چوٿون صنعتي انقلاب

 

عالمي سطح تي تيزي سان ترقي ڪندڙ معلومات، مواصلات ۽ ٽيڪنالاجي جي لهرن جي وهڪ ۽ ان جي رواني کي روڪڻ محال آهي. جيڪڏهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي ته ان مان اسانکي ۽ اسان جي سماج کي ئي مجموعي طور تي معاشي ۽ سماجي نقصان ٿيندو. ڇو ته اسان ان دور کان پوري طرح پري نڪري چڪا آهيون جتي صنعتي انقلاب کي ناڪاري نظرن سان ڏٺو ويندو هو. جتي صنعتي انقلاب بابت فتوائون جاري ڪيون وينديون هيون. جتي صنعتڪاري کي معاشري جي ترقي کي روڪڻ واري آلي طور تصور ڪيو ويندو هو. جتي صنعت خلاف سخت لفظن ۾ مزاحمت ڪئي ويندي هئي. پر هيئنر جيڪڏهن اسان صنعتي انقلاب کي اپنائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته دنيا ۾ اڪيلا رهجي وينداسين. تنهنڪري جيڪڏهن اسان صنعتي انقلاب جي وهڪري کي روڪي نٿا سگهون ته پوءِ ڇو نه ان ۾ شامل ٿي ان مان بخوبي لاڀ وٺون؟ صنعتڪاري ۾ منهنجو هت مطلب اهو آهي ته صنعتڪاري ۾ وڌندڙ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري اسان ملڪ کي معاشي لاڀ سان نوازي سگهون ٿا. ها هت سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته صنعتڪاري جي ڪري وڌندڙ ماحولياتي آلودگي پوري دنيا جو سنجيده ۽ اهم ترين مسئلو آهي. ان تي قابو پائڻ لاءِ عالمي سطح تي جدوجهد ڪري صنعتڪاري کي ماحوليات جي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ راستا ڳوليا وڃن ته جئين انسان، ماحوليات ۽ ايڪو سسٽم کي نقصان نه پهچي.

چوٿون صنعتي انقلاب دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ اچي ويو آهي. تنهنڪري اسان کي چوٿين صنعتي انقلاب ۾ اچڻ لاءِ ضروري بنيادن تي تياري ڪرڻ گهرجي. ٽي کان چار صديون پهرين شروع ٿيندڙ صنعتي انقلاب اڄ اسان جي عام رواجي روين، ريتن ۽ رسمن کي ٽوڙي اسان جي معاشري ۾ مظبوطي سان سرايت ڪري چڪو آهي. تنهنڪري اچو ته پهرين ڇوٿين صنعتي انقلاب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون پوءِ ان کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد.  ڇوٿين صنعتي انقلاب کي سمجهڻ لاءِ لازمي آهي ته اسان کي اها ڄاڻ هجي ته پهرين، ٻي ۽ ٽين صنعتي انقلابن ۾ ڇا ڇا ٿيو آهي انهي تسلسل کي ذهن ۾ رکندي اسان ڇوٿين صنعتي انقلاب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا.

ارڙهين صدي کان پهرين، عام انسان جي معاشي ۽ سماجي زندگي جو دارو مدار زراعت ۽ مال مويشي تي هوندو هو. پر 18 صدي کان پوءِ زرعي انقلاب آهسته آهسته پهريون دفعا صنعتي انقلاب ۾ تبديل ٿي ويو. اهو چيو ويندو آهي ته پهريون صعنتي انقلاب جو جيڪو 18 صدي کان 19 صدي ۾ يورپ ۽ امريڪا ۾ واقع پيش ڪيو. ان عالمي سطح تي واڏا انقلاب برپا ڪيا تاريخ ۾ پهريون دفعا انسانن جو ڪم مشينون ڪرڻ لڳيون. ٻهراڙي جا علائقا شهرن ۾ تبديل ٿيئڻ لڳا ۽ زراعت جي جاءِ صنعتڪاري ولاري ڇڏي. ان دور جي ماڻهن صنعتڪاري جي خلاف سخت مزاحمت پڻ ڪئي ته جيڪڏهن مشينون انسانن جو ڪم ڪنديون ته پوءِ انسان ڇا ڪندا؟ سخت مزاحمت ۽ جدوجهد جي باوجود صنعتي انقلاب جو شروعاتي وهڪرو ايترو ته تيز هو جو ان وقت جي معاشرتي، سماجي ۽ معاشي قدرن کي ٽوڙي اڳتي وڌندو رهيو. اُهو ته صنعتي انقلاب جو شروعاتي دور هو تنهن وقت ۾ به عام عوام يا ڪجهه اجتماعتي گروپ ان کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام ويا. هينئر ته اهو انقلاب پوري دنيا ۾ سرايت ڪري چڪو آهي. تنهنڪري اسان کي به گهرجي ان مان مثبت فائدا حاصل ڪيون. پهرين صنعتي انقلاب ۾ ڪپڙي جون ۽ لوهه جو فيڪٽريون لڳايون ويون ان سان گڏوگڏ ٻاڦ جا انجڻ جنهن ۾ ريل شامل آهي ان جي ايجاد ڪئي ويئي.

