکن سُکن واري زندگي ۾ به پنهنجي منزل ڏانهن گامزن آهي.  اڄ اسان جي معاشري ۾ هڪ غريب مزدور جيڪو سرن جي بٺي تي ڏينهن رات محنت ڪری انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو به سماجي تحفظ نه مليل آهي. بٺي تي ڪم ڪندڙ مزدور سان گڏوگڏ انهن جي ٻارن جي تعليم جو ڪو بندوبست نه آهي. انهن جي ٻارن سان جنسي ڏاڍ sexual abuse غير سماجي ۽ انسانيت جي توهين ڪندڙ عمل جنهن ۾ وڏي عمر جو فرد عاقل يا بالغ ٻارن کي جنسي لاڳاپن لاءِ black mail  ڪرڻ يا پاڻ ۾ ٿيندڙ غيرسماجي ڪمن يا ڳالهين جو ٻئي ڪنهن تائين پهچائڻ، جنهن سان ٻار کي برو لڳي يا شرم محسوس ٿئي ٻارن سان جنسي ڏاڍ وڏي عروج تي پهتل آهي. هڪ غريب جبري مشقت ڪم ڪندڙ مزدور هڪ مخصوص قسم جي زندگي گُذارين ٿا، جيڪا تنهائي، اداسي، ۽ خاموشي کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. جنهن سان انهن جي ٻارن کي معاشري ۾ وڌڻ ۽ هڪ سٺو مقام حاصل ڪرڻ جا امڪان بلڪل به نه ٿا ٿين. ايئن جبري ڪم ڪندڙن جي ٻارن جو مستقبل تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ٿو ۽ هي قدرت جي طرفان مليل تحفو حسين زندگي بس هڪ خواب رهجي وڃي ٿو. ملڪ ۾ هر اداري ۾ قانون لاڳو ٿيل آهي پر تنقيد سان چوڻو ٿو پوي ته انهن قانونن تي مناسب طرح سان عمل نه پيو ٿيئي.

اهڙي طرح اسلامي جھموريه پاڪستان جي دستور جي دفعه نمبر 11 جي شڪ تحت هر قسم جو جبري ڪم کان منع ڪيو ويو آهي. ان خلاف هي قانون بانڊڊ ليبر سسٽم (ابوليشن) ايڪٽ 1992ع ۾ لاڳو ڪيو ويو ان جي دوران جبري مشقت مزدور طبقو غلاميءَ ۾ وڪوڙيل آهي. ڪامورا شاهي، وڏيرا، سرداري نظام ته اسان وٽ عام آهي. پاڪستان ۾ 2 سيڪڙو سياسي اڳواڻ22 ڪروڙ عوام تي حڪمراني ڪن ٿا ۽ انهن جي مستقبل جو فيصلو پڻ انهن جي هٿ ۾ هوندو آهي. آئين جي مطابق في ماڻهو 32 ايڪڙ زمين خريد ڪري سگھي ٿو، پر اسان جي سردارن ۽ جاگيردارن کي هزارين ايڪڙ زمين آهي. پنهنجي آس پاس علائقن ۾ جاگيردار يا زميندار قبضو ڪري هارين ۽ مزدورن کي جيل ۾ وجهرائي اتي پورهيو ڪرائن ٿا. يا انهن کان جبري ڪم وٺن ٿا انهن کي قرض ڏئي پوري زندگي اهي غريب مزدور انهن جي غلامي ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا آهن پر اهو قرض واپس نه ٿي سگهندو آهي انهن کي ايتري اجرت  نه ڏني ويندي آهي جو اهي ٻه وقت جي ماني کائي سگهن. مناسب تعليم نه هجڻ جي ڪري ٻارن جي روشن مستقبل جو خواب چور چور ٿي ويندو آهي. جنهن سان ٻار وڏو ٿي  غربت جي ڪري غيرسماجي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. جنهن ۾ چوري، ڦر، اغوا جھڙيون وارداتون شامل آهن.ان جي ڀيٽ ۾ وڏيري جو ٻار اعلي تعليم حاصل ڪري ٿو، سٺن ادارن ۾ پڙهي ٿو، پر اهي غربت جا ماريل ٻار انهن اسڪولن جي ٻاهريان شيون کپائن ٿا، امير جا ٻار ٽن وقتن جي ماني کائي پرسڪون ماحول ۾ آرام ڪن ٿا پرغريب جا ٻار ڳڀي جي ڳولا  لاءِ پورو ڏينهن محنت ۽ مزدوري ڪن ٿا، ڇا اهو کلو تضاد ڪونهي؟

اعليٰ اختيارن کان اها گُهر آهي ته انسانيت جي ناتي امير ۽ غريب جي وچ  ۾ وڌندڙ فرق کي ختم ڪيو وڃي.هارين ۽ مزدورن جي حقن کي حق سمجهي انهن جي آواز کي ٻڌو وڃي. ان کان علاوه انساني حقن جي خلاف ورزي، جبري مشقت جو خاتمو ڪري هڪ منصفانه نظام تشڪيل ڏنو وڃي جنهن ۾ سڀني کي برابر زندگي گذارن جو حق حاصل هجي. ان کان علاوه انهن مزدورن ۽ هارين کي قانوني تحفظ پڻ فراهم ڪيو وڃي. سرڪاري ادارن کي اهو نماڻو عرض آهي ته ٺهيل قانونن تي پابندي ۽ سنجيدگي سان لاڳو ڪيو وڃي ته جئين انهن قانونن مان محرومي ۽ استحصالي وارن طبقن کي ڪجهه  فائدو رسي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>