ان کان پوءِ ٻيو صنعتي انقلاب جيڪو 1870ع کان 1914ع تائين واقع پيش آيو. اِهو اُهو دور هو جنهن ۾ پهرين کان ئي موجود صنعت کي  وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۽ مظبوط ڪرڻ  لاءِ نيون فيڪٽريون لڳايون ويون جنهن ۾ اسٽيل، تيل، ۽ بجلي نمايان آهن ۽ ان کان علاوه برقي طاقت کي استعمال ڪري وڏي پيماني تي پيداوار پڻ حاصل ڪئي ويئي. اهي تبديلون ڪي ننڊيون تبديليون نه هيون، بجلي جو اچڻ مطلب هاڻي انسان رات ۾ ڪم ڪري پيو سگهي. اسٽيل جو ٺهڻ يا ان جي دريافت مطلب وڏيون وڏيون بلڊگون ٺهڻ شروع ٿي ويون. پيٽرول تي هلڻ وارين انجڻن ٺهڻ جون تياريون ٿي ويون.  چوڻ جو مطلب ته ان دور ۾ انسان جي دماغ تمام تيزي سان ان طرف سوچڻ شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ صنعتڪاري ۾ نيا انقلاب برپا ٿيندا ويا. صنعتي انقلاب صرف يورپ ۽ امريڪا تائين محدود نه رهيو اهو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به پهچڻ شروع ٿي ويو هو. ڇو ته هي اهو دور آهي جنهن ۾اعليٰ سلطنتِ برطانيه تقريبن اڌ دنيا تي حڪومت ڪندو هو. ان دور ۾ جيڪي وڏيون تبديليون پيش آيون ان ۾ ٽيليفون، لائيٽ بلب ۽ فونوگراف وڏي اهميت جون حامل آهن.

صنعتڪاري ۾ ترقي جي رواني تيزي سان وڌندي رهي آهي. انسان پنهنجي دماغ کي استعمال ڪري هڪ نئي دنيا تخليق ڪئي آهي. اهو صنعتڪاري جو وهڪرو جيڪو 18 صدي ۾ شروع ٿيو اهو اڃان تائين وڏي جوش و جذبي ۽ اتها دلچسپي سا جاري وساري آهي. پهرين ۽ ٻي صنعتي انقلاب جي بيپناهه ايجادن ۽ حيرانگيز ڪارنامن کان پوءِ ٽيون صنعتي يا ڊجيٽل انقلاب جنهن کي موجود دور سان ڀيٽيو ويندو آهي ته اهڙي قسم جو انقلاب جنهن ۾ ٽيڪنالاجي تمام تيزي سان ترقي ڪئي آهي. هن دور جي انسان اينالاگ اليڪٽرانڪ ۽ ميڪاني الات کان وٺي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تائين پنهنجي پاڻ کي پوري دنيا ۾ مقبول ڪري ڇڏيو آهي. بقول ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي تي هن دور جي شروعات 1980ع کان ٿيئي ٿي جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. ان دور ۾ جيڪي نمايان ايجادون ٿيون آهن انهن ۾ پرسنل ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ معلومات ۽ مواصلاتي ٽيڪنالاجي. اهي اُهي جديد اوزار آهن جنهن دنيا کي عالمي ڳوٺ مثل ملائي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ اڃان وڌيڪ ترقي ٿيئي پئي اسان يقيني سان اهو نٿا چئي سگهون ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ ايترو تيزي سان ترقي ڪندڙ ٽيڪنالاجي ڪٿي دنگ ڪندي؟

جئين ته آئون پهرين به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته وڌندڙ ٽيڪنالاجي جي وهڪري کي روڪڻ اڻٽر ۽ نامناسب آهي. ٽين صنعتي انقلاب کان پوءِ هيئنر پوري دنيا ۾ ڇوٿين صنعتي انقلاب جو چوٻول ۽ هُل هنگامو متل آهي. جنهن جا اثرات تمام تيزي سان تعليمي، اقتصادي ادارن کان وٺي رياستي ادارن تائين پهچي چڪا آهن. اسان جو ملڪ اڃان ٽين صنعتي انقلاب کان به تمام گهڻو پري بيٺو آهي ڇوٿون ته پري جي ڳالهه آهي. آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي ڪجهه اسرندڙ ملڪن ۾ ڇوٿين صنعتي انقلاب لاءِ تياريون زور شور سان هلن پيون. هن انقلاب جو پايو يا بنياد ٽين ڊجيٽل انقلاب ۾ ٿيندڙ بي مثل ۽ گهڻ رخيون ايجادون ۽ تبديلون آهن. ڇوٿين صنعتي انقلاب ۾ ٽيڪنالاجي نه صرف اسان جي معاشري پر انساني جسم ۾ پڻ سرايت ڪري رلي ملي ويئي آهي. اڄ اسان کي ائين ٿو محسوس ٿيئي ته ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون کان سواءِ زندگي اڌوري ۽ اڻپوري آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ معاملو اِهو آهي ته اسان ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اڄ ڏينهن تائين سڄاڻڻ ۾ ناڪام ويا آهيون يا ڄاڻي واڻي اسان ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪري رهيا آهيون. تنهنڪري مثبت استعمال بدران ان کي منفي استعمال ڪري معاشرتي سطح تي انتشار ڦهلائي رهيا آهيون. ٽيڪنالاجي ۽ صنعتڪاري قدرت جي طرفان ڏنل موجوده دور جي انسان لاءِ هڪ بهترين انعام ۽ سوکڙي آهي.

ان کان سواءِ ڇوٿين صنعتي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾حيرت انگيز ۽ عجب ۾ وجهندڙ تبديلي آندي آهي. جنهن ۾ روبوٽس، مصنوعي ذهانت، نينوٽيڪنالاجي (هي ٽيڪنالاجي جي هڪ شاخ آهي جنهن ۾ 100کان وڌيڪ نينوميٽر طول و عرض ۽ رواداري سان معاملا ڪندا آهن، خاص طور تي انفرادي ائٽم ۽ ماليڪيول کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ)، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، بايو ٽيڪنالاجي، 3 ڊي پرنٽنگ ۽ خودمختيار گاڏيون ۽ وغيره وغيره. انهي ٽيڪنالاجي جي مدد سان انسان سمنڊن جي عميق پاتالن ۽ لامحدود ڪائنات  جي وسعتن جي کوج ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. نه صرف اهو پر معاشرتي، اقتصادي ۽ سياسي پيچيدگين کان وٺي هر عام و خاص ڪم جو ماپو و معيار ٽيڪنالاجي جي دائري ۾ اچي رهيو آهي. اڄ اسان جيڪڏهن ٿورو غور ڪيون ته جسماني فاصلا گهٽجي ويا آهن، پري جون شيون ويجهيون ٿي ويون آهن.ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جي هڪ شهر کان ٻي شهر تائين ويندي اسان کي تمام گهڻو وقت لڳندو هو پر اتي هاڻي اسان ڪجهه منٽن ۾ پهچي ويندا آهيون. دنيا جو تصور به عالمي ڳوٺ وارو ٿي ويو آهي. چوڻ جو مطلب ته دنيا سوڪڙجي ويئي آهي. اڃان خبر ناهي ته مستقبل قريب يا دور ۾ ڪيترو سوڪڙجي ويندي؟

هن دور ۾ ٽيڪنالاجي اسان جي معاشي زندگي کي بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ڪمپيوٽر جا ماهر يوٽيوب، فيس بڪ ۽ اهڙين ٻين ذريعن کي استعمال ڪري هر مهيني لکين روپيا ڪمائيندا آهن. مثال طور دنيا جي هڪ ڪوني ۾ ويٺل ڪنهن هڪ ساٿي صرف هڪ اپليڪيشن يا ايپ ٺاهي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ اهو هاڻي هر روز جي حساب سان لکين روپيا ڪمائي ٿو جئين ته ڪريم ۽ اُبر ٽيڪسي جنهن هلندڙ عام رواجي ٽيڪسي جي مارڪيٽ کي مات ڏيئي ڇڏي آهي. پاڪستان ۾ ڪريم ۽ اُبر ٽيڪسي کي شروع ٿيندي ڪو ٿورو ئي رسو ٿيو آهي ۽ ان ٿوري ئي رسي ۾ تبديلي اسان جي سامهون آهي. اهو آهي اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جو ڪمال. ان کان علاوه هاڻي ته ڪرنسي به تبديل ٿيندي پئي وڃي. لڳي ائين ٿو ته ڪاغذ وارو پئسو ڪجهه سالن ۾ ختم ٿي ويندو ان جي جاءِ تي ڊجيٽل ڪرنسي جو عروج هوندو. هئينر به اسان جي سامهون ڪجهه ان قسم جا مثال آهن جهڙوڪ بٽ ڪوائن يا ڪرپٽو ڪرنسي هڪ ڊجيٽل ڪرنسي آهي جيڪا ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ تي رکي ويندي آهي. ان ڪرنسي کي ڪير به ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. ان قسم جي ڪرنسي روايتي ڪرنسي جهڙوڪ روپئي جي طرح پرنٽ ڪو نه ٿيندي آهي.  هي ڪرنسي  ڪمپيوٽر جي ذريعي عام ماڻهن طرفان ٺاهي ويندي آهي جيڪا ڏکيئي رياضي جي حساب ڪتاب کي حل ڪرڻ کان پوءِ حاصل ٿيندي آهي. هي ڪرنسي انٽرنيٽ جي ذريعي استعمال ڪري سگهجي ٿي. هن ڪرنسي جو باني سافٽ ويئر جو ماهر ساتوشي نڪاماتو آهي. هن ڪرنسي کي ٺاهڻ جو اهم مقصد اهو ئي هو ته هن کي ڪو به ادارو ڪنٽرول نه ڪري سگهي. ان کان علاوه هي ڪرنسي انٽرنيٽ تي خريد و فروخت جي لاءِ تمام اهم ۽ گهٽ قيمت تي استعمال پڻ ڪري سگهجي ٿي.

آخر ۾ اِهو ته جديديت ۽ صعنتي انقلاب جيڪو اڄ عالمي سطح تي هر اداري ۽ انسان جي نفسيات ۾ ڇائنجي ويو آهي. اهو هڪ اهڙي قسم جو انقلاب جنهن ۾ تيزي سان وڌندڙ نئي ٽيڪنالاجي انسان جي جسماني، حياتياتي ۽ ڊجيٽل دنيائن کي پاڻ ۾ هڪئٻي سان ملائي يا ڳنڊي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه اهو انقلاب انسان جي تقريبن هر ضابطي تي اثرانداز ٿي رهيو آهي جهڙوڪ  معيشت ۽ صنعتڪاري. ڪلاز شئاب جيڪو هڪ جرمن انجنيئر ۽ معاشيدان هو ان موجوده صنعتي انقلاب کي ”ٻي مشيني دور“ جو نالو آهي ڇو ته وڌندڙ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو معيشت تي تمام گهرو اثر پيو آهي ۽ پئجي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ پوندو. تنهنڪري اچو ته اسان پنهنجي نسل کي ڇوٿين صنعتي انقلاب لاءِ تيار ڪيون ته جئين اسان هن ڳوٺ مثل دنيا ۾ زندهه رهي سگهون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *